نامياري اديب ، شاعر ۽ براڊڪاسٽر عنايت بلوچ جو پورو نالو عنايت الله ولد غلام نبي اداسي کوسو بلوچ آهي. سندس والد پڻ پنهنجي دور جو اهم شاعر هو. سندس جنم 3 آڪٽوبر 1941ع تي ڳوٺ حاجي يار محمد کوسي لڳ احمد پور ضلعي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس تعليم ايم اي (اسلامڪ هسٽري ) آهي. عنايت بلوچ شاعر هئڻ سان گڏ سٺو نثر نگار ، نقاد ۽ لطيف جو پارکو پڻ آهي
ڪسٽمز کاتي ڪراچي ۾ آفيسري جي نوڪري کي خيرباد چئي 1970 ۾ براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ داخل ٿيو. جتي هو مختلف هنڌن تي مختلف عهدن تي رهيوجهڙوڪ اسسٽنٽ ريجنل ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدراباد (1970کان 1974 ) پروگرام مئنيجر ڪوئيٽا ۽ ڪراچي (1974 کان 1984 ) اسٽيشن ڊائريڪتر تربت ، حيدرآباد ۽ اسلام آباد (1982 کان 1995) ڪنٽرولر هوم ( 1995 کان 1996 ) ڊائريڪٽر پروگرامس پي بي سي اسلام آباد (1996 کان 2001) .
ان کانسواء پنهنجي قابليت جي بنياد تي ڪنسلٽنت پيمرا به رهيو آهي. پاڻ مختلف خانگي چئنلس تي پڻ مختلف عهدن تي رهيو آهي جهڙوڪ جي ايم سچل ايف ايم 105 ۽ جي ايم جوش ايف ايم 99 .عنايت بلوچ دنيا جي ڪيترن ملڪن مان ريڊيو سان لاڳپيل ڪورسن ، ورڪشاپن ۽ سيمينارن ۾ به شرڪت ڪئي.
عنايت بلوچ کي ريڊيو پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت سان ٻه دفعا محترما بينظير ڀٽوسان گڏجي ٻاهرين ملڪن جي سفر جو اعزاز مليو. عنايت بلوچ کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته سندس نالو
World’s who is who of poetry
۾ آيل آهي. جيڪو 1978 ۾ ڪئمبرج انگلينڊ مان ڇپيو. کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ ميڊل پڻ مليا آهن 1987 ۾ شهباز گولڊ ميڊل ، پاڪستان رائيٽرس گلڊ پاران سنس شاعري جي ڪتاب “ تند ڪٽارو ڪنڌ ” ۽ سفرنامي “ پرين جي پرديس ” تي کيس انعام ڏنا ويا. سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران سندس ادبي خدمتن تي تاجپوشي ڪئي وئي. پاڻ بزم تعمير ادب جو صدر رهيو آهي.
سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن
1 تند ڪٽارو ڪنڌ (شاعري) 1981
2 پرين جي پرديس (سفرنامو) 1984
3 پرديسي ڪهڙا پرين (سفرنامو) 1987
4 سهسين ٿيا سارنگ (سفرنامو) 1995
ان کانسواء پاڻ هيٺيان ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا آهن
1 سڀ ۾ پنهون پاڻ (مير سڪندر خان کوسي جو ڪلام) 1974
2 ڪي پڙاڏا ڪي سڏ (جي الانا جي سنڌي شاعري) 1981
3 پيارن جا پيغام (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي خطن جي ترتيب) 2008
عنايت بلوچ هن وقت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر آهي
انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان