منهنجو پهريون دفعو هانگ ڪانگ وڃڻ 1971ع ڌاري ٿيو. منهنجي عمر 26 سال کن هئي. يعني اها چاليهه سال اڳ جي ڳالهه آهي. هانگ ڪانگ ڪافي مٿي اتر ۾ هجڻ ڪري اتي ڪراچي، ڪولمبو يا ڪوالا لمپور واري گرمي نه هئي. ٻاهر منجهند جو گهمڻ ۾ به مزو آيو ٿي ته جهاز جي انجڻ روم ۾ به فرحت هئي. انهن ڏينهن ۾ ماضي جي ”ڊيوٽي فري“ بندرگاهه ۽ شاپنگ ڪرڻ وارن جي جنت عدن ۽ ڪولمبو، سوشلزم جي چڪر ۾ تباهه ٿي ويا هئا. ڪراچيءَ ۾ کاڌي پيتي جون شيون سستيون هيون، پر ولائتي شيون ٽرانسٽر ريڊيا، واچون، ڪوٽن ۽ پينٽن جو ڪچو ڪپڙو، سبيل ٺهيل قميصون ۽ ڪئميرائون وغيره مهانگيون هيون. انهن ڏينهن ۾ ڊيوٽي – فري بندرگاهن ۾ اهڙين ئي شين جي خريداري ڪبي هئي جيڪي آمريڪا، انگلينڊ ۽ جپان جون ٺهيل هوندي به انهن ملڪن ۾ به مهانگيون هيون. بس يورپ پاسي ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ ڪناري (canary) ٻيٽن مان هڪ ٻيٽ لاس پاماس هو جيڪو ڊيوٽي فري هجڻ ڪري ان ۾ سستائي هئي ۽ ويندي ڪوڪا ڪولا، سيون اپ، ڪئڊبري چاڪليٽ، شيونگ بليڊ، عطر ۽ شئمپو وغيره به اتان وٺبا هئا يا وري هيڏانهن ڏور اوڀر پاسي سنگاپور هو. سنگاپور ۾ اڃان اڄ واريون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون نه ٺهيون هيون. هر گهٽيءَ ۾ هيٺ دڪان هئا ۽ مٿي انهن جي مالڪن جا گهر، جيڪي ”شاپ هائوس“ سڏجن ٿا. اهي دڪان ولائتي شين سان ڀريا پيا هوندا هئا. ويندي ملائيشيا، ٿائلينڊ، انڊيا ۽ عرب ملڪن جا ٽوئرسٽ، هوائي جهاز ۽ پاڻي جا جهاز هلائڻ وارا سنگاپور مان شاپنگ ڪندا هئا. پر انهن ٻنهي بندرگاهن کان وڌيڪ سستو ۽ گهڻي سامان وارو بندرگاهه هانگ ڪانگ هو. اسانجي ڪمپنيءَ جا جهاز نه فقط چين پر جپان ۽ ڪوريا جي بندرگاهن ڏي به ويندا هئا جنهن روٽ تي، اسانکي ڪم نه هوندي به ڏينهن ٻه هانگ ڪانگ ترسڻو پوندو هو جو اسان جي جهازران ڪمپنيءَ جي ريجنل آفيس هانگ ڪانگ ۾ هئي. اسان گهران آندل پئسا ۽ پگهار جا پئسا هتي هانگ ڪانگ ۾ ئي خرچ ڪندا هئاسين. هانگ ڪانگ ۾ ٽئڪسي ۽ هوٽلن ۾ کاڌو پيتو به سستو هو جو سندس ڀرسان چين جو ملڪ آهي جتان ڀاڄي ڀتيءَ کان ميوو سستي اگهه تي سپلاءِ ٿيو ٿي. غربت به ڏاڍي هئي. بيروزگاري هئي. ڪجهه انهن ڳالهين ڪري به هانگ ڪانگ ۾ (Crime Rate)بدامني گهڻي هئي. ڪيترائي چورين چڪارين ۽ ڦرين جا ڪيس ٿيا ٿي. خاص ڪري رات جي وقت. ڌيان ۾ رهي ته هي مٿيون سٽون هڪ پاڪستاني لکي رهيو آهي. ان مان اندازو لڳايو ته ان وقت جي ان هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور کان اسان جو ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد پرامن ۽ پُرسڪون هو. اسان وٽ ولائتي شيون کڻي مهانگيون هيون پر لا ۽ آرڊر جي پوزيشن، تعليم جو معيار، انڊسٽري ۽ ٽيڪنالاجي توڙي ائگريڪلچر ۾ اسان گهڻو گهڻو اڳيان هئاسين. تڏهن ته هنن ملڪن ويندي جپان ۽ يورپ وارن اسان جي ملڪ جو سامان گهرايو ٿي. اسان جي ملڪ مان چانورن ۽ دالين جا جهاز ڀرجي وڪري لاءِ ولايت ويا ٿي. سوٽي ڌاڳي ۽ ڪپڙن جي تاڪين سان فل جهاز جپان ۽ ڪوريا پهتا ٿي، چمڙي جي جئڪيٽن ۽ گانگٽن جي پئڪ دٻن سان جهاز سڄي فارايسٽ (ڏور اوڀر) جي ملڪن ۽ آمريڪا ڏي ويا ٿي. راندين جو سامان ۽ ڪپهه ته سڄي دنيا ۾ وئي ٿي. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ٻيا ملڪ ويا اڳيان وڌندا، اسان پٺتي ٿيندا رهياسين. ايتري قدر جو اسان جي ناڻي جي ساک به ڪرندي رهي. 1968ع ۾ هڪ جونيئر انجينئر جي حيثيت ۾ منهنجو پگهار 400 رپيا هو پر ڊالر به چئين رپئي ڪو مس هو. جپاني يين ته چئن رپين ۾ (يعني هڪ ڊالر ۾) پنج سو ملندا هئا. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ته ڇا پر جپان ۾ به اسين جونيئر ٿي ڪري ٽئڪسين ۾ گهمندا هئاسين پر پوءِ اسانجي ملڪ جو سڪو ويو ڪمزور ٿيندو. چيف انجنيئر ٿيڻ تي پگهار ڏهوڻو ٿي ويو پر ٽئڪسيءَ ۾ چڙهڻ جي همت نه ٿيندي هئي جو جپان جو يين ۽ جرمنيءَ جو مارڪ ته ڇا سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جو سڪو به ايڏو سگهارو ٿي ويو جو هاڻ اسان پاڻ کي غريب سمجهڻ لڳاسين ۽ محسوس ڪرڻ لڳاسين ته ملڪ سياسي ۽ معاشي طرح سگهارو آهي ته ٿوري پگهار وارو به خوشحال گذاري ٿو. ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن اسان جي ملڪ جون به حالتون بهتر ٿي وڃن. چوطرف امن امان جو واءُ وري وڃي. في الحال ته حالت اها آهي جو ڪڻڪ ۽ کنڊ به ڌارين ملڪن کان گهرائڻي پوي ٿي. ڌاريو ماڻهو اسان جي ملڪ ۾ گهمڻ لاءِ اچڻ کان به ڪيٻائي ٿو ته خبر ناهي ڪٿي بم ڦاٽي پوي يا ڪِن هنگامن ڪري سندس موٽڻ واري اڏام ڪئنسل ٿي وڃي. هانگ ڪانگ ۾ آزادي هجڻ ڪري، مائوزي تنگ جي موچڙن جي ڊپ کان نه رڳو چين جا ٺڳ ۽ رنڊيون هانگ ڪانگ ۾ اچي جمع ٿيون هيون پر دنيا جي ڏوهارين، ٺڳيون ۽ فراڊ ڪندڙن هانگ ڪانگ جو رخ رکيو. پر اهو آهي ته انگريزن – جن جي هانگ ڪانگ تي حڪومت هئي، ويا قاعدو قانون سخت ڪندا ۽ آزاديءَ سان گڏ امن امان ۽ انصاف جون حالتون اهڙيون بهتر ڪيائون جو سڀ چور ۽ ٺڳ سڌا ٿيڻ لڳا. ڌارين ملڪن جا امير ۽ ڪارخانيدار پنهنجو پئسو هانگ ڪانگ جي بئنڪن ۾ رکڻ لڳا، ڪارخانا کولڻ لڳا، ايتريقدر جو هانگ ڪانگ جهازرانيءَ جو مرڪز ٿي پيو. هوڏانهن اسانجي ملڪ ۾ بئنڪون ۽ جهاز قومي ملڪيت ۾ داخل ڪرڻ تي اسانجي ملڪ جا جهازن جا مالڪ هانگ ڪانگ ۾ اچي جهازراني شروع ڪرڻ لڳا. ويندي گوڪل جهڙو ماڻهو به جيڪو وزير تجارت هو پنهنجن جهازن جي آفيس هانگ ڪانگ ۾ کولي. هانگ ڪانگ ۾ پوءِ هڪ خوف جو دور به آيو جڏهن اهو ٻڌو ويو ته ڄاڻ ته چين هانگ ڪانگ تي قبضو ڪيو. ظاهر آهي هانگ ڪانگ ٻيٽ ۽ ڪولون وارو پاسو، آهي ئي ڪيترو ذرڙو! انگلينڊ جا جنگي جهاز برطانيا کان هلي اچن تڏهن به هو هانگ ڪانگ جو ڇا بچاءُ ڪري سگهندا. هونءَ به هيءَ ڌرتي هئي به ته چين جي، جيڪا انگريزن ڏنڊي جي زور تي پنهجي قبضي ۾ ڪئي. ڪيترائي امير ماڻهو ڊڄڻ لڳا ته جيڪڏهن هانگ ڪانگ چين وٽ موٽي ويو ته پوءِ هانگ ڪانگ ۾ به چين وارو ڪميونسٽ نظام هلندو جنهن ۾ هر هڪ جي ملڪيت سرڪار جي ٿي ويندي. ان ڊپ کان ڪيترا هانگ ڪانگ ڇڏي انگلينڊ ۽ آسٽريليا هليا ويا جو هنن وٽ برطانيا جو پاسپورٽ هو ۽ برطانيا جو پاسپورٽ رکندڙن جو ملڪ برطانيا ٿيو. هو برطانيا جي قوميت جي ناطي آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ ڪئناڊا به رهي سگهيا ٿي. جيتوڻيڪ هنن جي دل هانگ ڪانگ ڇڏڻ تي نٿي چاهيو، جو هنن کي اتي مشرقي ماحول ۽ ڪلچر مهيا ٿيل هو. هوڏانهن ڪئناڊا توڙي آسٽريليا پاسي مقابلو سخت هڪ طرف هو ته هيڪاندي ٿڌي موسم ٻي طرف هئي. ڪيترن جو ته خيال هو ته چين هانگ ڪانگ کي واپس هرگز نه وٺندو. اڳواٽ ته انگريزن کان نه ڦريندو پر سو سالن جو قانوني مدو پورو ٿيڻ تي به، چين اهوئي چاهيندو ته اهو ڀلي انگريزن حوالي هجي جو انگريزن هانگ ڪانگ کي هي اوج رسايو آهي. انهن ڏينهن ۾ چين سان ڪيترائي ملڪ رٺل هئا. ويندي آمريڪا به تائيوان کان سامان خريد ڪندو هو پر چين تي پابنديون مڙهي ڇڏيون هئائين. چين جي ڪارخانن ۾ جيڪو مال ٺهيو ٿي ان جو وڪرو ٿيڻ ضروري هو، جيئن چين کي موٽ ۾ غيرملڪي ناڻو ملي سگهي. اهو سامان هانگ ڪانگ ذريعي نڪتو ٿي. هانگ ڪانگ جي واپارين چين کان مال خريد ڪري پنهنجي نالي تي دنيا کي وڪيو ٿي. سو هيڏي وڏي چين لاءِ هانگ ڪانگ هڪ مال ايڪسپورٽ ڪرڻ جو گيٽ وي هو. هانگ ڪانگ جي هڪ هندو سنڌي واپاريءَ جنهن هانگ ڪانگ ۾ ترسي پوڻ جو پڪو پهه ڪيو هو، تنهن کان جڏهن هانگ ڪانگ نه ڇڏڻ جي جوکم جو پڇيم ته هن ٻڌايو ته ”سائين پهرين ڳالهه ته چين هانگ ڪانگ تي قبضي ڪرڻ جون رڳو ڪوڙيون ڀڀڪيون پيو ڏئي، ڇو جو چين کي زمين جي ته کوٽ ناهي. هيڏي وڏي چين ۾ هانگ ڪانگ جي گڏجڻ سان ڪهڙو فائدو ٿيندن. سڄو واپار وڙو بند ٿي ويندن. هانگ ڪانگ جي ڪري ته چين جي ايڪانامي پئي هلي.“ ”پر جي هڪ سو سالن جو 1997ع ۾ مدو پورو ٿيڻ تي برطانيا پاڻ ئي هانگ ڪانگ مان هٿ ڪڍي ٿي ڇڏي ته پوءِ ته چيني حڪومت توهانکي سائي يا بلو رنگ جو چيني پورهيتن وارو وڳو پارائي چوندي ته هلي جسماني محنت مزوري ڪريو رڳو نوٽ نه ويهي ڳڻيو“ مون هن بزنيس مئن کي چيو جنهن جا وڏا انڊيا جي ورهاڱي کان به اڌ صدي اڳ بلخ بخارا ۽ سيام ملايا ۾ بزنيس ڪندا رهيا هئا. ٻي وڏي لڙائي دوران ۽ پوءِ پڻ جپان جي هڪيدو ۽ اوڪيناوا جهڙن ٻيٽن تي ڪامياب بزنيس برقرار رکندا آيا هئا. هن ٽهڪ ڏيندي چيو: ”ڀلي هانگ ڪانگ چين کڻي وڃي. سڄي چين ۾ ڀلي سندن قانون رائج هجي پر ڏسجو ويٺا ته هانگ ڪانگ کي ان ئي طرز تي هلائيندا جنهن تي هي انگريز هلائي رهيا آهن. ڇو جو چينين جو ان ۾ ئي فائدو آهي.“ هن هندو سنڌي بزنيس مئن اها ڳالهه مونسان 1980ع ۾ ڪئي هئي. 17 سالن بعد 1997ع ۾ برطانيا هانگ ڪانگ چينين کي واپس ڪري ڇڏيو. اڄ ان کي به 13 سال ٿي ويا آهن پر هانگ ڪانگ ايئن ئي هلي رهيو آهي جيئن هن دڪاندار سيٺ 30 سال اڳ تجزيو ڪيو هو. (الطاف شيخ)