سنڌ ۾ آيل طوفاني ٻوڏ جا زراعت ۽ تعليم تي پوندڙ اثر شمشاد حسين سپيو سنڌ جي سون ورني ڌرتي ڪيترين ئي قدرتي نعمتن سان مالامال آهي، جنهن ۾ واديءَ مهراڻ جي تهذيب مان سنڌو درياءَ به هڪ آهي. جنهن پنهنجي جوڀن واري مستيءَ ۾ اچي سنڌ کي ٻوڏ جي صورتحال ۾ ويران ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ٻوڏ سنڌ واسين کي پنهنجي ڏيهه ۾ پرڏيهي بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌو درياءُ غريب اٻوجهه مسڪين ماڻهن کان پنهنجي خوبصورت زندگيءَ جون حسرتون رونقون به کسي ورتيون آهن، کين بک بدحاليءَ ۽ مفلسيءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آهي، اهي ماڻهو ويچارا پنهنجا ويڙها ڇڏي دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن، انهن ويچارن جي اندر ۾ ايذاءُ پهچائيندڙ ڏک ۽ سور ناسور واري شڪل اختيار ڪري چڪا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي چئوطرف نظر ڦيرائبي ته هر طرف روڄ راڙن جو ماتم متو پيو آهي. دردمندن جون دانهون ڪوڪون آسمان سان ٽڪرائجي رهيون آهن، اهي دانهون ڪوڪون ڪندڙ انسان لاچاري ۽ بيوسي واري صورتحال ۾ ماني ۽ ڀڳي جي لاءِ به پريشان آهن. بي وسي کان مجبور ٿيل اهي انسان جيڪي سالن کان سنڌوءَ ۾ اُميدون رکي گيت ڳائي رهيا هئا ۽ اُميدن جا ڏيئا ٻاري اُن جون راهون تڪيندا رهيا، تنهن سنڌوءَ سنڌ واسين جي اُميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو. اڄ اُها سنڌ هڪ وڏي ڪئمپ جي صورتحال اختيار ڪري وئي آهي، جنهن جي وک وک تي دردن جا داستان گونججي رهيا آهن. اهو ساڳئي سنڌو جيڪو صدين کان سنڌي سٻاجهڙن انساني زندگيءَ جو جياپو هو ۽ اُميدن جو سهارو هو، تنهن پنهنجي دردمندن کي پنهنجي ديس مان اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، جن رمضان جهڙي بابرڪت مهيني ۾ مڪليءَ جي قبرستان ۾ پناهه ورتي. سنڌ ۾ پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ اها ٽئين خطرناڪ بدترين ٻوڏ آهي. 1956ع، 1976 کانپوءِ 2010ع واري ٻوڏ پنهنجا تواريخي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا، پر 1976ع واري ٻوڏ سنڌ جي آبپاشي کاتي وارن لاءِ هڪ آزمائشي ٻوڏ هئي. اُنهيءَ کانپوءِ آبپاشي کاتي وارن کي اگهور ننڊ مان سجاڳ ٿي ساڃاهه ۽ سمجهه کان ڪم وٺڻ گهرجي ها، پر سندن نااهلي ۽ لاپرواهي سبب سڄي سنڌ کي هڪ خوفناڪ زلزلي کان به وڌيڪ خطرناڪ باهه جي ٻارڻ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. خبر نه آهي ته ڪهڙي ڏوهه جي سزا سنڌ واسين کي ڏني وئي. جڏهن سڄي دنيا ترقيءَ طرف گامزن آهي، تڏهن به اسين هن جديد ٽيڪنالاجيءَ واري 21هين صديءَ ۾ اهڙن چئليجن کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکون، هن مقابلي واري صديءَ ۾ به اسين غفلت کان ڪم وٺي رهيا آهيون، شاباس آهي، آبپاشي کاتي وارن جن 1956ع کانپوءِ سرڪار طرفان ڏنل بندن جي مرمت واهن شاخن جي کاٽيءَ لاءِ ڏنل رقم هڙپ ڪري پنهنجا ڀڀ ڀريا، وڏيرن کان ڪامورا شاهي ونگارون وٺي منڍ ۾ ٻه ٽي لپا کاٽيءَ جا کڻائي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ کي ٻوڙي تباهه ڪيو، جنهن ۾ سنڌ صوبي جي 23 ضلعن مان 19 بري طرح متاثر ٿيا ۽ 6 ضلعن ۾ مڪمل طور تباهي آئي آهي، جنهن ۾ ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور، شهدادڪوٽ، دادو ۽ ٺٽو ضلعا شامل آهن. سنڌ جي 19 ضلعن ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق 438 ارب روپين کان به وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، سڄي سنڌ ۾ 70 لک کان به وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. سنڌ ۾ 3 هزارن کان مٿي رليف ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، 10 لکن کان به وڌيڪ ماڻهو رليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، جڏهن ته 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو روڊن، رستن ۽ کليل آسمان هيٺان نٽهڻ اس ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سنڌ ۾ 4587 کان مٿي ڳوٺ تباهه ٿيا آهن. زرعي شعبي کي 113 ارب روپين جو نقصان آهي، 2 لک وڏا جانور، 80 ننڍا جانور، 416 مڇي جا فارم ۽ 38 ننڍا شهر تباهه ٿيا آهن. وفاقي حڪومت جي انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ 440 لک ايڪڙ ايراضيءَ تي فصل پوکيا ويا هئا، جنهن مجموعي طور 18 لک ايڪڙ فصل سنڌ ۾ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيا آهن، جنهن ۾ 6 لک ايڪڙن تي پوکيل ڪمند مان هڪ لک 30 هزار ايڪڙ فصل تباهه ٿيو آهي، 6 لک ايڪڙن تي سارين جو پوکيل فصل مان 95 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويو آهي، 6 لک ايڪڙ وونئڻن مان، 4 لک ايڪڙ تباهه، 6 لک ايراضي تي سبزي گاهه ۽ ٻيو فصل جنهن ۾ 2 لک 60 هزار تباهه ٿي ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ 7 ارب روپين جو ڪمند 32 ارب روپين جي ڦٽي 31 ارب روپين جا ٻيا فصل ۽ 18 ارب رپين جون سبزيون اهڙي طرح سنڌ ۾ 88 ارب روپين جا فصل تباهه ٿيا آهن، زراعت کي وڏو نقصان پهتو آهي. سڄي دنيا ۾ صحتمند ۽ صاف سٿرو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ 25 سيڪڙو زمين تي ٻيلا هوندا آهن، اسان جي بدقمستي آهي ته اسان جي ملڪ 5 سيڪڙو زمين تي به ٻيلا نه هئا، پر سڄي سنڌ ۾ 825 ڪلو ميٽرن کان به وڌيڪ مفاصلو رکندڙ سنڌو درياءَ ۾ ٻيلا هئا، جن کي ايڏو ته بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ اُنهن ٻيلن تي جاگيردارن طرفان قبضا ڪري پنهنجي جاگيرن طور ڪتب آڻڻ لڳا، جنهن ۾ هٿرادو بند ٻڌرائي درياءَ جي وهڪرن ۾ هٿ وٺي رڪاوٽون وڌيون ويون ۽ ٻيلا نه هئڻ ٻوڏ جو سبب بڻيو. ماهرن جو چوڻ آهي ته وڻ پاڻي کي جذب ڪن ٿا ۽ ٻوڏن کي روڪين ٿا، ٻيلن نه هئڻ جي ڪري هڪ ته موسم ۾ وڏي تبديلي اچي ويئي آهي، ڪيتريون مهلڪ بيماريون جنم وٺي رهيون آهن، ٻيو ٻيلن نه هئڻ جي ڪري ٻوڏ ايڏي تباهي نه آڻي سگهي ها. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جنهن ۾ ڪچي جي 12 کان 15 لک ماڻهو به متاثر ٿيا آهن، سنڌ ۾ آيل تواريخي ٻوڏ جتي وڏي تباهي آندي آهي سوين ماڻهو موت جو کاڄ بڻيا آهن ۽ ماڻهن جي وڏي انگ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ منتقل ٿيڻ جي ڪري ٻارن جي تعليم به تباهه ٿي آهي. سنڌ صوبي ۾ تعليم جو اڳ ئي ٻيڙو ٻڏل آهي، وري هن ٻوڏ ۾ اسڪولن ۾ جيڪي ٻوڏ ستايلن جون ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن. جنهن جا ناڪاري اثر اُنهن هزارين ٻارن جي مستقبل تي پوندا، انهن قوم جي معمارن جو رابطو اسڪولن کان بلڪل ڪٽجي ويندو. هڪڙا اُهي ضلعا جيڪي مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، ٻيا اُهي ضلعا جتي اسڪولن ۾ ڪئمپون قائم ڪيون ويون آهن، انهن علائقن جا اسڪول به ٻارن کي تعليم ڏيڻ کان محروم آهن، جنهن جا خطرناڪ اثر تعليم تي پئجي رهيا آهن. اهي ڪئمپون ڪافي عرصو قائم رهڻ جو امڪان آهي. حڪومت کي گهرجي ته مستقبل ۾ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ پائيدار حڪمت عملي جوڙي انهيءَ تحت سنڌ 825 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ سنڌو درياءَ جي بندن کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پڪو پختو ڪيو وڃي، جيئن آئينده اهڙي قسم جي تباهي نه اچي سگهي، اُن کان علاوه آبپاشي کاتي ۾ ڪامورن جي سست رفتاري ۽ خرد برد جو نوٽيس وٺندي 1976ع کانپوءِ بندن جي مرمت واهن شاخن جي کاٽي لاءِ رکيل رقم کي هڙپ ڪرڻ ۽ نااهلي غفلت جو نوٽيس وٺي اعليٰ قسم جاچ ڪرائي فرض ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملدارن کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، جيئن مستقبل ۾ سنڌ کي ايڏي وڏي تباهي کان بچائي سگهجي. زرعي ترقياتي بئنڪ کي سخت قسم جون هدايتون جاري ڪيون وڃن، جيئن فوري طور تي ٿيل ضلعن ۾ آبادگارن کي ننڍي مدت وارا بنا وياج قرض ڏئي جيئن اُهي معياري ٻج خريد ڪرڻ کي يقين بنائي درياءَ ۾ پاڻيءَ جي لاٿ کانپوءِ ڪچي جي علائقي ۾ ربيع جي مند ۾ دالين وارا فصل جهڙوڪ چڻا، مٽر مهري ۽ تيلي ٻجن وارن فصلن جنهن ۾ ڄانڀو، توريو، سرنهن پوکين اُن سان گڏوگڏ بوسي ڪڻڪ لڳائين. اُن کان علاوه سنڌو ندي ۾ تباهه ٿيل ٻيلن کي ٻيهر زندهه رکڻ جي لاءِ ٻيلي کاتي وارن کي قسم جون هدايتون جاري ڪري انهن کي وڌيڪ سرگرم ڪيو وڃي، جيئن اُهي درياءَ ۾ لاٿ کان ٻٻرن جا چيچڙا لڳائين، جنهن سان ٻيلن ۾ هڪ دفعو ٻيهر اُهي رونقون بحال ٿين، جنهن ڪري ماضيءَ ۾ ٻيلن جو خاتمو آندو ويو ۽ ڪچي جي زمين کي جاگيردارن جي قبضي کان بچائڻ لاءِ ڪچي ۾ قائم پوليس اسٽيشن کي هدايتون جاري ڪيون وڃن ته جنهن ۾ آفيسر جي حد ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪيو ويو ته انهيءَ عملدار کي نوڪريءَ مان برطرف ڪيو ويندو. انهيءَ عمل سان سڄي ٻيلي کاتي جي زمين کي قبضي کان بچائي سگهجي ٿو ۽ ٻيلي کاتي جا عملدار ملوث ڏٺو وڃي ته اُن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. سنڌ جي ڪچي جي 19 ضلعن مان لڏپلاڻ ڪيل 10 کان 12 لک بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي ”ٻيلي“ ڪچي ۾ وڃڻ کان روڪيو وڃي، اُنهن کي ڪراچيءَ جي ناردرن باءِ پاس ڪراچي يا سپر هاءِ وي تي ”سيلاب سٽي“ (يا) باءِ پاس ٽائون جي نالي سان نئون شهر آباد ڪيو وڃي، اُتي اُنهن جي مستقل رهائش جو بندوبست ڪري حڪومت آئنده سال جا ترقياتي ڪمن لاءِ رکيل رقم انهيءَ سٽي تي خرچ ڪري انهيءَ سلسلي ۾ عالمي ادارن سان به رجوع ڪيو وڃي. انهن ماڻهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي لاءِ عورتن کي گهريلو سطح تي مينهون پالڻ کير جو ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ مينهون وٺي ڏنيون وڃن، اُن کان علاوه دوڪان جي ڪاروبار ڪرڻ پوليٽري ۽ ڊيري فارمنگ ڪرڻ جي لاءِ انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي ته اهي ماڻهو پاڻ ڀرا ٿي سگهن. بشڪريه روزانه عبرت