ورسٽائيل اداڪار مصطفيٰ قريشي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    وراسٽائيل اداڪار مصطفيٰ قريشي​
    [​IMG]
    شفيق احمد

    مصطفيٰ قريشيءَ جو ڳاڻاٽو پاڪستان جي فلمي صنعت جي ناليوارن اداڪارن ۾ ٿئي ٿو جنهن جون فلمون ڪاميابيءَ جي ضمانت سمجهيون وينديون آهن. فلم ”لاکون مين ايڪ“ ۾ تمام بهتر پرفارمنس جي ڪري فلمي صنعت ان جي سڃاڻپ ٿي وئي ان کان پوءِ مصطفيٰ قريشي منفرد اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو حادثاتي طور تي يا فقط شوق جي ڪري فلمي شعبي ۾ شامل نه ٿيو آهي پر ان ۾ فنڪاريءَ جون صلاحيتون به آهن. هن مختلف ڪردارن ۾ ڀرپور اداڪاريءَ جو مظاهرو ڪري پنهنجي صلاحيت مڃرائي آهي. فلمي صنعت جو جيڪڏهن تجزيو ڪيو وڃي ته حقيقت سامهون اچي ٿي. ان ۾ داخل ٿيندڙ هر فنڪار جي خواهش هوندي آهي ته هو هيرو جي حيثيت ۾ ڪم ڪري ان سوچ تحت ايندڙ ڪجهه فنڪار عمليءَ طور تي ڪامياب رهيا پر ڪيترائي معيار تي پورو نه لهي سگهڻ جي ڪري گمنامي ڏانهن هليا ويا.
    مصطفيٰ قريشي جڏهن پاڪستاني فلمي انڊسٽريءَ ۾ قدم رکيو ته اهو دور پاڪستاني فلمي صنعت جي عروج وارو دور هو. فلمي صنعت ۾ اسٽار سسٽم کي خاص حيثيت حاصل هئي. ناليوارن فنڪارن کي فلم ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ فيچر فلم وڪرو ڪرڻ ۽ نمائش ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هو. فلم ڊسٽري بيوٽر ۽ فيچر فلمن جا ناليواري اداڪارن کان سواءِ ماڻهو اهڙين فلمن کي ڏسڻ پسند نه ڪندا هئا ان ڪري فلم پروڊيوسر اهڙيون فيچر فلمون ٺاهڻ پسند ڪندا هئا جنهن ۾ ان وقت جا مشهور اداڪار شامل هجن. فلم لاکون ۾ ايڪ ۾ مصطفيٰ قريشيءَ کي ولين جو ڪردار ڏنو ويو. هن ان فلم ۾ ولين جو ڪردار ايترو ته پاور فل ۽ بهتر انداز ۾ ڪيو جنهن جو ڪير به تصور ڪري نه پيو سگهي. هي نئون اداڪار هو ۽ ٻئي طرف شميم آرا ۽ اعجاز انهيءَ جي مقابلي ۾ هئا ڪنهن به اهو نه پئي سوچيو ته هي انهن جي ڀيٽ ۾ ايتري بهتر پرفارمنس ڪندو. اردو ڳالهائڻ ۾ ان جو مختلف انداز کلڻ جو مخصوص انداز هن کي سڀني کان الڳ حيثيت ڏئي ڇڏي. هو تمام ٿورڙي عرصي ۾ فلمي صنعت جي ناليوارن اداڪارن ۾ ڳڻيو ويندو هو. فلم ڪٽاريءَ ۾ ان جي منفرد اداڪاري ۽ مخصوص ڊائيلاگ ڊليوريءَ جي ذريعي فلم جي شوقينن جون دليون کٽي ورتيون. اردو فلمن سان گڏوگڏ هن پنجابي فلمن ۾ به وڏي ڪمال جي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. لڳندو ائين هو ته هن کي پنجابي زبان تي عبور حاصل آهي، پر هو لفظن کي آهستي آهستي ڪري ڳالهائيندو هو. ان جي منفرد انداز ان جي ڪمزوريءَ کي به لڪائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. عمده اداڪاري ۽ پنجابي ڳالهائڻ جي مخصوص انداز جي ڪري هن کي پنجابي فلمن جو ناليوارو اداڪار بڻائي ڇڏيو ۽ پوءِ اهو به دور آيو جڏهن مصطفيٰ قريشي ۽ سلطان راهيءَ جي جوڙي کي پنجابي فلمن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت سمجهيو ويندو هو. فلم خطرناڪ ۽ مولاجٽ ته باڪس آفيس تي ايتري ڪاميابي حاصل ڪئي جو ڪاروبار جي حوالي سان اڳين فلمن جا ڪارڊ ٽٽي پيا. چوڻ لاءِ ته سلطان راهي پنجابي فلمن جو ناليوارو اداڪار هو پر مصطفيٰ قريشي کان سوءِ ان جي فلمن کي اها موٽ نه ملندي هئي پر مصطفيٰ قريشي سان گڏ ان جي فلمن کي هٽ سمجهيو ويندو هو.


    بشڪريه عوامي آواز
    http://www.youtube.com/watch?v=PmVGro391n8

    http://www.youtube.com/watch?v=EVGP0Xxf4qY
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ورسٽائيل اداڪار مصطفيٰ قريشي

    بلڪل سائين مصطفيٰ قريشي تمام سٺو اداڪار آهي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ورسٽائيل اداڪار مصطفيٰ قريشي

    ادا شيئر ڪرڻ جي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو