جواب: هِي تان ٿورَڙِيُون، جي تُون، ڀورا! پَسِي ڀُـلِئين؛
لک ٿورا ادا گمنام سنڌي، شاه جو پر معني بيت ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔ هن بيت جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته خبر پوندي ته هن دنيا ۾ اسين ڪيتريون راتيون آهيون ۽ قبر جي زندگيءَ ۾ ڪيتريون راتيون هونداسون ۔۔۔ هن دنياوي زندگيءَ لئه ته اسين جاکوڙيون ٿا پر ايندڙ زندگيءَ لئه ۽ آخرت لئه ڪجهه ڪون ٿا ڪريون ۔۔۔ جڏهن ته انصاف اهو ٿيندو ته اسانکي هن قليل زندگيءَ لئه قليل محنت ۽ گهڻ راتين واري زندگيءَ لئه گهڻي محنت ڪرڻ گهرجي ۔۔۔
پر يار گمنام ۔۔۔ اوهانجو تعرف ملي وڃي ته ڏاڍو سٺو ۔۔۔ گمناميءَ مان نامي چڱي ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ