• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس جي انٽري ٽيسٽ۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ٻه ڏينهن اڳ آچر جي ڏينهن 31 آڪٽوبر 2010 تي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس ۽ ايم ايس ۽ ايم فل پروگرام جي انٽري ٽيسٽ ٿي گذري، ٽيسٽ ڇا هئي بس منجهيل پيپر هو، جنهن جو مقصد شاگردن کي منجهائڻ‌هو۔۔ تقريبن 3600 شاگردن هن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو۔۔۔ مان به ماسٽرس واري پيپر ۾ ويٺس۔۔ پيپر جيڪو 9 بجه صبح شروع ٿيڻو هو، گهٽ ۾ گهٽ 11 بجه شروع ٿيو۔۔ ان کان بعد وري مزي جي ڳالهه ته پيپر ۾ ڪيترن ئي جڳهن تي هڪ ئي سوال ٻن جڳهن تي آيل هو، مطلب ته ڊبلنگ ٿيل هئي۔ ان کان علاوهه وري ٻن سوالن جي هيٺان چار آپشن ته موجود هئا پر ان سان گڏ سوال جي اڳيان ئي ڊبل ڊاٽ سان جواب به لکيل هو۔۔ ها ها ها
، ان کان سواءِ هڪ سوال ته اهڙو هو جنهن کي پڙهي کل ڇٽي وئي۔۔۔ سوال هو ته برطانيه جو موجوده وزير اعظم ڪير آهي۔۔؟
جڏهن جوابن تي نظر ڦيرائي ته ڪٿي به موجوده وزيراعظم جو نالو نظر نه آيو۔۔ ان جي جڏهن انوجيليٽر کي نشاندهي ڪرائي ته پوءِ انتظاميه اک پٽي ۽ انهن اعلان ڪرايو ته ان سوال سميت مٿئين چئني سوالن کي ڪاٽو ڪيو ويندو ۽ مارڪون بقايا سوالن مان ڏنيون وينديون۔۔۔۔
400 مارڪن واري هن پيپر مان اهڙن پنجن سوالن جي ڪاٽو ٿيڻ‌بعد مارڪون 380 بيٺيون هونديون ۽ اوهان جي هن دوست مست انهن 380 مارڪن مان 240 مارڪون کنيون۔۔۔۔

 
جواب: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماسٽرس جي انٽري ٽيسٽ۔۔۔

ادا مست مبارڪ هجئي ادا


الله ڪندو توهان ڪاميابي هڪ ڏينهن توهان جي قدم چمندي

سدائين گڏ
 
Back
Top