هڪ عورت ڊاڪٽر کي؛ جڏهن به منهنجو مڙس گهر ايندو آهي،اچڻ سان ئي مارڻ شروع ڪندو آهي۔ ڊاڪٽر؛ هُو جيئن ئي گهر اچي، تون 15 منٽن تائين ڏند صاف ڪندي ڪر۔ عورت ڪجھ دير کان بعد؛ ڏند صاف ڪرڻ جا ڪيترا فائدا آهن۔؟ جو منهنجو مڙس مونکي ڪجھ نه چوندو۔؟ ڊاڪٽر؛ هي فائداڏندن صاف ڪرڻ جا نه آهن،زبان بند ڪرڻ جا آهن۔
جواب: ڏنڍ صاف ڪرڻ جا فائدا ها سائين انهيءَ جي ڪري ته مان گُونگِيءَ سان شادي ڪئي آهي....اصلي سڄو ڏينهن سانت....پيا اشارن تي هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا آهيون. :d:d
جواب: ڏنڍ صاف ڪرڻ جا فائدا ادا مبارڪون هجن۔۔ اڻ ڳڻت مبارڪون، شادي اها به گونگي سان۔۔۔۔۔ واهه واهه۔۔۔۔ ادا مطلب ته اوهان ٻئي اکين جي ٻوليءَ سان ڳالهايو ٿا۔۔۔هڪ ٻئي جي اکين مان ڪاوڙ، اکين مان پيار، اکين مان اُداسي، اکين مان خوشي خبر پئجي وڃي۔۔۔۔ واهه واهه اونئين به ڪنهن يورپي سياڻي (الائي بيوقوف) چيو آهي ته شادي هڪ صورت ۾ ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي۔۔ يا ته زال گونگي هجي يا وري مڙس ٻوڙو هجي۔۔۔
جواب: ڏنڍ صاف ڪرڻ جا فائدا هاهاهاهاهاها..............مست مذاق ٿو ڪيان يار........الله پناھ ڏي شادي کان.
جواب: ڏنڍ صاف ڪرڻ جا فائدا ادا عاشق؛ يار هڪ ڳالهه صاف ڪر ته شادي گونگي سان ڪئي اٿوَ يا گونگي سان ۔۔۔ ٻنهي جي جنس ۾ فرق آهي ۔۔۔ خئير آهي اڄڪلهه ترقي جو زمانو آهي ۽ گهڻن ملڪن ۾ هي ۽ شي ۾ ڪو فرق ناهي رهيو ۔۔۔ هڪ نقطي سبب ماڻهون محرم مان مجرم ٿي پوي ٿو ۔۔۔ اوهانکي شادي جون مبارڪون هجن ۔۔۔ ڀت ته نه کاڌو پر پو به دوستن سان ڪهڙا ليکا ۔۔۔ سلامت هجو ۔۔۔
جواب: ڏنڍ صاف ڪرڻ جا فائدا هاهاهاهاهاها...........سائين مان اڃان شادي ڪان ڪئي آهي...مڙئي مست سان مذاق پيو ڪريان...باقي الائي گونگي آ يا گونگو نصيب ۾.......الله خير ڪندو مهرباني سر
جواب: ڏند صاف ڪرڻ جا فائدا هاهاها جهگڙي کان بچڻ لاء سٺي ٽپ Tip آهي... سائين شاديء جو لَڏو نه کائي پڇتائڻ کان بهتر آهي ته کائي پوء پڇتائجي.. D:
جواب: ڏند صاف ڪرڻ جا فائدا يار هروڀرون مائِي جي زبان بند کي ڳنڍ ڏئي ويٺا آهيو ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽر ان مائِي کي ڏند صاف ۽ تکا ڪرڻ جو چيو هُجي ته من ڪو ان مائِي جو مڙس ڊڄي پئي ته ايڏا جو ڏند صاف پئي ڪري متان ڏندن سان چڪ هُڻي، سُڄائي نه وجهي۔ ڀائو عورتون ڀلي گونگيون هُجن پر جڏهن تيس مارو ڪنديون آهن ڳين ڳين مين مين ڪري ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏينديون آهن، عاشق ڀوتار تون به لاري لڳ شادي ڪري ڏس، ڀلي تون مولائڻ کي ڏهه ڏهه ٽوٿ پيسٽ سان گڏ ٽوٿ بُرش صرف کيس پندرهن منٽن جي ماٺ لائي وٺي ڏجانس، پر سندس وات ته بند هوندو پر جيڪي نه سندس هٿ پير ، ۽ آڱرين جا پنج ئي هلندا پاڻهي سمجهي ويندين۔ اهي ڳالهيون تون جهوني علي علي کان پُڇي ڏس۔ اسين ته اهڙين ڳالهين کان رچي راس ٿي صفا لال ٿِي ويا آهيون۔ باقي توکي تجربي ڪرڻ جي ضرورت آهي ان ڪري بابلا عاشق فوري شادي ڪر۔ ۽ نت نوان تجربا ڪر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !!
جواب: ڏند صاف ڪرڻ جا فائدا اباڙي ماري ڇڏئي.......ڏُک به اهڙا......جو روز گهر وڃ وري مائيءَ جو منهن ڏسي در تي مٿي کي هٿ ڏئي ويهي رھ.؟