• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مهراڻ جا موتي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
مهراڻ جا موتي

اصول تي هلڻ جي مقابلي ۾ اصول لاءَ لڙڻ آسان آهي _ ايڊلر

مان ساري عمر، عملي طرح سان، خود غرض رهيو آهيان، پر مون بي اصول هئڻ کي خود غرضيءَ ۾ شمار نه ڪيو آهي _ آسٽن

جنهن کي اسان ترقي ٿا سڏيون، اها حقيقت ۾، هڪ مصيبت جو ٻيءَ مصيبت سان تبادلي جو نالو آهي _ جارج ايليٽ

ترقي، اقليت جي نظريات کي قبول ڪرڻ جو نالو آهي _ جارج ايليٽ

جڏهن ڪو شخص، پنهنجي وعدي کي بار بار دهرائي ٿو، تڏهن پڪ سمجهڻ گهرجي ته هو اوهان کي دوکو ڏيڻ چاهي ٿو _ برنارڊشا

خوش ٿيڻ انهن ماڻهن جو ڪم آهي، جي سوچ ويچار نٿا ڪن _ پوپ

شاعر ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون پر معنيٰ ڳالهيون ٿا ڪن، جن کي هوخود به مشڪل سان سمجهي سگهندا هوندا. _ افلاطون

نرمي، سڀ کان زياده قبول ڪرڻ جهڙي منافقت آهي، پر ڪنهن ڪنهن موقعي تي، ۽ ڪن خاص صورتن ۾ _ پيٽرس

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ غير مناسب شيءِ آهي غريب رشتيدار _ ارهالي

دانشورن جون ڳالهيون، جي آهستي چيون وڃن ٿيون، اهي احمقن جي برسر بازار شور کان وڌيڪ ٻڌيون وڃن ٿيون _ عهد نامه قديم

حڪمت، لڙائي جي هٿيارن کان گهڻو بهتر آهي _ توريت

مئل مکيون، عطار جي عطر کي بدبودار ڪن ٿيون، ان طرح ٿوري به حماقت، عزت کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي _ عهد نامه قديم

حوالو : مهراڻ ۔ 1964
 
جواب: مهراڻ جا موتي

مٺڙا سليمان، تمام سٺيون ۽ ڏاهپ جون ڳالهيون آهن، پر اهي مهراڻ رسالي جا موتي ضرور آهن پر مهراڻ جي ڌرتي جا نه، مٿي ڏنل يورپي ڏاهن جي ڪجهه قولن سان اتفاق ته ڪجهه سان نااتفاقي به ڪري سگهجي ٿي ۔۔۔

چوڻي آهي ته هر سٺي شئي يا چوڻي حاصل ڪجي ۽ هر بري شئي يا ڳالهه کي ڦٽو ڪجي ۔۔۔ انڪري سٺيون ۽ ڪارائتيون ڳالهيون اکين ته ۔۔۔

لک ٿورا ۔۔۔
 
سائين نثار اوهان جا ٿورا جو پنهنجي قيمتي راء ڏني۔

جي ها هي مهراڻ رسالي مان ورتل ڏاهن جا قول آهن۔ وقت ۽ حالتن جي نزاڪت سان ٿي سگهي ٿو هي قول صحيح هجن۔ پر ضروري ناهي ته هر ڳاله سان متفق هججي۔

پر چڱيون ڳالهيون اپنائڻ سان پنهنجو ئي فائدو آهي۔

اوهان جي مهرباني
 
Back
Top