سياسي منزلن جا تبديل ٿيندڙ نوان رخ.............!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حفظ الله ڪاڪا طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2010۔

  1. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    هن دور ۽ هن ملڪ جون سياسي سڀيتائون، پنهنجي منزلن کي نئين ڏات ڏيڻ لاءِ مختلف گروهن کي هڪ گروهه بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي متحدا مسلم ليگ جو قيام آندو آهي. مسلم ليگ ڇا آهي؟ هن وقت ليگ کي هڪ ٿيڻ جو خيال ڇو آيو؟ اهڙا ڪيترائي سوال آهن جيڪي عوام کان پنهنجا مسئلا وساري ملڪي سياست جي شور ۾ سمائجي ويل بي نام زندگين کي نانءُ ڏيڻ لاءِ همٿائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر سياست جي دز ايتري ته تکي آهي جو ڪنهن کي پنهنجي ڏک ڏورڻ بدران سياست ۾ ايندڙ نون معرڪن ۽ انهن تي برسرپيڪار سياسي پريتائن جي آسائشن وارن ڏکن تي افسوس سان نيڻ نيرا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ ڇا آهي؟ مسلم ليگ قائد اعظم محمد علي جناح پاڪستان ۾ آندي ۽ مسلم ليگ هن وقت پاڪستان جي نالي سان ڄاتل آهي، پر مسلم ليگ پڻ پاڪستان ۾ ڪيترن کي ننڍڙن کي مٿي آڻي هڪ نئين سڃاڻپ پڻ ڏني آهي. ضياءُالحق جي دور ۾ پيدا ٿيندڙ مسلم ليگ نواز جي نالي مشهور ٿي، جنهن اڳتي هلي جمهوري ريتن تي عوامي خدمت جو علم اوچو ڪيو ۽ نواز ليگ جو سربراهه ٻه ملڪ جو وزير اعظم پڻ بڻيو. اڳتي هلي مختلف ليگين جنم ورتو، جنهن ۾ ضياءُ، قاف، عوامي، مسلم ليگ جَي، جناح، قيوم، فنڪشنل ۽ نيئن وجود ۾ آيل آل پاڪستان مسلم ليگ وغيرو شامل آهن.
    انهن گروپن مان ڪن جو وجود اثرائتو ته ڪن جو بي اثر آهي. موجودا وقت ۾ اثرائتو گروپ نواز ليگ جو ڏٺو پيو وڃي، جنهن جي گذريل چونڊن ٻئي پارٽي طور سوڀاري ٿي. هن وقت سندن حڪومت رڳو پنجاب صوبي تائين محدود آهي پر سندن جدوجهد ايندڙ چونڊن ۾ پوري ملڪ مان سوڀ ماڻي اڳڀرو ٿيڻ جي آهي. موجودا حڪومتي ڌر ڪنهن به قسم جي ليگي ڌڙن جي اتحاد کان بي خوف ٿي پنهنجا وقت سر پرچار ڪري رهي آهي، مفاهمت جي پاليسي هر ڪنهن لاءِ حفاظت جي ديوار بڻيل محسوس پئي ٿي، پر ليگي ڌڙن هڪ نئي مفاهمت جو بنياد رکي ڏار پيل ليگ کي متحدا مسلم ليگ بڻائڻ ۾ ڪافي اڳڀرائي ڪري ڪجهه ڌڙن کي پاڻ ۾ جوڙي ته ڇڏيو آهي پر انهن ليگي ڌڙن جو عوام تي اثر ڪجهه گهٽ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ نواز ليگ ۽ قاف ليگ شايد وڌيڪ اثرائتيون ڌريون آهن. ڏسڻو اهو آهي ته متحدا مسلم ليگ ۽ متحد ليگ ۾ شامل نه ٿيندڙ ليگيون ڪهڙي ايجنڊا تي هلن ٿيون يا ڪنهن لاءِ ڏکيائي پيدا ڪنديون. هڪ طرف پنجاب حڪومت ته ٻئي طرف وفاقي حڪومت پنهنجي تحفظ ۽ حڪومتي معيار جي وجود ۾ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن ته ٻئي طرف هر ڪنهن کي پنهنجي تحفظ لاءِ ڪنهن گروهه کي ڳولي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ جي پرچار پڻ لڳي پئي آهي.
    مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت جي اتحادي ڌريون حڪومتي مزا ماڻيندي به پاڻ کي حڪومت کان ڌار سمجهي هر مونجهاري واري صورتحال جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏئي اتحاد ۽ مفاهمت جي وهندڙ گنگا مان ڌار ٿيڻ جا بند ٻڌي رهيون آهن. 17 آڪٽوبر تي وفاقي سرڪار جي اتحادي ڌر پاران حڪومت کان ڌار ٿيڻ واري ڌمڪي کانپوءِ حڪومتي ڌر هر ان صورتحال کي چڱي ريت منهن ڏيڻ ۽ سياست کي دٻاءَ مان ڪڍڻ لاءِ نئون فارمولو جوڙيو. قانون واري وفاقي وزير، مسلم ليگ قاف جي اڳواڻ چوڌري پروزير الاهي سان لاهور ۾ ملاقات ڪري مفاهمت کان محروم سياسي ڌر کي مفاهمت جي ٻيڙي ۾ گڏ ويهڻ جي اڇ ڪئي.
    اهڙي فارمولي ڪٿي ته مختلف سياسي ڏونگرن کي ڏوري وڌو ته اتي تجزينگارن کي مونجهه پيدا ٿي وئي، پر گهڻن جي زبانن کي تالا به لڳي ويا. اهڙي سموري پسمنظر جي حڪومتي ڌر جي پنهنجي ڪارڪن توڙي اڳواڻڻ کي پڻ گهڻو ناخوش ته ڪيو پر انهن کي سياست جي سمورن پاڇن مان هٽاءِ محسوس ٿيڻ کان پوءِ اهڙي فيصلي کي سائت جوڳو قرار ڏئي حقيقت پسندي ڪوٺيو قبول ڪرڻو پيو. مختلف سياسي ڌريون ان ملاقات کان پوءِ پاڻ مٿان ڪو به فرق نه پوڻ توڙي حڪومتي ڌر کي نون محافظن جي مبارڪ جو طعنو ڏئي پنهنجي هانءَ ٺارڻ جي ڪوشش ڪندي به ان فيصلي تي ويچاري رهيون آهن ته هاڻ کانئن ڪنهن به طرح اقتدار جو رهيل حصو به کسجي ته نه ويندو.
    اهڙن امرن جي خاتمي لاءِ هڪ ٻئي ملاقات به ٿي، وفاقي گهرو وزير لاهور ۾ شهبار شريف سان گڏ اجلاس جي صدارت ڪئي ۽ هڪ ڌار گڏجاڻي ڪري پي پي-ليگ ۾ مفاهمت جو هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي پر شايد انهن ٻنهي ڌرين ۾ ساڳيو اتحاد ٿيڻ ڏکيو آهي. ملڪي وسيع تر مفادن جي مد نظر هر ڌر کي حڪومت سان سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن سمورن مونجهارن مان آجپو ماڻي عوام جي امنگن ۽ اميدن جي ڌرتي مٿان اوچا لمحا اڏين جنهن سان انهن جي نيڻن ۾ سياسي سميرن خلاف اٿيل ڏتڙيل ڏس ۾ گهتائي اچي، ڇاڪاڻ ته ملڪي منظرنگاري عوام جي معصوم تمائن کي آڙنگا درد ڏيکاري سوچن جي سمورين راهن آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهي. سمورين متحدائن ۽ ليگين توڙي پيپلز پارٽين کي پنهنجي سياسي مفاد وساري دانشين کان محروم ديس واسين کي اها دانشي موٽائي ڏين، جنهن جي ڳولا لاءِ هو ڀٽن تي پٽڪي ٿڪي پيو آهي.

    حفظ الله ڪاڪا
    ڪلفٽن ڪراچي
    03332945417
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سياسي منزلن جا تبديل ٿيندڙ نوان رخ.............!

    ادا پ پ_ ليگ اتحاد هجي يا آل پاڪستان جي مسلم ليگ هجن يا وري ٻيو ڪو سياسي اتحاد۔۔ اها ڳالهه ته اوهان ۽ اسان سڀ ڄاڻيون ٿا ته انهن جا اتحاد ۽ هير ڦير سڀ سندن پنهنجي سياست چمڪائڻ، پيٽ ڀرڻ جو بهانو هوندو آهي، هاڻي ته پاڪستان لاءِ ڪو عوامي ليڊر نظر نه ٿو اچي، ڪو مسيحا نظر نه ٿو اچي۔ تبديلي ته آئي آهي پر ان تبديلي کي اسان مهنگائي سان منسوب ڪيون ته بهتر رهندو۔ ملڪ ۾ مهنگائي جي طوفان لڳڻ‌کان پوءِ اسان پاڪستان واسي غريبن کي اڻڀو ٽڪر حاصل ڪرڻ به مسئلو ٿي ويو آهي
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سياسي منزلن جا تبديل ٿيندڙ نوان رخ.............!

    ادا حفظ الله ڪاڪا اوهان پنهنجي هن ليک ۾ جيڪي ڳجهيون ڳالهيون سامهون آنديون آهن بلڪل هن وقت
    سياستدانن جي اندر ۾‌شايد اهي ئي ڳالهيون هلي رهيون آهن۔۔۔ جنهن وقت ڊاڪٽر بابر اعوان جي پرويز الاهي سان ملاقات ٿي آهي ان وقت کان رائيونڊ پيلس ۾ رهندڙ ( نالي جي) شريف ڀائرن کي اها ڳالهه کٽڪي پئي ته شايد قاتل (ق) ليگ سان سان هٿ ملائڻ‌کان پو پيپلز پارٽي پنجاب ۾‌مضبوط نه ٿي وڃي۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو