جواب: منهنجو تعارف
سهڻا دوست سليمان، سڀ کان پهريان ته اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿي چئجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته اوهان به اسانجي دوست سليمان وساڻ جيئان هن اوطاق جي دوستن سان دوستيءَ جو پيچ پختو ڪندا ۽ اسانجي ساٿ سان هلڻ ۽ سارڻ وارو ڪم نڀائيندا ۔۔۔
اوهان جنهن اداري ۾ ڪم ڪريو ٿا، ماشاء الله ان اداري جو ڪم ئي سماج ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ ان تي نت نوان خيال ونڊڻ جو آهي ۔۔۔ اميد ٿي ڪجي ته اوهان پنهنجي ڏاهپ سان سنڌين کي امن ۽ آزاديءَ جي راهه جو ڏس ڏيندا ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جو ڪارڻ ٿيندا ۔۔۔
اوهان هن اوطاق تي ڀيرو نه ڀڃندا ۽ ساٿ سان هلڻ ۽ نڀائڻ جي ريت پختي ڪندا ۔۔۔ اوهانکي اسانجي هيءَ نماڻي اوطاق ڪئين لڳي ان کان ضرور آگاهه ڪندا ۔۔۔
هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار
دوست وڌن ، ميلا لڳن ته مسڪراهٽون وڌن ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ