سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ انتظاميه جي رڪنن طرفان سنڌ سلامت جي باني ، منتظم اعلي ۽ جاکوڙي دوست رشيد سمون کي 500 موضوع مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪ.
سائين رشيد سمون هڪ بيباڪ ، محنتي ، ايماندار ، هڏ ڏوکي ، يارن جو يار ۽ وفادار انسان آهي. سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي محبتي ميلي ۾ تبديل ڪري رشيد اسان سنڌين کي هڪ مالها ۾ پوئي رکيو آهي جيئن گل فروش مختلف رنگ برنگي ۽ خوشبوئن سان ٽمٽار گلن کي هڪ هار ۾ پوئي رکندو آهي.
رشيد کي مان شاه لطيف جو هيٺيون بيت ارپيندس جيڪو سندس اڻٿڪ ڪوششن تي ٺهڪي پيو اچي :
جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي؛
ٻِيو ٻارِيندو ڪيرُ، کاهوڙِڪِيءَ کيرَ ري؟
دعا آهي ته رب پاڪ ادا رشيد کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ سنڌ جي سپوتن ۾ شمار ڪيو وڃي.