مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيل سنڌ جو عوام محمد بخش ڏاهري انگريز ليکڪ راجر پيئرس 1942ع جي ٻوڏ يادگيرين جي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته سنڌ ۾ آيل ٻوڏ دؤران جيتوڻيڪ سنڌ جو ڪوئيٽا سان زميني رابطو ڪٽجي ويو هو پر مون کي تڏهن حيرت ٿي ته ڪوئيٽا مان ايندڙ فروٽ ۽ ڀاڄيون بلڪل سستيون وڪرو ٿي رهيون هيون. پوءِ مون کي خبر پيئي ته اهي فروٽ ۽ ڀاڄيون ٻيڙين رستي سنڌ ۾ آنديون پئي ويا. هي ته 68 سال پراڻي ڳالهه آهي پر ساڳيون ٻيڙيون سنڌ ۾ اڄ به موجود آهن پر سندن ناکئا ڏاڍا بدلجي ويا آهن ۽ اهي قدرتي آفتن جو انتظار ڪن ٿا ۽ ماڻهن جي مصيبت ۾ ڦاسڻ مان ئي پنهنجو سهنج تلاش ڪن ٿا. اهي ساڳيا ٻيڙين وارا آهن، جن 2010ع جي ٻوڏ ۾ ماڻهن جي تڪليف ۽ اذيت ۾ مبتلا ٿيڻ جو فائدو وٺي، ماڻهن کي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان ڪڍڻ لاءِ في ماڻهو سوين روپيا وصول ڪيا، اهو سلسلو اڃان به جاري آهي. نااهل انتظاميا جي لاپرواهي سبب مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهو اڃان به سندن ڦرلٽ جو شڪار ٿي رهيا آهن. هڪ طرف ماڻهن کي ٻوڏ ۾ لوڙهيو ويو آهي ته ٻئي پاسي ٻوڏ کان بچي ويل علائقن جا ماڻهو شديد مهانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ ٻڏي رهيا آهن. انتها تي پهچي ويل مهانگائيءَ جو سلسلو ڏيڍ مهيني کان جاري آهي پر حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اختيارين جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سري. ائين ٿو لڳي هن ملڪ جا بادشاهه واپاري بڻجي ويا آهن. جڏهن وڻي تڏهن شين جا اگهه وڌايو ڇڏين. عوام ته اڃان ان انتظار ۾ آهي ته جڏهن سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ کنڊ جو اگهه 40 روپيا مقرر ڪيو هو ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ حڪومت کي هڪ مهيني جي مهلت ڏني هئي پر اسان مسڪين ماڻهن ڏٺو ته نه فقط کنڊ جو اگهه گهٽجي نه سگهيو پر يوٽيلٽي اسٽور تي حڪومت کنڊ جو اگهه ٽيهن ڏسو صفحو 6 روپين مان وڌائي 45 روپيا ڪري ڇڏيو ۽ بازار ۾ کنڊ جو اگهه گهٽ ٿيڻ بجاءِ واپارين 78 روپيا مقرر ڪري ڇڏيو. هاڻي روزانو هر خاندان 50 روپيا ڪلو تي وڌيڪ ادا ڪري پنهنجي قوت خريد کان محروم ٿي رهيو آهي ۽ ان سلسلي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي ۽ غريب عوام جي کيسي مان اربين روپيا نڪري عالمي قوتن جي پٺڀرائي ڪندڙ سرمائيڪار جي اڪائونٽ ۾ پهچي چڪا آهن. آمريتي حڪومتن ۾ ته اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اها عوام کي لٽي ڦري ڪنگال ڪري ڇڏي ٿي پر پنهنجي ملڪ ۾ معذور جمهوريت جي دؤر ۾ به ائين ئي ٿيندو آيو آهي. جيتوڻيڪ بظاهر ته عوامي حڪمراني جو نعرو هنيو ويندو آهي جمهوريت جيڪو حشر ڪيو ويندو آهي ان جي خبر هر بني بشر کي آهي. شوڪت عزيز حڪومت ۾ ته ڪجهه بااثر ماڻهن کي فائدو ڏيڻ لاءِ کنڊ جا ذخيرا لڪائي ڪروڙين عوام کي رلايو ويو پر عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيل موجوده حڪومت کي ڪهڙي ڪک سونگهيو، جو عام ماڻهو جي خريد قوت جي سگهه ختم ٿيڻ تي مڪمل خاموش آهي. عوام دوست پاليسين جا اهي انداز آهن ته هڪ ڏينهن جيڪڏهن پٽاٽا 20 روپيا ڪلو آهن ته ٻئي ڏينهن 40 روپيا ڪلو ٿي وڃن ٿا. خبر ناهي ته اسان جا حڪمران مرندڙ معيشت کي ڪلهو ڏيئي ان عوام کي بچائڻ جي ڪوشش ڇو نه ٿا ڪن، جيڪو سندن ووٽن جو ٻل آهي، جيڪو قدرتي آفتن ۾ سٽجڻ، مهانگائي، بيروزگاري ۽ بدامني جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي. سال ۾ بجيٽ جيتوڻيڪ هڪ ڀيرو اچي ٿي، پر پاڻ وٽ شوڪت عزيز ٽائيپ جيڪي روزانو مني بجيٽون اچن ٿيون، ان آزار کان عوام کي بچائڻ جي ذميواري ڪنهن جي آهي. شين جا روزانه وڌندڙ اگهه ڏسي ڪير چوندو ته ملڪ ۾ عوام نالي به ڪا مخلوق ٿيندي آهي جنهن کي زنده رهڻ لاءِ کاڌ خوراڪ کپي، جنهن عوام کي اجهو، لٽو ۽ زندگيءَ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر پنهنجي ملڪ ۾ چونڊيل ميمبر پنهنجا اڪائونٽ وڌائي ذميواري ادا ڪندا آهن، کين شايد اها به خبر ناهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين کانپوءِ جنهن بدترين مهانگائي منهن ڪڍيو آهي ان ۾ اڪثريتي عوام سٽجي سوڙهو ٿي ويو آهي. روزمره جي عام واهپي جي شين جا اگهه ڏهوڻ تي وڌي ويا آهن، جڏهن ته عام ماڻهوءَ جي آمدني ۾ هڪ روپيو به اضافو نه ٿيو آهي. اٽي جو ڪلو خريد ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي ته هو کنڊ، چانهه، ڀاڄي ڀتي ڪٿان خريد ڪري، مهانگائيءَ جي شرح ۾ جنهن تيزي سان اضافو ٿيو آهي، ان ۾ عام ماڻهو شديد مشڪلاتن ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس گهر به هلائڻو آهي ۽ ٻارن ٻچن جون گهرجون به پوريون ڪرڻيون آهن پر هتي لڳي ايئن ٿو ته عوام کي واپارين هٿان ڦرلٽ لاءِ آزاد ڇڏيو ويو آهي. اڌ سنڌ ٻڏي ويئي، بچيل سنڌ کي مهانگائي بڇي ويئي ۽ اهو سلسلو لاڳيتو وڌي رهيو آهي پر عوام جي داد رسي لاءِ ڪو به در نه ٿو کلي. سنڌ جي انهن المناڪ حالتن جو احساس ڪنهن کي ٿيندو؟ ٻوڏ کانپوءِ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن. مسڪين ماڻهو هاڻي دال بصر کان به محروم ٿي ويو آهي. بازارن ۾ بصر 80 روپيا ڪلو، ٽماٽا 200 روپيا ڪلو، ڀينڊيون 80 روپيا ڪلو، گوار 60 روپيا ڪلو، وهنجڻ جو صابڻ 45 روپيا، سرنهن جو تيل 200 روپيا ڪلو، دال مڱ 140، دال چڻا 90 روپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي انهن شين مان مسڪين ماڻهو جيڪڏهن ڇٽانگ ڇٽانگ خريد ڪندو ته به سندن ٻه ٽي سؤ هليا ويندا ۽ عام ماڻهو جي آمدني اڃان تائين سؤ سوا کان مٿي ٽپي نه سگهي آهي. ڏيڍ مهينو اڳ اهي ڀاڄيون 20 روپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيون هيون، پر عام واهپي جي شين ۾ هيڪاندي واڌ غريب ماڻهو کي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا آهن. مون نوابشاهه ۾ ٽماٽا وڪندڙ هڪ ريڙهي واري کان ٽماٽن جي اگهه وڌي وڃڻ جو سبب پڇيو ته ان چيو ته ٽماٽا ۽ بصر ڪوئيٽا مان اچن ٿا ۽ روڊ بند ٿيڻ سبب انهن جي رسد بند ٿي ويئي آهي. مون کي ان جي ڳالهه ته سهي لڳي پر مارڪيٽن ۾ عام واهپي جون شيون نه پهچنديون ته اگهه وڌندا. اها نيٺ ذميواري ڪنهن جي ته هوندي ته هو مارڪيٽ ۾ گهربل مقدار ۾ شيون پهچائي پر پاڻ سان ويساهه گهاتيون هيٺين سطح کان وٺي حڪومتي ادارن تائين ٿين ٿيون. گذريل سال موجوده حڪومت عوام کي ڏڍ ڏنو هو ته کنڊ ٻاهران گهرائي اٿئون، ڄاڻ جهاز پهتو ۽ پوءِ غريب غربو به پيو کنڊ کائيندو. عوام هڪ سال ان غوراب جو انتظار ڪيو پر الائي ڪٿي غرق ٿي ويو، جو عوام جا لاهه ئي نڪري ويا ڇاڪاڻ ته مهانگائي سنئون سڌو اڪثريتي غريب عوام تي اثرانداز ٿي ان جي جيئڻ جي حوصلي کي پست ڪري ٿي ڇڏي. مهانگائي ۾ غرق ٿيل ماڻهو جي اندر جون توانائيون به تيزي سان فنا ٿيڻ لڳن ٿيون پر جيئڻ جي آس رکندڙ هن عوام کي مهانگائي جي راڪاس کان ڪير بچائي جيڪو واڳونءَ جي وات ۾ آهي. ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ هو نيٺ ڪهڙي شيءِ خريد ڪري. عوام ته هاڻي فروٽ واپرائڻ جو ست نه ٿو ساري پر هو بنيادي شين کان به محروم ٿي ويو آهي. سنڌ حڪومت وٽ هڪ ئي بهانو آهي ته بابا ٻوڏ جي متاثرن ۾ ڦاٿا پيا آهيون. هنن کي بلائتو ڪريون ته پوءِ مهانگائي جي جن کي ڀڄايون. آئون سمجهان ٿو ته تيستائين ته عوام جو ساهه وڃي لـُـڪيءَ ۾ ڦاسندو. شديد مهانگائي عوام کي اذيت تڪليف ۽ مونجهاري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ان جي باوجود مهانگائي جي راڪاس کي رسو وجهڻ جي ڪا به اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي. منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا مهانگائي ۾ متاثر نه ٿا ٿين ته کين ڪيئن ڪل پوي ته مسڪين ماڻهو مهانگائي ۾ ڪيترو لوڙهي پيو. اسان جا عيوضي پنهنجي لگزري شين جي مهانگي ٿيڻ تي آواز اٿاريندا، باقي عوام آڌي مانجهي تڪليف سهڻ جو عادي، سور سهڻ جو ڏاڍو ته پوءِ انهن کي مٿي ۾ سور ڇو پئي جو عوام لاءِ سوچين. آئون سنڌ حڪومت کي اها التجا ڪرڻ چاهيان ٿو ته عوام هن حڪومت کي شهيد راڻي جي قرباني جي بدلي مليل حڪومت سمجهي ٿو ۽ عوام جون وڏيون اُميدون آهن ته شهيد راڻي جي خوابن کي ساڀيان لاءِ عوام تي احسان ڪري کين مهانگائي جي مصيبت کان نجات ڏياري. جيڪڏهن سنڌ حڪومت وٽ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي بحالي جو بهانو بنائي مصروفيت جو جواز آهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن مشيرن جا لشڪر ڇا پيا ڪن، جن عوام کي مصيبت جي هن گهڙي ۾ مهانگائي جي طوفان ۾ سٽجڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. هي سنڌ جا ماڻهو جيڪي روز واپارين، دڪاندارن هٿان لٽجن پيا، ان عمل کي ٻنجو نه آيو آهي ته پوءِ سڀاڻي استقبال ڪندڙ انارڪي کان ڪيئن بچي سگهبو. ائين نه ٿئي جو ماڻهو تنگ آيد جنگ آيد جو رستو اختيار ڪن. ان کان اڳ بهتر ٿيندو ته مهانگائي کي فوري طور روڪرائڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن ۽ مهانگائي ۾ ملوث ڪنهن عنصر سان ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي. جيڪڏهن اهڙا عنصر جوڳي سزا کان بچي ويا ته سڀاڻي انهن کي عوام جو رت چوسڻ ۾ آساني ٿيندي. ان ڪري سنڌ جي عوام کي دال، بصر ۽ عام واهپي جي شين کان محروم نه ڪيو وڃي ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ فوري طور اپاءُ عوام کي ڦرلٽ کان بچايو وڃي.شين جا روزانو وڌندڙ اگهه ڏسي ڪير چوندو ته ملڪ ۾ عوام نالي به ڪا مخلوق ٿيندي آهي، جنهن کي زندهه رهڻ لاءِ کاڌو خوراڪ کپي، جنهن عوام کي اجهو، اٽو، لٽو ۽ زندگيءَ جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، پر پنهنجي ملڪ ۾ چونڊيل ميمبر پنهنجا اڪائونٽ وڌائي ذميواري ادا ڪندا رهيا آهن، کين شايد اها به خبر ناهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين کان پوءِ جنهن بدترين مهانگائي منهن ڪڍيو آهي ان ۾ اڪثريتي عوام سٽجي سوڙهو ٿي ويو آهي، روزاني عام واهپي جي شين جا اگهه ڏهوڻ تي وڌي رهيا آهن، جڏهن ته عام ماڻهو جي آمدني ۾ هڪ رپيو به اضافو نه ٿيو آهي ته هو مهانگائي جي راڪاس جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهندو؟ عام پورهيت لاءِ اٽي جو ڪلو خريد ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي ته هو کنڊ چانهه، ڀاڄي ڪٿان خريد ڪري؟ مهانگائيءَ جي شرح ۾ جنهن تيزي سان اضافو ٿيو آهي ان ۾ عام ماڻهو شديد مشڪلاتن ۽ ذهني دٻاءَ جو شڪار بڻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ ته کيس گهر به هلائڻو آهي ۽ ٻارن ٻچن جون گهرجون به پوريون ڪرڻيون آهن، پر هتي لڳي ايئن ٿو ته عوام کي واپارين هٿان ڦرلٽ لاءِ آزاد ڇڏيو ويو آهي، اڌ سنڌ ٻڏي وئي آهي، بچيل سنڌ کي مهانگائي بڇي وئي آهي ۽ اهو سلسلو لاڳيتو وڌي رهيو آهي، پر عوام جي داد رسي لاءِ ڪو به در نه ٿو کلي، سنڌ جي انهن المناڪ حالتن جو احساس ڪنهن کي ٿيندو؟ ٻوڏ کان پوءِ عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي رهيا آهن، مسڪين ماڻهو هاڻي دال، بصر کان به محروم ٿي ويو آهي. بازارن ۾ بصر 80 رپيا ڪلو، ٽماٽا 200 رپيا ڪلو، ڀينڊيون 80 رپيا ڪلو، گوار 60 رپيا، ميها 40 رپيا، پٽاٽا 60 رپيا ڪلو، کنڊ 80 رپيا ڪلو، پتي 500 رپيا ڪلو، وهنجڻ جو صابڻ 45 رپيا، سرنهن جو تيل 200 رپيا ڪلو، دال مڱ 140، دال چڻا 90 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي، انهن شين مان مسڪين ماڻهو جيڪڏهن آنو به خريد ڪندو ته به سندس ٻه ٽي سئو هليا ويندا ۽ عام ماڻهو جي آمدني اڃا تائين سئو سوا کان مٿي ٽپي نه سگهي آهي. ڏيڍ مهينو اڳ اهي ڀاڄيون 20 رپيا ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيون هيون پر عام واهپي جي شين ۾ هيڪاندي واڌ غريب ماڻهو کي مٿي تي هٿ ڏياري ڇڏيا آهن، مون نواب شاهه ۾ ٽماٽا وڪڻندڙ هڪ ريڙهيءَ واري کان ٽماٽن جي اگهه وڌي وڃڻ جو سبب پڇيو ته ان چيو ته ٽماٽا ۽ بصر ڪوئيٽا مان اچن ٿا ۽ روڊ بند ٿيڻ سبب انهن جي رسد بند ٿي وئي آهي، مون کي ان جي ڳالهه ته سهي لڳي، پر مارڪيٽن ۾ عام واهپي جون شيون نه پهچنديون ته اگهه وڌندا، اها نيٺ ذميواري ڪنهن جي ته هوندي ته هو مارڪيٽ ۾ گهربل مقدار ۾ شيون پهچائي، پر پاڻ سان ويساهه گهاتيون هيٺينءَ سطح کان وٺي حڪومتي ادارن تائين ٿين ٿيون. گذريل سال موجود حڪومت عوام کي ڏڍ ڏنو هو ته کنڊ ٻاهران گهرائي اٿئون، ڄاڻ جهاز پهتو پوءِ غريب گربو به پيو کنڊ کائيندو، عوام هڪ سال تائين ان غوراب جو انتظار ڪيو پر اهو الائي ڪٿي غرق ٿي ويو جو عوام جا لاهه ئي نڪري ويا.مهانگائي سنئون سنڌو اڪثريتي غريب عوام تي اثر انداز ٿئي ٿي، ان جي جيئڻ جي حوصلي کي پست ڪري ٿي ڇڏي، مهانگائي ۾ غرق ٿيل ماڻهو جي اندر جون توانائيون به تيزي سان فنا ٿيڻ لڳن ٿيون، پر جيئڻ جي آس رکندڙ هن عوام کي مهانگائي جي راڪاس کان ڪير بچائي جيڪو واڳونءَ جي وات ۾ آهي، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائيءَ ۾ هو نيٺ ڪهڙي شئي خريد ڪري، عوام ته هاڻي فروٽ واپرائڻ جو ست نه ٿو ساري پر هو بنيادي شين کان به محروم ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت وٽ هڪ ئي بهانو آهي ته بابا ٻوڏ متاثرن ۾ ڦاٿا پيا آهيون، هنن کي جائتو ڪريون ته پوءِ مهانگائي جي جن کي ڀڄايون، آءُ سمجهان ٿو ته تيستائين ته عوام جو ساهه وڃي لُڪيءَ ۾ ڦاسندو. شديد مهانگائي عوام کي اذيت تڪليف ۽ مونجهارن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، ان جي باوجود مهانگائي جي راڪاس کي رسو وجهڻ جي ڪا به اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي، منهنجي نظر ۾ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا، مهانگائي ۾ متاثر نه ٿا ٿين ته کين ڪيئن ڪل پوي ته مسڪين ماڻهو مهانگائي ۾ ڪيترو ڀوڳي پيو. اسان جا عيوضي پنهنجي لگزري شين جي مهانگي ٿيڻ تي آواز اٿاريندا، باقي عوام آڌي مانجهي تڪليفن سهڻ جو عادي، سور سهڻ جو ڏاڍو ته پوءِ انهن کي مٿي ۾ سور ڇو پئي جو عوام لاءِ سوچين. آءُ سنڌ حڪومت کي اها التجا ڪرڻ چاهيان ٿو ته عوام هن حڪومت کي شهيد راڻيءَ جي قربانيءَ جي بدلي مليل حڪومت سمجهي ٿو ۽ عوام جون وڏيون اميدون آهن ته شهيد راڻيءَ جي خوابن ساڀيان لاءِ عوام تي احسان ڪري ڪري کيس مهانگائي جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏياري، جيڪڏهن سنڌ حڪومت وٽ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي بحالي جو بهانو ۽ مصروفيت جو جواز آهي ته پوءِ سنڌ ڪابينا ۾ وزيرن مشيرن جا لشڪر ڇا پيا ڪن. جن عوام کي مصيبت جي هن گهڙي ۾ مهانگائي جي طوفان ۾ سٽجڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. هي سنڌ جا ماڻهو جيڪي روز واپارين، دڪاندارن هٿان لٽجن پيا، ان عمل کي ٻنجو نه آيو ته پوءِ سڀاڻي استقبال ڪندڙ انارڪي کان ڪيئن بچي سگهبو. ايئن نه ٿئي جو ماڻهو تنگ آيد جنگ آيد جو رستو اختيار ڪن. بشڪريه روزانه عوامي آواز ۽ روزانه عبرت
جواب: مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيل سنڌ جو عوام ڀاء ممتاز هن مهانگائي جي جن نه صرف سنڌين پر سمورن ماڻهن کي صفا ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي۔ نه صرف هتي پر جيڪڏهن اوهان پاڙيسري ملڪن افغانستان ۽ هندستان کي ڏسندا ته اتي به اهوئي حشر آهي۔ بس الله پناه ۾ رکي باقي ڳاله ڳاٽي کان چڙهي وئي آهي۔