منهنجا اڪثر اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت سان گڏو گڏ فيس بوڪ تي پڻ فعال آهن ۔۔۔ اڪثر مٿيون عنوان وارو سوال ڪندا آهن۔۔۔ کين جواب ڏيڻ سان گڏو گڏ انهن سڀني دوستن کي ٻڌائجي جيڪي فيس بوڪ تي پنهنجو ڪافي وقت گذاريندا آهن۔۔۔ ۽ چاهين ٿا ته سندن پروفائيل تي سندن طرفان جيڪي وڊيوز، تصويرون يا وري وال تحريرون اپلوڊ ڪيل آهن وري انهن تي سندن دوستن طرفان کوڙ سان ڪمينٽس ۽ پسنديدگي جا اظهار ڪيل آهن۔۔۔ اهي ڪنهن بيڪ اپ طور سندن ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ رهن ته اهڙن دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته تازو ئي فيس بوڪ وارن هڪ نئين فيچر جو اضافو عمل ۾ آندو آهي جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي پروفائيل جي معلومات، اپلوڊ ڪيل وڊيوز، تصويرن يا توهان ڏانهن ايندڙ پيغامن يا جوابي پيغامن کي بلڪل فيس بوڪ ڊسپلي وانگر پنهنجي ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ تي رکي آف لائين رهي ڪري ڏسي ۽ دوستن کي ڏيکاري سگهو ٿا۔۔۔۔
ان جي لاءِ توهان پنهنجي فيس بوڪ کاتي تي لاگ ان ٿيو ۽ مٿي ساڄي پاسي ڏانهن موجود Account تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي کلندڙ مينو منجهان My Account setting تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي اڳيان My Account setting صفحو کلي ايندو۔۔۔ هتان Download Your Information بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ فيس بوڪ سيڪيورٽي توهان کي انتباهه ڪندي ته توهان پنهنجي معلومات کي ڊائونلوڊ ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيو۔۔۔ پروسيڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان فيس بوڪ انتظاميه توهان کان پاسورڊ ويريفڪيشن طور پڇندي جيڪو ڏيڻ کان پوءِ توهان جي اي ميل اڪائونٽ منجهه هڪ لنڪ موڪليو ويندو۔۔ (ڪجهه سببن ڪري اي ميل اچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين دير ٿي سگهي ٿي ۔۔۔ وڌيڪ لاءِ توهان اسپيم فولڊر پڻ چيڪ ڪري سگهو ٿا۔۔)
اي ميل تي موجود لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي اڳيان فيس بوڪ پروفائيل ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڊائونلوڊ بٽڻ ظاهر ٿيندو جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجو مڪمل فيس بوڪ کاتو ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ ياد رهي ته ڊائونلوڊ ٿيندڙ فائيل ڪمپريسڊ فارميٽ ۾ هوندي جنهن کي ون رار سافٽويئر ذريعي ايڪسٽريڪٽ ڪري پنهنجي قيمتي کاتي کي آف لائين ڏسڻ کان سواءِ بيڪ اپ طور پنهنجي ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ ۾ پڻ محفوظ رکي سگهجي ٿو۔۔۔
اهو ساڳيو عمل توهان جي سهولت سان سمجهڻ خاطر فيس بوڪ وڊيو طور پڻ لڳائي رهيو آهيان ۔۔۔ اميد ته فيس بوڪ يوزر هن ٽپ مان ڪافي محظوظ ٿيندا۔۔۔۔

[FV]10150292657680484[/FV]