• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاهه سائين جي سُر ديسي مان هڪڙي وائي ڪمپيوٽر جي چترڪاري سميت

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ واسيو، جيئي سنڌ، جيئن ته اسان سنڌي آهيون اسان کي گهرجي ته لاکيڻي لطيف جي شاعري کي پاڻ به حفظ ڪريون ته پنهنجي ٻچن کي به حفظ ڪرايون، اها ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي جو سوا سنڌ جي چند سنڌي ڏاهن ۽ سنڌي سُگهڙن جي ڪنهن به سنڌي ڀا يا ڀيڻ کي شاهه سائين جي چند هڪ بيت جي ڪي به بيت ياد ناهن، لطيف جو پيغام مطلب سنڌ جو پيغام، امن جو پيغام، پريت جو پيغام، سُونهن جو پيغام ۽ پريم جو پيغام اچو ته پريم جي هن پيغام کي سنڌ جي هر سپوت ۽ سپوتياڻي تائين پهچايون۔
هي هڪ غريباڻي ڪمپيوٽر جي چترڪاري آهي جيڪا توهان جي نظر ٿو ڪريان​

40724_461363458215_794048215_5407038_754861_n.jpg
 
جواب: شاهه سائين جي سُر ديسي مان هڪڙي وائي ڪميوٽر جي چترڪاري سميت

سائين نثار ناز سلام

اوهان لطيف سائين جي ڪلام ڇي بهترين انداز ۾ پيش پيا ڪريو۔

اوهان سر ديسي مان جيڪا وائي چونڊي آهي ان جو ڪو جواب ئي ناهي۔ هن سر ۾ لطيف سائين سسئي کي تڪليفون سهندي ٿڪجي پون کانپوء ڏوراپا ڏيندي به ڏٺو ويو آهي ته پٽون پاراتا ڏيندي به ڏٺو ويو آهي۔ جيئن چوي پئي ته :

اُٺَ ويرِي، اوٺارَ ويرِي، ويرِي ٿِـيَڙَمِ ڏيرَ؛
چوٿون ويرِي واءُ ٿِيو، جنھن لَٽِيا پُنھونءَ جا پَيرَ؛
پَنجون ويري سِڄُ ٿِيو، جنھن اُلَهِي ڪِي اَويرَ؛
ڇَھون ويري ڇَپَرُ ٿِيو، جنھن سَنوان ڪَيا نه سيرَ؛
سَتون ويري چَنڊُ ٿِيو، کِڙِيو نه وَڏِيءَ ويرَ؛
واھيري جِي ويرَ، ڇُلُون ڪَرِيان ڇَپَرين

جتن کي ۽ هر شئي کي ته پٽون پاراتا ٿي ڏي پر وري دعائون پئي ڪري ته اوهان خوش هجو جو منهنجي پنهل کي ڪا تڪليف نه پهچي۔

اوهان جا ٿورا جو هيڏا خوبصورت رنگ اسان سان ونڊ ڪندا ٿا رهو
 
اوهان جا ٿورا جو هيڏا خوبصورت رنگ اسان سان ونڊ ڪندا ٿا رهو[/quote
دوست اهو سنڌي حلالي پُٽ ئي ڪونه چئبو جيڪو لاکيڻي لطيف جي شاعري کان مُنهن موڙي، ۽ لاکيڻي لطيف جي در کان پاسو ڪري، اسان سان ته هاڻي اهڙي معاملو آهي جو جيئن جيئن سُهڻي لطيف جي ڪلام کي پڙهندو ٿو وڃان تيئن تيئن پنهنجو پاڻ کي وڃائيندو ٿو وڃان سُهڻي لطيف جي شاعري اهڙي ته نوان ۽ نرالا دڳ ڏيکاري پئي جو لطيف سائين جو لفظ لفظ مونکي پرين جو پيغام ٿو نظر اچي۔
 
Back
Top