(ويٺي ويٺي هڪ واقعو ياد اچي ويو) ڪجھ سالن پهريان جي ڳالھ آهي جڏهن مان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس،اسان جي ڳوٺ جي ڀرسان هڪ مڇيء جو تلاء هوندو هيو،جيڪو ملاحن ميربحرن جو هيو،ان تي هڪ چوڪيدار چونڪي ڏيندو هيو جنهن جو نالو ته ڌڻي بخش هيو پر ان کي سڀ ننڍا وڏا ڌنو ڌنو ڪري سڏيندا هئا..نهايت ئي صادو ماڻهو هيو...پوري زندگي ان ڪچي جي جنگ ۾ گذاري هئي....هو ڪتن جو پڻ شوقين هيو....مان اڪثر شام جو ان سان ڪچهري ڪرڻ ويندو هيم..مان هڪ نه پر ڳوٺ جا تقريبن سڀ ڇوڪرا...هو وڏا وڏا قصا ٻڌائيندو هيو....وڏيون ڏاهپ جو ڳالهيون ٻڌائيندو هيو......جنهن مان تقريبن مانکي سڀ ياد آهن هي وقعو ان جي زباني مان اوهان سان ونڊ ٿو ڪريان هڪڙا ڏھ سنڌي واٽ ورتيون وڃي رهيا هئا ته انهن مان سڀ کان اڳ ۾ جيڪو سنڌي هيو ان کي نانگ ڏنگ هڻي ويو.،اهو چپ رهيو ٻئي کي به ساڳئي نانگ ڏنگ هيون اُهوبه چُپ رهيو،ٽئين کي به ساڳئي نانگ ڏنڳ هيون اُهوبه چُپ رهيو،آخر ڪار نون ئي سنڌين کي نانگ ڏنگي ويو جيڪو آخر ۾ ڏهون سنڌي بچيو جڏهن ان کي نانگ ڏنڳ هئيون ان رڙڪري چيو ائليڙي نانگ ڏنگي ويو.....تنهن تي ٻين سڀني سنڌين ڏند ڪڍي چيو اسان کي به نانگ ڏنڳيون......ته ان تي هڪ سنڌي انهن کي چيوته اوهان ٻڌايو ڇونه ته سڀ چوڻ لڳا جيڪڏهن مانکي نانگ ڏنڳ هئيوته ٻيا ڇو بچي وڃن،سڀ هڪجهڙا هجون نه.....