اڳي اٺ رڙن... مون ڀيري ماٺ ٿي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اڳي اٺ رڙن... مون ڀيري ماٺ ٿي!​
    ريڙهي ڳوٺ جا معذور ٻار ۽ سنڌ حڪومت جي بي حسي​

    فدا شيخ
    [​IMG]
    بن قاسم ٽائون ۾ سمنڊ ڪناري صديون پراڻي ماهيگيرن جي وسندي ريڙهي مياڻ ۾ 200 کان وڌيڪ معذور ٻار موجود آهن، 16 ٻارن ۽ 60 هزار کان وڌيڪ آبادي رکندڙ هن ماهيگير وسندي ۾ هيڏي وڏي تعداد ۾ ٻارن جي معذور هجڻ کان پوءِ بک، بدحالي ۽ غربت جي ورچڙهيل ماهيگيرن جي گهرن ۾ روڄ راڙو متل آهي، معذور ٻارن جي خبر پهريون ڀيرو معذورن جي عالمي ڏينهن تي مهاڻن جي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم ميڊيا آڏو پڌرو ڪري حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ويو آهي، ريڙهي ڳوٺ ۾ معذور ٻارن جن جي عمر 6 کان 18 سالن تائين آهي، گهر جي اڱڻن، کٽن گاڏين ۽ ٻين هنڌن تي بي يارو مددگار ڪنهن اڻ ڏٺي مدد جي آسري گهرن جي درن ۾ اکيون کوڙيو پيل ٻارن متعلق انڪشاف ٿيو ته معذور ٿيندڙن ۾ معصوم ڇوڪرين جو تعداد وڌيڪ آهي. معذور ٻارن جي مائٽن محمد حمايتي، حاجي عبدالله، محمد حسين، محمد حسن، جان محمد، عمر، ابراهيم ۽ ٻين ٻڌايو ته هو ماهيگير آهن جيڪي سمنڊ ۾ روزگار حاصل ڪن ٿا ۽ غربت سبب خوراڪ جو اڪثر پوراءُ نٿا ڪري سگهن، جنهن سبب سندن ونيون صحت بهتر نه هجڻ سبب پيدائشي طور ٻارن کي معذور ڄڻي رهيون آهن هنن انتهائي ڏک ۾ ٻڌايو ته هو جڏهن گهر موٽن ٿا ته پنهنجي ٻارن کي معذوري واري حالت ۾ ڏسي پنهنجو پاڻ کي بيوس محسوس ڪن ٿا، هنن چيو ته هو ٻارن جو علاج ڪرائڻ کان لاچار آهن، معلوم ٿيو آهي ته ريڙهي ڳوٺ جي مختلف پاڙن سيد پاڙي ۾ 5 معذور ٻار موجود آهن، خليفي جت پاڙي ۾ 18، ملڪائي پاڙي ۾ 20، موساڻي پاڙي ۾ 21، سياراڻي پاڙي ۾ 10، ورياڻي ۾ 6، شيخ پاڙي ۾ 8، خاصخيلي پاڙي ۾ 12، قاسماڻي پاڙي ۾ 16، پن پاڙي ۾ 8، موساڻي پاڙوٽو ۾ 13، صديق خاصخيلي پاڙو ۾ 9، بختاور پاڙي ۾ 10، دبلا پاڙي ۾ 5، حاجي امين جت پاڙي ۾ 10 ۽ بلوچ پاڙي ۾ 2 ٻار معذور موجود آهن. ان موقعي تي معذور ٻارن جنهن ۾ ملڪائي پاڙي جي 14 سالن جي ابوبڪر، 13 سالن جي شڪيلا، 9 سالن جو احمد، خليفو جت پاڙي جا 16 سالن جو احمد، 18 سالن جي حاجره، 12 سالن جو نذير احمد، 10 سالن جو دلبر، ورياڻي پاڙي جو 12 سالن جو شامون، موساڻي پاڙي جو 22 سالن جو حسين ۽ 25 سالن جي سليمان جي والدين ٻڌايو ته 25 سيڪڙو ٻار پيدائشي طور اپاهج آهن، 50 سيڪڙو ٻار ٽائيفائيڊ جي تيز بخار، 20 سيڪڙو وڏي عمر ۾ اچڻ بعد ۽ 5 سيڪڙو اهڙا ٻار به آهن جي کي شرارتي هجڻ سبب سزا طور مارڪٽ ڪري معذور بڻايو ويو آهي. بيماري جي سببن ۾ علائقي جي صورتحال ۾ گندگي، پيئڻ جي پاڻي ۾ گٽر جو پاڻي شامل هجڻ، نشي ۾ هيروئن کان وٺي صمد بونڊ سونگهڻ ۽ غذا جي اڻهوند شامل آهن. بيماري جي تيزي سان پکڙجڻ متعلق ريڙهي واسين جو چوڻ آهي ته مختلف وقتن تي حڪومتي عملدارن ۽ سماجي ادارن کي مدد لاءِ چيو ويو پر ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي، هن وقت نالي ماتر آغا خان اسپتال طرفان فزيوٿراپي جو هنگامي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي، پر سهولتون ۽ عملو نه هجڻ سبب اهو به ايترو لاڀ نه ڏئي سگهيو آهي.
    ريڙهي ڳوٺ جي معذور ٻارڙن جي خبر اخبارن ۾ ڇپجڻ بعد وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪاره شرميلا فاروقي سڀ کان اڳ ۾ ريڙهي ڳوٺ پهتي، جتي هن معذور ٻارڙن کي ڏٺو ۽ سندن والدين سان همدردي جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هيڏي وڏي تعداد ۾ ٻارڙن جي معذور هجڻ افسوس ناڪ عمل آهي، هوءَ ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهه ڪندي ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪليندي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته ٻارڙن ۾ ڪهڙي بيماري آهي، هن چيو ته غربت، غذا ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن ۽ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته سٽي گورنمينٽ پاران اڃان تائين هتي ڪا طبي امدادي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي، پر هن دوري کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين ڪو به اهڙو ڪم نه ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ معذورن جي مدد ٿي سگهي.
    ايترو ضرور ٿيو جو ريڙهي ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ معذور ٻارڙن جو انڪشاف بعد ڊبليو ايڇ او جي ٽيم حيدرآباد کان ريڙهي ڳوٺ ڪراچي پهچي وئي، ان کان اڳ ٽيم ۾ شامل ڊاڪٽرن، ڊاڪٽر نسرين، پراونشل سرونل آفيسر ڊاڪٽر سومار کوسو ۽ انوائرمينٽ انجنيئر محمد عمران خان پاڪستان فشر فوڪ فورم آفيس ابراهيم حيدري پهتا، جتي محمد علي شاهه کين صورتحال متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني، جنهن بعد هنن ريڙهي ڳوٺ جي جت پاڙي ۽ موساڻي پاڙي ۾ 25 کان وڌيڪ معذور ٻارڙن جي گهر وڃي سندن والدين سان ملاقات ڪئي ۽ صورتحال معلوم ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سومار کوسو صحافين سان ڳالهائي چيو ته هيڏي وڏي تعداد ۾ معذور ٻارڙن کي ڏسي افسوس ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته هتي غربت، خوراڪ ۽ پاڻي جي صاف نه هئڻ ڪري اڪثر مائون معذور ٻارڙن کي جنم ڏين ٿيون ۽ تيز بخار ڪري به ٻارڙا معذور ٿيو وڃن ٿا، هنن چيو ته هو صورتحال جي رپورٽ عالمي ادارن کي روانو ڪندا ته جيئن فوري طور تي قدم کڻي سگهجي.
    سنڌ حڪومت معذور ٻارن جي ڪا به واهر نه ڪئي، نه وزيراعليٰ آيو ۽ نه ئي سندس وزيرن ڪو ڦيرو ڪيو، سنڌ حڪومت رڳو ريڙهي ڳوٺ ۾ معذور ٻارڙن جي معذور هجڻ جو نوٽيس وٺندي ٻارڙن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم نيل ڪنٺ ۽ جي ڪمار کي سول اسپتال مان ريڙهي ڳوٺ موڪليو ويو، جتي هنن 30 کان وڌيڪ ٻارڙن جي چڪاس ڪئي ۽ ٻارڙن جي والدين کي هدايت ڪئي ته فوري طور تي ٻارڙن کي اسپتال آندو وڃي ته جيئن مرضن جي وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي. ان بعد ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ريڙهي ڳوٺ ۾ ٻارڙن ۾ هڏن جون بيماريون عام آهن، هنن چيو ته متاثر خاندانن کي ٻارڙن جون شاديون نه ڪرائڻ گهرجن.
    مسلسل خبرن اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن جي اين جي اوز ريڙهي ڳوٺ ۾ معذور ٻارن جي چڪاس ۽ رت ٽيسٽ لاءِ انفيڪشن ڪنٽرول سوسائيٽي جي ڊاڪٽرن جي ٽيم پهچي پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سهڪار سان طبي ڪئمپ قائم ڪئي، جنهن ۾ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر عذره 22 کان وڌيڪ ٻارن کي چڪاس ڪندي سندن رت جون ٽيسٽون ورتيون، جڏهن ته سوسائٽي جي ڊاڪٽر سعيد عباسي ۽ ڊاڪٽر خورشيد هاشمي ٻارن جو مجموعي معائنو ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽرن ٻارن کي انجيڪشن ۽ دوائون پڻ ڏنيون، ڪئمپ جي پڄاڻي تي ڊاڪٽرن معذور ٻارن جي والدين ۽ علائقي جي سماجي ڪارڪنن کي آگاهي ڏيندي چيو ته علائقي ۾ معذور ٻارن جي وڌندڙ تعداد جو سبب غذا جي گهٽتائي، هڏن جي بيماري، خاندان ۾ شاديون ۽ معلومات جي کوٽ آهي. ان بيمارين کان بچڻ لاءِ علائقي جا سمجهدار سماجي ڪارڪن، معززين، چونڊيل نمائندا ۽ خود والدين فوري طور تي پاڻ ڀري ڪارروائي نه ڪندا تيستائين هي مسئلو حل ٿي نه سگهندو، هنن چيو ته معذور ٻارن ۾ گهڻائي اهڙن ٻارن جي آهي جيڪي فوري علاج بعد ٺيڪ ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته ڪيترائي ٻار پوليو ۽ تيز بخار سبب مڪمل طور تي معذور بڻجي ويا آهن، جن جو هاڻ علاج ممڪن ناهي، هنن چيو ته علائقي ۾ نه ڪا پراسرار بيماري آهي نه ئي ڪو اهڙو مرض آهي جيڪو وڌيڪ ٻارن کي معذور بڻائي، پر جيڪڏهن بي احتياطي کان ڪم ورتو ويو ته ٻيا ڪيترائي ٻار معذور ٿي سگهن ٿا. ڊاڪٽرن بعد ۾ پاڪستان فشر فوڪ فورم جي عهديدارن سان گڏجاڻي ڪئي، جنهن ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته انفيڪشن ڪنٽرول سوسائٽي ۽ پاڪستان فشر فوڪ فورم گڏجي ٻارن جي علاج لاءِ هڪ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪندا، جنهن ۾ ٻارن جا ماهر ڊاڪٽر ليبارٽري ۽ دوائون پڻ رکيون وينديون جڏهن ته پاڪستان فشر فوڪ فورم ايمرجنسي ۾ ٻارن کي وڏين اسپتالن ۾ پهچائڻ جي ذميواري قبول ڪئي. معذور ٻارڙن جي والدين ان موقعي تي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري سطح تي سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هو ٻارن جي کاڌ خوراڪ، تعليم ۽ صحت جي سڌاري لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي سگهن. هنن ڊبليو ايڇ او جي ٽيم تي تنقيد ڪندي چيو ته سندن اولاد متعلق رڳو اهو چوڻ ته اها خانداني بيماري آهي ساڻن سراسر ناانصافي آهي. اسان جا ٻار نه رڳو خانداني بيماري سبب پر مختلف بيمارين ۽ سببن جي ڪري بيمار ٿي رهيا آهن ۽ هاڻ ايندڙ ڊاڪٽرن جون ٽيمون ٻارن کي باقاعده چڪاس ڪري ان ڳالهه جي تصديق ڪري رهيون آهن ته هيڏي وڏي تعداد ۾ ٻار ڇو معذور ٿيا آهن. اهڙي رپورٽ کانپوءِ حڪومت کي پاڻمرادو قدم کڻي اسان جي مدد ڪرڻ گهرجي.
    هوڏانهن سنڌي اخبارن ۾ مسلسل خبرن اچڻ بعد جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا ٻارن تي اسٽوريون هلايون ته صحت کاتي جو صوبائي وزير ڊاڪٽر صغير احمد ڪراچي جي سمورن ڊاڪٽرن جي ٽيم سان گڏ ريڙهي جي غريب ماڻهن جي اڱڻن تي پهتو، هن خليفو جت پاڙي ۾ مختلف پاڙن کان آيل 50 کان وڌيڪ ٻارن جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻارن جون مائرون اولاد لاءِ روئينديون ۽ صوبائي وزير کي ٻاڏائينديون رهيون، صوبائي وزير سان گڏ ڊاڪٽر غفار بلو، اي ڊي او صحت ڪراچي، ٽي ايڇ او بن قاسم، ايم ايس ابراهيم حيدري سميت ٻارن جي بيمارين متعلق ماهر ڊاڪٽرن ٻارن جي چڪاس ڪندي اعتراف ڪيو ته ريڙهي ڳوٺ ۾ ٻارن جي معذوري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان موقعي تي صوبائي وزير ميڊيا جي نمائند کي ٻڌايو ته ريڙهي ۾ هن جيڪي به ٻار ڏٺا آهن انهن ۾ اڪثريت غذا جي کوٽ، هڏن جي بيماري ۽ خاندان ۾ شادي ڪرڻ آهي، هن چيو ته هن فوري طور سڀاڻي ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي ۽ ريڙهي ۾ تيار ٿيل سرڪاري اسپتال جي ايس اين اي وزيراعليٰ کان منظور ڪرائي ڊاڪٽر مقرر ڪرڻ ۽ فوري طور اسپتال کي شروع ڪيو ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير معذور ٻارن جي والدين محمد حسين جت ۽ موسيٰ جت جي ٻارن کي ڳڻتيءَ جوڳو قرار ڏيندي کين فوري طور جناح ۽ سول اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جون هدايتون جاري ڪيون بعد ۾ صوبائي وزير مختلف پاڙن جو دورو ڪندي ابراهيم حيدري پهتو، جتي هن ڄام پنهون ماهيگير جي گهر وڃي سندس 4 معذور ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ٻارن جي مائٽن صوبائي وزير کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ريڙهي ۾ هن وقت 204 ٻار معذور بڻيل آهن، غريب ماهيگيرن جي گهرن کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي، جنهن سبب هو ٻارن کي اسپتال پهچائڻ جي طاقت نٿا رکن، هنن چيو ته ماهيگيرن جي آبادين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، گندگي ۽ ماحوليات جي خرابي سبب صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي.
    صوبائي وزير اچڻ سان اتي موجود ميڊيا کي چيو ته هو 200 ٻارن سان ملي پوءِ واپس ويندو، هن رڳو 50 ٻارن کي ڏٺو ۽ روانو ٿي ويو، سندس وڃڻ کانپوءِ ٻي ڏينهن ريڙهي ڳوٺ جي نئين ٺهيل اسپتال جي عمارت ۾ معذور ٻارن جي چڪاس جي ڪئمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ سنڌ صحت کاتي جي ڪامورن ۽ ٻارن جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن جميل مري، ڊاڪٽر خليل احمد ڊاڪٽر عمر ۽ ٻين ريڙهي جي 60 کان وڌيڪ ٻارن جي چڪاس ڪئي، ان موقعي تي بيمار ٻارن کي فوري طور آغا خان اسپتال داخل ڪرايو ويو، سول اسپتال ۾ صبح جو سوير داخل ڪيل محمد حسين جت جي 4 ٻارن جي سرڪاري طرح پر گهور نه لهڻ سبب حسين جت پاڪستان فشر فوڪ فورم سان رابطو ڪري احتجاج ڪيو آهي ته کيس اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ بعد سيڪيورٽي عملي سندس بسترا ۽ ڪپڙا کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيا، جڏهن ته ڊاڪٽرن کيس سختي سان هدايت ڪئي ته هو ٻارن لاءِ ڪيلا، کير ۽ دهي وٺي اچي کين کارائي ان موقعي تي ڊاڪٽرن کيس دوائون لکي ڏنيون ۽ چيو ته هو ٻاهران اسٽور تان وٺي اچي، هن چيو ته جيڪڏهن هن وٽ پئسا هجن ها ته هو ڪنهن سٺي پرائيويٽ اسپتال ۾ ٻارن جو علاج ڪرائي ها، پر غربت سبب سندس هن سرڪار کان مدد گهري، جنهن جي نتيجي ۾ کين سرڪاري خرچ تي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو ۽ هاڻ اسپتال ۾ سندس تذليل ڪئي پئي وڃي ۽ مجبور ڪيو وڃي پيو ته دوائون پئسن تي خريد ڪريان.
    هن وقت صورتحال هي آهي ته جيڪڏهن ميڊيا معذور ٻارن جي مسئلي کي اڀاري نه ها ته اڃان تائين ٻارن جي خبرن کي شايع نه ڪندي اچي ها ته ٻارڙا ٿوري گهڻي سرڪاري ڌيان کان به محروم ٿي وڃن ها. اهو ميڊيا جو ئي ڪمال آهي ته گذريل ڏينهن جڏهن سول اسپتال ۾ ڊاڪٽر منير طرفان معذور ٻار کي ڌڪو ڏئي زخمي ڪيو ويو ته معذور ٻار جي والد پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه کي روئي صورتحال ٻڌائي جنهن بعد حسين پنهنجي 4 معذور ٻارن سوڌو ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٻار آڻي رکيا ۽ احتجاج ڪيو، جنهن بعد صوبائي وزير صحت، صوبائي سيڪريٽري ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر اچي پهتا ۽ حسين جت کي پرچائي واپس وٺي ويا. هوڏانهن بن قاسم ٽائون جي ٽي ايڇ او ڊاڪٽر يوسف چاچڙ ذاتي دلچسپي وٺي 22 کان وڌيڪ ٻارن کي چڪاس ڪري عباسي شهيد اسپتال موڪليو آهي.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس وزير ريڙهي ڳوٺ پهچي معذور ٻارن لاءِ مالي سهائتا ڪن، هي ٻار پاڪستاني شهري آهن ۽ ٻين جيان هنن جي مدد به حق آهي، پنجاب حڪومت معذورن جي ڀلائي لاءِ ڪروڙين رپيا خرچي ڪري رهي آهي شهري حڪومت ۽ سرندي وارا به رڳو شهر ۾ نمائشي امدادون پيا ورهائين، کين ڪراچي جي ڪنڊ ۾ ڳوٺن اندر موجود معذور ٻار نظر نٿا اچن اهڙي عمل تي احتجاج ۽ ڏک ئي ڪري سگهجي ٿو، موجوده پيپلزپارٽي جي حڪومت کان اميد ڪجي ٿي ته ايمرجنسي سينٽر قائم ڪن ۽ ايمبولينس جي مستقل موجودگي جا حڪم جاري ڪن ته سنڌي ماڻهن جي ڦٽن تي مرهم رکي سگهجي
    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اڳي اٺ رڙن... مون ڀيري ماٺ ٿي

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو