• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنگ ۽ جيو بليڪ ميلر گروپ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سلمان ڪلمتي

سينيئر رڪن
ڪراچي (رپورٽ: تنوير آرائين) ڪيبل آپريٽر جيو ۽ جنگ جي هٿان ڊگهي عرصي کان بليڪ ميل ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين ان لاءِ خاموش رهياسين ته اسان جي آواز کي سياسي رنگ ڏئي اهي ماڻهو اسان جي ڪردار کي ڪري نشانو نه بڻائين. جنگ ۽ جيو جيڪي سچ جا علمبردار بڻيل آهن ۽ ان سچ جو اظهار هو صرف ۽ صرف پنهنجي ئي پرنٽ ۽اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڪن ٿا، هو وڏي سڪون سان سچ کي ڪوڙ ۽ ڪوڙ کي سچ ٺاهين ٿا ۽ اسان هينئر ايترا مجبور ٿي ويا آهيون جو نتيجن جي پرواهه کان سواءِ سموريون حقيقتون پاڪستان جي عوام جي عدالت آڏو رکون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار ڪالهه چيئرمين ڪيبل آپريٽر ايسوسيئيشن آف پاڪستان خالد آرائين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته جيو ۽ جنگ نه صرف اسان تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن پر اسان جي روزي روزگار کسڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جنهن جو تازو ثبوت جيو ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي اخبار جنگ ۽ دي نيوز کي استعمال ڪندي انهن اخبارن ۾ خبر شايع ڪئي ته ”ڏسندڙ ڪيبل آپريٽرن کي فيسون ادا نه ڪن.“ ممبئي حملن مان اهو مثال ڏسي سگهون ٿا ته جڏهن انڊين حڪومت اجمل قصاب کي پاڪستاني شهري قرار ڏنو ته جيو ٽي وي اهو واحد چينل هو جنهن سڄو زور لڳائي ۽ ملڪي مفادن کي نظرانداز ڪري فورن ان واقعي جي تائيد ڪئي هئي. گذريل ٻه مهينا پهريان جيو ٽي وي صدر پاڪستان جي حوالي سان غلط خبر نشر ٿيڻ تي جڏهن عوامي ردعمل سامهون آيو ته ان جو سڀ کان وڌيڪ نقصان صرف ڪيبل آپريٽرن کي ئي ڀرڻو پيو هو. ( روزاني عوامي آواز )
 
جواب: جنگ ۽ جيو بليڪ ميلر گروپ آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

مطلب ته جنگ ۽ جيو گروپ وارا پنهنجي سرپرستن وارو ڪم پيا ڪن۔۔۔۔ مطلب ته هنن جا سرپرست ڀتا خوري ڪن ٿا ۽‌ هي پاڻ‌ وري بليڪ ميلنگ ڪن پيا
 
Back
Top