فقير
سينيئر رڪن
سهڻا سنڌ واسيو.
پوري سنڌ سلامت کي السلام عليڪم
منهنجو نالو، حيدر علي آهي پر ماڻهو پيار منجهان فقير چوندا آهن، مان پنج درجه پاس آهيان سي به سنڌي ۽ هن وقت پنجان جي ضلعي رحيم يارخان جي تعلقي صادآباد ۾رهندو آهيان، اصل ۾ منهنجا وڏڙا سنڌي آهن ۽ مان پاڻ کي فخر سان سنڌي سڏائيندو آهيان، ڪنهن ذاتي مجبورين جي ڪري 12 سال اڳ پنهنجي سنڌ امڙ کي ڇڏڻو پيو، خير انڌا ٿيا سين پر پرين پرکياسين، الله جي مهرباني سان ڪافي ٻوليون ڳالهائيندو آهيان.پنجابي، اردو، بلوچي، سرائيڪي، ۽ پنهنجي ماکي کان به مٺڙي سنڌي. فقير ان ڪري جو پاڻ تمام سادي طبيعت جا مالڪ آهيون، پنجاب ۾ به پنهنجي سنڌ واري روايت برقرار رکيو اچون، اها اجرڪ ۽ ٽوپي، هڪ وڏي ٻٻر جي وڻ جي هيٺا بابا ۽ مان ويٺا اوطاق ملهايون، جڏهن پنجابي ڀائر اچن ته" اوئي توسي سنڌي وڊي بيٺڪي او" بابا چوندو آهي ته اها اسان جي تهذيب آهي.
ڪمپيوٽر جو شوق مونکي شروع کان وٺي هو خاص ڪري سنڌي ۾ مٺا مان ڏينهن رات محنت ڪري ڪمپيوٽر انڌو ڪاڻو ڪمپيوٽر سکيوسين. ته انهي وقت سنڌ سلامت جو وجود ٿيو، سو به سائين ماجد ڀرڳڙي جي مهرباني سان. سو آهسته آهسته سنڌي به سکيم، ۽ ڌڪا ٿاٻا کائي هاڻي توهان جي اڳيان آهيون. بس دعا ڪيو ته جلد ئي پنهنجي ماڳ اچون.
مٺا بجلي جي ڪري بس صرف ايترو ئي لکي سگهيو آهيان.
هن جنم هن جنم لئه وچن ٿو ڪريان مان جتي به هجان سنڌ تنهنجو ٿيان.