ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا دوستو اڄڪلهه مجاز جا مينهن پئي وسائي هُو ڏات جي ديوي، ڪڏهن ساجن شرميلو ٿيو وڃي ته اڄ وري ساجن هاڻ پرائو ، آهي ته منهنجي دل جو آواز ٿي سگهي ٿو ڪٿي ڪٿي توهان جي دل جو آواز هُجي، جيڪي سڄڻ پنهنجون نظرون جهڪائي نينهن ڇني ويندا آهن انهن لا مجبوري آهي ته ساجن هاڻ پرائو جو نعرو لڳائڻو ٿو پوي، پنهنجا سڄڻ جڏهن پراوا ٿيندا آهن خبر پئجي ويندِي آهي ته گهڻي ويهين سئو ٿيندو آهي۔
    ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي چٽيل هي چترڪاري ساجن هاڻ پرائو وائي جي روپ ۾ پيش خدمت آهي​


    [​IMG]
    پيارا دوستو توهان جي واڌو ڪاٽو ٻنهي راين جو منتظر رهندس
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    واھ سائين اسان چرين عاشقن کي مارڻ جي لا اوهان جا هي لفظ ئي ڪافي آهن۔
    باقي شاعري جي ته مان هميشه تعريف ئي ڪندو آهيان۔۔۔۔منهنجو اوهان کي سلام آهي۔۔۔مان ته ائين چوندم ته اوهان مهان شخصيت آهيو۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    پيارا عاشق دم جهل ! ۔۔۔۔۔۔۔ عاشق ته ،

    جي هُو پائينِ ڪانُ ڪمان ۾ ، ته سينو سُپر رَکُ،
    مُنهن ۾ معشوقن جا ، چاڪ چٽڪا چَکُ،
    سُورِي ڀان مَ شَڪُ، ”عاشق“ ٿي ته اُبهَين ! (شاهه سائين)​

    تون پنهنجي پاڻ کي عاشق سڏائين پيو ۽ وري مرڻ جي ڳالهه به پيو ڪرين، اها توهان چرين ”عاشقن“ جي اسان مٿان ذره نوازي آهي جو اسان جي شاعري توهان کي توهان جي دل جو آواز لڳندي آهي۔ پيارا تنهنجا سلام اسان جي اکين تي۔ لک لائق۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    منهنجو مطلب ته جيستائين ساجن جي شادي نه ٿئي ته پنهنجو ۽ جي سندس شادي خانه آبادي ٿي وڃي ته پرائو ۔۔۔ اسين مجازي محبوب کي تيستائين پرائو نه سمجهون جيستائين هو ڪٿي وڃي نالي نه ٿئي ۔۔۔ پر جي هو نالي ناهي چڙهيو ته پنهنجو آهي، آس ۽ اميد رکي سگهبي ۔۔۔

    پر جڏهن محبوب پرائو ٿي وڃي ته ڪنڌ تا ڇا سڀ حواس جهڪي پونٿا ۽ ماڻهون ويڳاڻو ٿيو پوي،

    جيئن هڪ گيت آهي ته جنهن سان دلڙي لڳي تنهن کان ڌار ٿيڻ، اهو ناهي مرڻ ته ٻيو ڇاهي ڙي!

    ۔۔۔ رب پناهه ۾ رکي اسانجي ناز کي ۽ دعا آهي ته هو محبوبن جي ميلن ۾ هجي ۔۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    سائين منهنجا سٺي شيئرنگ آهي.
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    مٺا نثار لک لائق جو هن ٽي درجي واري شاعر جي حقير وائي تي پنهنجا ويوز ڏنا، يار ڇا ڪجي، اهي جُدايون ۽ ميلا، زندگي جو حصو آهن، ماحول ۾ رچيا وسيا پيا آهن، هڪڙو شاعر به انهي ماحول کي ايڪسپوز ڪندو آهي، شاعر گُلن جي نگري ۾ نڪري ويو ته سُرهاڻ ۽ خوشبو جِي ڳالهه ڪندو ۽ وري شاعر، ڪنڊن جي ديس ۾ پهتو ته ظاهر آهي ڪنڊن جِي پيڙا ڏيندڙ تڪليفن جي ڳالهه ڪندو، هي دور موبائل جو آهي ان دور ۾ ڪو بدنصيب هوندو جنهن جو ساجن پرائو ٿِي وڃي پر اڳوڻي دور ۾ جڏهن موبائل ، جڏهن انٽر نيٽ ، جڏهن اليڪٽرانگ ميڊيا جو تصور ئي ناممڪن هو ان وقت جا سوين مجنون، سوين فرهاد، سوين سسئيون، سوين سُهڻيون، پنهنجي پنهنجي ساجن کي پرائو ڏسي گهورِي جان جتن تان ڪري ڇڏيندا هُئا۔ مهرباني ادا۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    ادا رياض حُسين گلال سائين منهنجا تنهنجو به ٿورائتو آهيان جو منهنجي هي غريباڻي تخليق توکي سُٺي لڳي۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    سائين نثار سلام

    اوهان جي هي وائي پڙهي پريشان ٿي ويو آهيان ته پاڻ کي جهور پوڙهو سڏرائيندڙ نثار هي ڪهڙي چڪر ۾ وڃي پيو آهي۔ لڳي ٿو هن عمر ۾ وري ڪنهن عشق جي چڪر ۾ پيو آهي جي ايئن آهي ته پو سنڌ سلامت جو مڙئي خير آهي رشيد سمون کي پاڻ کي ئي سنڀالڻي پوندي۔


    عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنسِ ڳَڀرُو؛
    جِيَ جُسي ۽ جانِ جِي، ڀڃي جو هيڪاندِ؛
    سِسِي نيزي پاندِ، اُڇل ته اَڌ ٿئي


    هاڻي ساجن کي پرچائڻ به پاڻ کي ئي کپندس ۔ پر معشوق جا نرالا نخرا ڪٿي هي ناز ۔ اهو شرميلو ساجن الائي ڪيئن ٻئي جو ٿيو ان وائي جو به انتظار رهندو۔

    پر وائي ڪمال جي چئي اٿس۔ هر مصرع لاجواب آهي۔ اڄڪله ناز جي شاعري ۾ نکار اچي ويو آهي۔ دعا آهي ته هميشه خوش رهي ۽ شرميلي ساجن کي پنهنجو ڪري وٺي۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    پيارا وساڻ پريشان ٿيڻ جي ڪائي ڳالهه ڪانهي، اسان جِي انهي اسي مت کسي جا پار آهن، ان ڪري سنڌ سلامت کي اڄ يا سڀاڻي ادو عبدالرشيد سمون ۽ ڀائو محمد سليمان وساڻ پنهنجي ڪُلهن کڻي پار پهچائيندا سهڻي الله سائين جي فضل ۽ ڪرم سان، باقي هي ٽي درجي وارو شاعر ناز ڇا ٿو سوچي ان جي خبر نثار کي به ڪانه ٿِي پوي ! ڪڏهن ڪڏهن نثار انهي ناز کان ايترو ته آزرت هُوندو آهي، جو مٿي تي هٿ هوندا اٿس، ۔ توکي في الحال شاهه سائين جو هي بيت ڏيان ٿو ته
    جَتا ! شال جِئو ! جِئو ! ٿا جاڙُون ڪريو ؟
    ٻانڀڻ کي ٻروچَ ري ٻيلِي ناهي ٻيو،
    ڇِنَڻ تان نه ٻِيو ، هِي سَڱُ نه ڇِنَڻَ جهڙو !(شاهه سائين)​

    جيڪي ساجن پراوا ٿيندا آهن انهي کي صرف دُعائون ڪبيون آهن ، شاعر نثار ناز کان ساجن ڪاوڙيو ٿورئي آهي جو وري ان کي پرچائجي، هتي ته ساجن پرائو ٿِي ويو آهي۔ سو شاعر کي ساجن پرچائڻ جو لکي مونکي ته پاڻ تو پريشان ڪري ڇڏيو آهي۔
    باقي ناز جي شاعري ۾ نکار اچي ويو آهي واري ڳالهه ته دوست وساڻ اهوتوهان جي نينهن جو ڪمال آهي جو ايڏيون همت افزايون ڪريو ٿا، اسان ۽ اسان جي شاعري هميشهه جيان سدائين نشان تي سدائين امتحان ۾۔ لک لائق۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    الله جا لک لک شڪر آهن جو ڪمپيوٽر تي ٿورو مغز ماري ڪيم، هاڻي وڃي مس ڪي اوهان جي هن سهڻي ڊزائين سان ڀريل تصويرن کي ڏيکارڻ شروع ڪيو اٿئين۔ نه ته اڳ ۾ ته مست جو ڪمپيوٽر به نابري واري بيٺو هو ته نه مست نه۔۔! سائين نثار ناز جي شاعري هجي يا سنڌ سلامت جو ٻيو مواد، توکي تصويرون ڏسڻ ڪونه ڏيندس۔۔ هاڻي توهان تي جيئن ڏات جي ديوي راضي ٿي آهي ايئن وري مست جو مستڙو ڪمپيوٽر راضي ٿيو آهي۔۔۔۔۔۔
    اوهان جي شاعري ته اونئين ئي ڪمال آهي پر اڄ ڪلهه سائين سليمان جي ڳالهه وانگر توهان جي شاعري ۾ هڪ نئون جذبو اُڀريل ڏسجي ٿو، جنهن جذبي واري ماڻهو کي اسان جهونو ته ڪنهن به صورت ۾ سڏي ڪونه ٿا سگهون... ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ ته جهونا ته فقط کٽ تي ويهي يا ته حقو پيئندا آهن يا وري در جي ٻاهران بيهي هيڏانهن هوڏانهن لوڻون هڻندا آهن... ها ها ها ..... پر اسان جي سنڌ سلامت جو جهونو سڏرائيندڙ شاعر پنهنجو مٽ پاڻ آهي..
    توهان جي شاعري ته اونئين ئي ڪمال آهي پر ان ۾ جيڪو نکار هاڻي اچي پيو اهو سڀني کي محسوس ٿئي پيو، ڇو ته خالص تبديلي اها ئي هوندي آهي جنهن کي هر ڪو محسوس ڪري. خاص ڪري عشق ۽ ساجن تي لکيل اوهان جي تازي شاعر ڪمال آهي... حقيقت جي ويجهو به آهي ڇو ته عشق جي ريت اها آهي ته ڪڏهن ساجن شرميلو ته ڪڏهن وري ساجن پرائو... پر جيڪي ساجن کي ماڻي وٺن ٿا، انهن لاءِ ساجن پرائو نه پر ساجن پنهنجو ٿي ويندو آهي..

    نيــــڻ وســـن ٿـا هــــر هـــــر منهنجا،
    ڄڻ ڪي سانوڻ مينهن الو ميان!

    ناز جُهڪائي نظرون پنهنجيون،
    نيٺ ڇني ويو نينهن الو ميان!

    سائين! مست طرفان اوهان کي هڪ پتڪڙي گذارش آهي ته ڏات جي ديوي کي ڪجهه ساهي ڏيئي مست ڏانهن موڪليو، مست کان ڏات جي ديوي رسي وئي آهي تڏهن ته کيس قلم پڪڙڻ به وسري ويو آهي..
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ساجن هاڻ پرائو وائي (نثاراحمد ناز)

    پيارا مست، شڪر جو تنهنجو ڪمپيوٽر ٺيڪ ٿي ويو، نه ته منهنجي پڻ حسرت رهجي وڃي ها ته منهنجي هِي غريباڻي شاعري ۽ مسڪيناڻي، چترڪاري جو تون مشاهدو نه ڪري سگهيئن! خير وري دل تي ڇنڊو لڳو جو ڪمپويٽر ٺيڪ ٿي ويو ۽ توهان مشاهدو ڪيو، مونکي اڄ خبر پئي ته مستن جا ڪمپيوٽرڙا به مست هُوندا آهن توهان سان گڏ توهان جي مست ڪمپيوٽر جو خير هُجي۔ جهوني نثارناز سان سدا جوان رهندڙ، ڏات جي ديوي ، في الحال وڏا قرب ڪري پئي جو جوان ۽ مجاز سان ڀريل لکڻيون توهان سان ونڊ ڪريان پيو، مان جهونو آهيان ان ۾ ڪنهن به ڳالهه جو شڪ نه هُئڻ گهرجي پر مون ڪڏهن به ائين ڪونه چيو آهي ته ڏات جي ديوي جهوني آهي، هُو سدائين سنڌ جي رابيل جي گُلن جيان نکريل نکريل هوندي آهي، چنڊ ۽ سورج وانگر روشن روشن هوندي آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو منهنجي نڪور ۽ نوجوان لکڻين کي تون مون سان ٿو تشبيهه ڏين۔ جيڪڏهن ائين ڪرڻ سان تنهنجي دل خوش ٿئي ٿي ته مونکي جاني ڪوبه اعتراض ڪونهي۔ ڀلي مونکي منهنجي نوجوان ۽ نڪور لکڻين جيان نوجوان سمجهه ۔توکي منهنجي شاعري سدائين سُٺي لڳندي آهي انهي ڪري جو تون خود سُٺو ماڻهو آهين، تنهنجون ڀلوڙ ۽ مست همت افزايون سدائين مونکي گهڻو ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪنديون آهن، ڇا ڪريان جڏهن تون مست ، تنهنجو ڪمپيوٽرڙو مست، لازمي آهي تنهنجون همت افزايون به مست هونديون نه ۔ ڏات جي ديوي جو سدائين انتظار ڪندو ڪر، هُو ڪڏهن به ۽ ڪهڙي به روپ ۾ تو وٽ اچي سگهي ٿي، هُو آزاد ، بالغ ۽ وات وڪيل آهي، هُن تي ڪنهن به ڪانڀو خان جي دڙڪي دڙي جو اثر ڪونه ٿو ٿئي۔ هُو جي تون غمگين آهين توکي خوشين جا اڻ ميا خزانا ڏئي سگهي ٿي، هو جيڪڏهن خوش آهين ته تنهنجي اکين مان بن بادل جي برسات ڪرائي سگهي ٿي، بس تون ٿورو انتظار ڪر اجهو ڪي اجهو تو وٽ پهتي۔ لک لائق ادا مست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو