زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    هڪ ڏينهن مون پنهنجي زال کي چيو ته ” منهنجي جان! مونکي ڪڏهن به خراب حالت ۾ نه ڇڏجانءِ ۽ جڏهن اهو ڏسين ته منهنجي حياتي صرف مشينن ذريعي ۽ بوتلن مان نڪرندڙ دوائن ذريعي هلي رهي آهي ته سڀ مشينون بند ڪري ۽ جيڪي به شيون منهنجي زنده رهڻ لئه هجن ختم ڪري ڇڏجانءِ، ڇاڪاڻ آءُ اهڙي جيئڻ کان مرڻ پسند ڪندس ...

    اوچتو مون واري زال ڪرسيءَ تان اٿي مونکي تعريفي نگاهن سان ڏسندي وڃي، ٽي ويءَ جي تار ڇڪي ڪڍيائين، ڪمپيوٽر جو ڪيبل ڪنيڪشن ڪٽي ڇڏيائين، ڊش جون تارون ڇني ڇڏيائين، ڊي وي ڊي ۽ وي سي آر کي وڃي ٻاهر اڇلايائين، ڪمپيوٽر کي وڃي اسٽور ۾ رکيائين ۽ منهنجو موبائيل فون کسي ورتائين ۽ فرج ۾ پيل ٿاڌل ( ڀنگ) جي بوتل وڃي حمام ۾ ڦٽو ڪيائين ...

    آءُ اهو ڏسي بس وائڙو رهجي ويس ۽ اڳتي ساڻس اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان توبهه ڪيم ... سو دوستو! اوهان به احتياط ڪجو ....
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    مطلب ته پنهنجي گهر واريءَ‌جي اڳيان وڏي هام نه هڻجي۔۔۔ ڳچي ۾ پئجي ويندي۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    ها ها ها ها ها زبردست ادا.........
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    بس سائين ڏوه اوهان جو ڪونهي اوهان ته صحيح ڳاله ڪئي پر اوهان جي بيگم به ڪا اوهان کان وڌيڪ سمجه ڀري هئي۔ بس سائين ٻيهر خرچو ڪيو وري نه ايئن ڪا ڳاله ڪجو۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    مهرباني سائين ابڙا صاحب توهان جي تجربن مان اسان به گهڻو ڪجهه سکنداسين

    اهڙيون ڳالهيون ونڊ ڪندا رهندا ڪريو

    لاجواب شيئرنگ آهي سائين

    سدائين گڏ
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    بس ڙي ادا سليمان جڳ بيتي آپ بيتي به ٿي ويندي آهي، اوهانجي شادي به ٿيڻ واري آهي، بس باقي ڪي ڏينهن بچيا آهن شروع شروع ۾ ته سڀ ٺيڪ هوندو آهي پر آهستي آهستي جڏهن هر اها شئي جا مڙس جو ڌيان ڇڪائيندي آهي زال کي پهاڄ محسوس ٿيندي آهي، انڪري ڪڏهن ڪڏهن اهي سڀ شيون زال کي زهر لڳنديون آهن ۔۔۔ انهن زهر ڀرين شين ۾ دوست به اچي وڃنٿا، مزي جي ڳالهه ته هن دفعي ڪڏهن ڪڏهن سنڌ سلامت سان به ساڙ جو ڪو پهلو نظر آيو، خئير مون عقلمندي ڏيکاريندي سنڌ سلامت کي بچائي ورتو پر ۔۔۔۔؟؟؟؟<:p
     
  7. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    تمام زبردست ادا
     
  8. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    هاهاها زبردست شئرنگ آهي...........
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    ڀلا راڻا، شڪر ٿيو جو اسان جي ماسات اڃان تائين اسان جي جياپي سنڌ سلامت سان اسان جي ناتن جي ڇيهه تائين ڪانه پهتي آهي، نه ته اسان واري پي سي، سميت اسان جو خير به نه هُجي ها، ڀاڳي رهي ڀنگ واري يا ٿادل واري، سو ٻيلي انهي ڳالهه کان اسان آجا لڳا پيا آهيون، اسان پنهنجي ڪويتائن جون سُرڪيون پيئندا آهيون، شروع شروع ۾ اسان واري مولائڻ ماسات سڳوري تمام گهڻي نالان هوندي هُئي اسان جي شاعري ڪرڻ تي ايتري قدر جو جڏهن مون پنهنجو پهريون غزل جنهن جا ڪجهه ڪجهه ٻول پيا ياد اچن ته
    توهان ڀي وساري ڇڏيو ڇو پيارا
    روئن روز راتيون ۽ سُڏڪن ستارا
    اسان جو مقدر خزائون ئي آهن ،
    توهان جا بهارن تي آهن گُذارا
    اسان لڙڪ لڙيون سدائين وهايون
    توهان يار آهيو وڏي ڀاڳ وارا​

    سائين اهو منهنجو غزل لکڻ منهنجي لا عذاب بنجي ويو، محترما ماسات سڳوري صاحبه جي نظر الائي ڪيئن انهي غزل تي پئجي وئي وٺي کڻي جو ٻائتال مچايائين ته ” ڪنهن توکي وساري ڇڏيو آهي“ جو تنهنجون راتيون رُئن پيون ۽ تنهنجا ستارا سُڏڪن پيا ! ڀائو مان ڇا جواب ڏيان اهڙو ڪڇان جهڙو ڀت، هُن مولائڻ کي ڪهڙي خبر ته شاعر پهرين درجي جا اُستاد هوندا آهن، ساري دنيا کي هڪڙي پيالي ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙا ٻڌا ڪوڙ وهائي ڪڍندا آهن جو آسمان تان تارا ٽوڙڻ جهڙا خيال به پيش ڪري ڇڏيندا آهن هاڻي ڪنهن جي پي کي طاقت آهي جو آسمان جا ڪير تارا لاهي سگهي۔ خير هاڻي جڏهن سمجهڻ لڳي آهي ته مون وارو جهونو ساري شهر ۾ هڪڙي شاعر جي حيثيت سان ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو ته هاڻ منهنجي ردي ڪاغذن کي سنڀالي رکندي آهي، ڀلي اهي ردي جا ڪاغذ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل ڇو نه هُجن، باقائده مونکان اجازت وٺي انهن پنن کي پو ڊسپوز آف ڪندي آهي۔ باقي نثار ابڙا اڄ اها به خبر پئجي وئي ته توسان بقول تنهنجي وڏو ويل ٿي ويو ٻيو، اسان تنهنجي غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون ڀائڙا۔ پنهنجي وڍي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب ڀلا هتي سنڌ ۾ آهين يا ڀڄي وڃين مڪي پاڪ پهتين۔
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    سائين نثار ناز صاحب پيارا سائين نثار ابڙي جن جي گهر واري تمام سلجهيل ۽ پڙهيل لکيل عورت آهي جيئن اوهان شاعري ۾ ڪنهن جو تخيل پيش ڪندا آهيو ائين سائين نثار ابڙو جن به ڪنهن ٻئي جي ڳالهه کي ڍڪ ڏئي پاڻ ڏي منسوب ڪندا آهن ته ڪو برو محسوس نه ڪري ڀلا ليکڪ جو ٿيو ! اهڙن بزرگن کي لکڻ جو فن ته هوندو نه ليکڪ هميشه ٻين کي ڪجهه سيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي سو ان مضمون مان سمجهو ڪي سمجهن واري حيثيت سان هرڪو پنهنجي ذهن آهر سمجهي ويندو.
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي

    دوستو! ڪالهه ئي گهر واريءَ فون ڪري اطلاع ڏنو ته؛

    انکان پهريان جو تون موڪل ختم ڪري اچين آءُ توکي هڪ ننڍڙي حادثي جي خبر ڏيان، تون ڳڻتي نه ڪر، مونکي ڪجهه ناهي ٿيو، پر آءُ جڏهن پنهنجي ڪار گئراج ۾ بيهارڻ لئه آيس ۽ اڳيان تو واري ڪار بيٺي هئي، مون ڏاڍو احتياط ڪيو پر افسوس بريڪ جي جاءِ ته تيل ڏيڻ (ايڪسيليٽر) واري پرزي تي زور اچي ويو ۽ مون واري ڪار سڌو تو واري گاڏيءَ مٿان چڙهي وئي ۔۔۔ ڪجهه نقصان ٿيو آهي پر مونکي خبر آهي ته تنهنجي دل وڏي آهي ۽ تون اهو نقصان نه پر منهنجي طرفان پيار ڀريو تحفو ڪري قبول ڪندي ۔۔۔

    آءُ به توسان تمام گهڻو پيار ڪريانٿي ۽ تنهنجين شين جو تمام گهڻو خيال رکانٿو ۔۔۔ اوهان ايندا ته وڌيڪ ڳالهيون ڪنداسون ۔۔۔ هتان جي ڳڻتي نه ڪندا ۔۔۔

    ان حادثي جي هيءَ تصوير موڪليانٿي ۔۔۔ پاڻ ڏسو

    تنهنجي پيار ڀري زال ۔۔۔
    [​IMG]
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: زال سان ڪڏهن به جذباتي نه ٿجي


    بس سائين مان ان جڳهه تي پاڻ واري هڪ موضوع جو عنوان ونڊ ڪندس۔۔۔۔ ” باقي بچيو ڇا”
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو