منهنجو نالو سيد علي محمد شاه آهي۔منهنجو ڪم آهي لاکيڻي لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجون ناقص ڪوششون ڪرڻ۔مون کي هن سٿ تي دوستن جون ڪوششون ۽ ڪاوشون ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي۔اميد ته ساٿ سلامت رهندو۔http://www.facebook.com/group.php?gid=150109135011440
جواب: تعارف سائين علي محمد شاهه صاحب، توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار چئجي ٿو، هي محفل توهان جهڙن سنڌ دوست ماڻهن جي ساٿ سان ئي سجي آهي، توهان کي دعوت آهي ته لاکيڻي لطيف جي پيغام کي سنڌ سلامت جي ذريعي عام ڪريو، اچو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿاري، ٻانهن ٻيلي بڻجي دنيا کي ٻڌايو ته سنڌ ڇا آهي، سنڌيت ڇا آهي، لطيف ڇا آهي، لطيفيات چا آهي... جيئي لطيف جيئي سنڌ
جواب: تعارف محترم سائين سيد علي محمد شاه صاحب سنڌ سلامت جي محبت ڀريي اڱڻ تي اوهان کي ڀليڪار پيا ڪيون۔ دوستو ! سائين علي محمد شاه لاکيڻي لطيف جي پيغام کي سهڻي رنگن ۾ سميٽي ماڻهن تائين پيو پهچائي۔ پاڻ اهو ڪم فيس بوڪ تي تمام سهڻي نموني پيا پيش ڪن۔ اسان جون اکيون ٿڌيون جو شاه صاحب اسان جي ساٿ ۾ شامل ٿيو آهي۔ ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛ ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛ تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا شاه صاحب اسان اميد ٿا ڪريون ته هر قدم تي اوهان اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا خاص ڪري لطيف سرڪار جي پيغام کي سمجهڻ ۾ هڪ دفعو وري اوهان کي ڀليڪار۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف محترم سائين سيد علي محمد شاه صاحب سنڌ سلامت جي محبت ڀريي اڱڻ تي اوهان کي ڀليڪار چئون ٿا اميد ته اوهان سان تمام ڀلو ساٿ رهندو ۔
جواب: تعارف سائين علي محمد شاه صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون سائين اسان جو مقصد ئي اهو آهي ته سنڌ ، سنڌيت جي پرچار ڪرڻ مان توهان جي فيس بوڪ ڪيل محنت ڏسي چڪو آهيان ماشاالله تمام بهترين محنت آهي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ........... سدائين گڏ