ادا سليمان وساڻ، لطيف سائينءَ جي هيءَ دعا به پنهنجي مٽ پاڻ آهي، رب جي ذات جي وڏائي ۽ انجي ساراهه ۾ چيل هڪ هڪ لفظ موتيءَ داڻو آهي ۔۔۔ حقيقت پڇو ته جڏهن به دعا جا هٿ کڄندا آهن ته لطيف سائينءَ جو مٿيون بيت دل تي تري ايندو آهي ۔۔۔
ڀلا رب جي ذات کي ڪهڙا سور ٻڌائي ڪهڙا ٻڌائجن ۽ اهي به ان ذات کي جنهن کي ڪائنات جي ذري ذري جي خبر هجي، انڪري لطيف سرڪار جي مٿئين دعا هڪ جامع دعا آهي، سڀني سورن جي حل ڪرڻ جي دعا آهي ۔۔۔
اچو ته پنهنجي سورن ۽ سنڌ جي سورن لئه هٿ مٿي ڪري رب جي بارگاهه ۾ ساڳي دعا گهري پنهنجو من هلڪو ڪريون ۔۔۔
جيڏو تنُهِنجو نانءُ، ٻاجَھ به اوڏِيائي مَڱانءِ؛
رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿُوڻِيين، تُون ڇَپَرُ، تُون ڇانءَ؛
ڪُڄاڙو ڪَهانءِ؟ توکي مَعلُومُ سَڀَڪا
لطيف سرڪار جي مٿئين بيت تي مون به هڪ ونڊ ڪيو هو، ممڪن آهي اوهانکي پسند اچي ... پاڻ ڏسو
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=888