• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ واسيو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، اڄڪلهه لطيف سائين جي شاعري کي ڪوشش پيو ڪريان ته ڪي ڪمپيوٽر جا سُهڻا رنگ ڏيان، جيئن جيئن لطيف سائين جي شاعري کي پڙهان ٿو هڪ نئين فلسفي جو رستو کُلي ٿو ۔ هي سُر راڻو مان هڪڙي وائي کي توهان سان ونڊ پيو ڪريان۔

74460_461953968215_794048215_5421190_5031849_n.jpg

دوستو لاکيڻي لطيف کي ڀيٽا ڏيڻ جي منهنجي هي غريباڻي ڪاوش ڪيئن لڳي توهان کي۔
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

زبردست۔۔۔۔سائين۔۔۔۔۔ اوهان جي ڊزائين شاندار بيمثال آهي،ساڻ ڊزائين سان گڏ
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

سائين محترم نثار ناز، لطيف سائين جي هن سهڻي وائي ۾ چانگي جي ڳالهه آهي، چندن جو ذڪر ٿيل آهي، پرڀات جي ڳالهه آهي، ميل جي تمنا آهي، ۽ ڏات جي حاصلات جي ڳالهه آهي، مطلب ته دل جا اهڙا احساس جن ۾ وڇوڙو هجي ۽ ميل جي تمنا هجي ته ان دل جي احساسن جو اظهار لطيف کان وڌ ڀلا ڪير ڪري سگهي ٿو ۔۔؟

اوهان جي هن ڪيل چترڪاري ۾ چانگو نآهي، مومل ته نظر اچي ٿي پر چانگي تي راڻو نآهي، ٿر ناهي، ٿوهر ناهي ۔۔۔ ها اوهانجي ڏنل ان شمعدان جي جهلڪ ۾ ڏات جي تمنا جو اظهار ضرور آهي ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ان وائي کي سنڌ جي ٿر ۽ ان ۾ هلندڙ چانگي جي تصوير هجڻ کپندي هئي ۽ چانگي تي راڻو به هجي ها ته سون تي ٽڪ جو ڪم ٿئي ها ۔۔۔

پو به اوهانجي محنت سهڻي آهي ۽ وائي جو ڪو جواب ناهي ۔۔۔ ٻي اهم ڳالهه ته اوهان دوستن جيڪو لطيف جي پيغام کي سهڻي ۽ خوبصورت نموني سان پيش ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي سو انتهائي تعريف جوڳو آهي ۔۔۔

رب اوهانکي سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت جو سلو عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

زبردست۔۔۔۔سائين۔۔۔۔۔ اوهان جي ڊزائين شاندار بيمثال آهي،ساڻ ڊزائين سان گڏ
مهرباني ادا عاشق سولنگي، جو اوهانکي اسان جي لطيف سائين کي ڏنل غريباڻي ڀيٽا سُٺي لڳِي۔
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

سائين محترم نثار ناز، لطيف سائين جي هن سهڻي وائي ۾ چانگي جي ڳالهه آهي، چندن جو ذڪر ٿيل آهي، پرڀات جي ڳالهه آهي، ميل جي تمنا آهي، ۽ ڏات جي حاصلات جي ڳالهه آهي، مطلب ته دل جا اهڙا احساس جن ۾ وڇوڙو هجي ۽ ميل جي تمنا هجي ته ان دل جي احساسن جو اظهار لطيف کان وڌ ڀلا ڪير ڪري سگهي ٿو ۔۔؟

اوهان جي هن ڪيل چترڪاري ۾ چانگو نآهي، مومل ته نظر اچي ٿي پر چانگي تي راڻو نآهي، ٿر ناهي، ٿوهر ناهي ۔۔۔ ها اوهانجي ڏنل ان شمعدان جي جهلڪ ۾ ڏات جي تمنا جو اظهار ضرور آهي ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ ان وائي کي سنڌ جي ٿر ۽ ان ۾ هلندڙ چانگي جي تصوير هجڻ کپندي هئي ۽ چانگي تي راڻو به هجي ها ته سون تي ٽڪ جو ڪم ٿئي ها ۔۔۔

پو به اوهانجي محنت سهڻي آهي ۽ وائي جو ڪو جواب ناهي ۔۔۔ ٻي اهم ڳالهه ته اوهان دوستن جيڪو لطيف جي پيغام کي سهڻي ۽ خوبصورت نموني سان پيش ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي سو انتهائي تعريف جوڳو آهي ۔۔۔

رب اوهانکي سنڌ ۽ سنڌيت جي خدمت جو سلو عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
ادا نثار ابڙا ! مهرباني جو هي شاهه سائين جي خدمت ۾ ڏنل اسان جي حقير ڀيٽا توهان کي سُٺي لڳِي۔ ادا جاني نثار ابڙا، چانگو ۽ راڻو مومل جي جيڪر ويجهو هُجي ها، ته مومل کي راتون ڏينهان راڻي جي تات نه هُجي ها، جي چانگو مومل جي ويجهو هُجي ها، ته ڪڏهن ڪو مومل ان کي چندن چارائي ڇڏي ها، جيڪڏهن راڻو مومل جي ويجهو هُجي ها ته مومل ويهي نت اُن جون راهون ڪونه نيهاري ها پرڀات ٿيڻ تائين، باقي جيڪي به پرين پري هُوندا آهن انهن جون ئي ڳالهيون وائي وانگر واتِ هُونديون آهن، ڏسو پرين پري آهن تڏهن ته لطيف سائين مومل جو آواز بڻجِي رب سائين کان صبر جي ڏات جي تمنا پيو ڪري ، ادا ان ڳالهه مان صاف ظاهر آهي ته راڻو ۽ سندس چانگو مومل کان سوين ميل پري آهن، مومل اڪيلي آهي، راڻي ۽ ان جي چانگي جون راهون نيهاري پئي پنهنجي انهي اٿاهه پيار جو اظهار ڪري پئي ته اي راڻا تون جلدي اچ ، راڻي سان پنهنجي ازلي پريت جي ڪري سندس چانگي کي به چندن چارڻ جي پيار ڀري خواهش ظاهر ڪري پئي۔ هاڻي مومل وٽ نڪو راڻو آهي ۽ نڪو چانگو آهي ته تصوير ۾ٻنهي راڻي ۽ چانگي کي ظاهر ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي۔ وڌيڪ يار اسان ته اڻ پڙهيل ۽ آڱوٺي ڇاپ ماڻهو آهيون، مومل کي در تي راڻي ۽ چانگي جون راهون نيهاريندي ۽ پار پڇائيندي لطيف سائين جي وائِي جي حقيقي رُوح وانگر اڪيلو ۽ آس وندو ويهاري ڇڏيو آهي، شاهه سائين جي ٻي ڪا اهڙي وائي نظر آئي جنهن ۾ راڻو مومل سان گهر اندر هوندو ۽ راڻي جو چانگو در جي ٻاهران هوندو ته اهڙي به تصوير ڪٿان نه ڪٿان ڳولي اينداسين۔ تيستائين ابڙا۔ في الحال مومل کي راڻي ۽ چانگي جا اڪيلي سر پور پچائڻ ڏي۔۔۔۔
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

سائين نثار ناز سلام

ناز هاڻي ته کُلي پيو آهي۔ سندس خوشبو پئي مهڪي ۽ جڳ کي پنهنجو واس وٺائي۔ جڏهن کا لطيف سرڪار جا رنگ ونڊڻ شروع ڪيا اٿس ته جهوني هئڻ واري صدا به بند ٿي وئي اٿس۔ اصل جذبا جوان ٿي پيا اٿس

شاه لطيف جي شاعري کي سهڻا رنگ ڏيڻ وارن دوستن مان سڀني کان مٿڀرو آهي هن وقت سائين نثار ناز۔ سندس اڄوڪي ونڊ ڪيل شاعري جيڪا ڀٽائي جي سُر مومل راڻو مان ورتل آهي مطلب محبتي ماڻهن جو ذڪر۔


شَمَعَ ٻاريندي شَبَّ، پِرِهَ باکُون ڪَڍِيُون؛
موٽُ، مَران ٿِي مينڌِرا! راڻا! ڪارڻِ رَبَّ؛
تُنهِنجِيءَ تاتِ طَلَبَّ، ڪانگَ اُڏايَمِ ڪاڪِ جا

هڪ دفعو وري نثار ناز صاحب اوهان جا ٿورا جو سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي ڀٽائي سرڪار جي فلسفي سان پيا ٽمٽار ڪريو
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

سبحان الله ڪهڙي تعريف ڪجي سائين توهان جي تيار ڪيل ڊزائين جي

مان ته شاعري جي الف بي کان به واقف ناهيان پر ايترو ته به پئي سگهان ٿو ته
شاه صاحب جي شاعري جو ڪو مثال نه آهي

ماشاالله

بهترين شيئرنگ آهي سائين
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

سبحان الله ڪهڙي تعريف ڪجي سائين توهان جي شاعري جي

مان ته شاعري جي الف بي کان به واقف ناهيان پر ايترو تج پئي سگهان ٿو ته

ماشاالله

بهترين شيئرنگ آهي سائين
مٺا فقير اک پٽ يار ! تو هن شاعري کي پڙهيو ئي ڪونهي ۽ لکي ڇڏئي ته منهنجي شاعري آهي، ٻيلي الله سائين کي مڃ هڪ دفعو وري هن شاعري تي نظر ڦيرائي ته هِي  ڪنهنجي شاعري آهي، هي شاعري ساري دنيا جي شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف جي آهي۔ باقي غريباڻي ڊيزائن مون حقير جي آهي ۔ آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔ پليز ٿورو هيڏي هوڏي ڏسندو ڪر ۔ لک لائق ادا
 
جواب: آ راڻا رهه رات تنهنجي چانگل کي چندن چاريان (سُر راڻو داستان اٺون)

مٺا فقير اک پٽ يار ! تو هن شاعري کي پڙهيو ئي ڪونهي ۽ لکي ڇڏئي ته منهنجي شاعري آهي، ٻيلي الله سائين کي مڃ هڪ دفعو وري هن شاعري تي نظر ڦيرائي ته هِي  ڪنهنجي شاعري آهي، هي شاعري ساري دنيا جي شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف جي آهي۔ باقي غريباڻي ڊيزائن مون حقير جي آهي ۔ آئي ڳالهه سمجهه ۾ يا نه ۔۔۔۔۔۔۔۔ پليز ٿورو هيڏي هوڏي ڏسندو ڪر ۔ لک لائق ادا

اک پٽرائڻ لا۽ مهرباني سائين :d:d:d:d:d
 
Back
Top