ضياءَ شاهه جيئن مون ڏٺو ليکڪ: حسام ميمڻ اڄ کان تقريبن 10 سال اڳ جي ڳالهه آهي، آنءُ ان وقت عوامي آواز اخبار ۾ ڇچجي چڪو هيس ، لکڻ ، پڙهڻ جي ڪري شروع ڪيو ، شروع کان مطالعي جو شوق هو . پڙهڻ جي ابتدا انگريزي گرامر کان ڪئي ۽ پوءِ اچتو ادبي ڪتاب پڙهيا ۽ منهنجي ادب ۾ پڙهڻ واري ابتدا خليل جبران جا ڪتاب هيا، ڇو ته هو آرٽسٽ به هو ۽ منهنجو آرٽ سان لڳاءُ به ننڍي هوندي کان ئي آهي . جبران کي پڙهڻ کان پوءِ ان کي ڪجهه انگريزيءَ کان سنڌيءَ ۾ ترجمو به ڪيو ؛ ان کان علاوه ٻين ليکڪن جا ترجما به ڪيا ۽ شاعري به ڪئي پر شاعريءَ جي حقيقت ۾ ابتدا مون گهڻو ڪري مون اٺين درجي کان ڪئي ، ڪٿي نه ڪٿي اها ڳالهه به ڊائريءَ ۾ لکي هوندي . بهرحال ، ادب کان اڳ مون گرامر پڙهيو ته سنڌي ٻولي به سڌرڻ لڳي ۽ انگريزي مڙئي چڱي هئڻ ڪري ، ڪجهه ڪتاب انگريزيءَ ۾ به پڙهڻ لڳس (يا ايئن کڻي چئجي ته انگريزي بهتر ڪرڻ لاءِ ئي انگريزي ڪتاب پڙهڻ لڳس) جن ۾ ڪي ڪتاب فلسفي تي هيا ، ڪي نفسيات تي ، ڪي سائنس تي ، اهڙي طرح مختلف مضمونن کي پڙهيو پئي ، پر ڪافي سارا ڪتاب اردو ٻوليءَ ۾ به پڙهيا ، اهڙي طرح اردو ٻولي به سٺي ٿيڻ لڳي ۽ ڪافي سٺي ٿي وئي .سنڌي ٻولي هڪ ته امڙ جي ٻولي آهي ، ٻيو انگريزي گرامر پڙهڻ سان گڏ سنڌي گرامر به سڌري ويو. نائين درجي کان عادت اٿم پڙهڻ ، سوچڻ ۽ لکڻ جي ، جيڪا هاڻ ته وڌي وڻ ٿي وئي آهي . اڄ کان 10 سال اڳ واري سوچ ۽ هاڻي واري سوچ ۾ ضرور فطري فرق آهي ، پر اڄ کان ٺيڪ 10 سال اڳ جون يادگيريون به ذهن جي سطح تي ائين ٿيون ترن ، جيئن ڪنهن ڍنڍ ۾ ڪنول رهيا هجن! يادون ئي حسين، ڪي لاجواب ڪي دلربا۽ ڪي وري دل کي هرکائڻ واريون هجن ٿيون ، جيئن سسئيءَ کان شاهه صاحب چورايو : اڳي ائين هياس ، جو پنهونءَ ڌوتم ڪپڙا يا برو هو ڀنڀور ، آرياڻيءَ اجاريو عمر سان ماحول ۽ معاشري ۾ فرق اچي ٿو، يا وري ائين کڻي چئجي ته عمر جي وڌڻ ڪري ذهن به وڌي ٿو (سماج ۾ تبديل ته هر وقت ٿئي ٿي ، ڪهنجو ذهن ارتقا ڪري يا نه) ، جيئن جيئن وڌي ٿو ، سوچ ، سمجهه ۽ ادراڪ جا رستا کلن ٿا۽ پوءِ ۾ماڻهو گذريل زمان کي چڱيءَ ريت Analyze ڪري سگهي ٿو . تنهنڪري، منهنجو ن به ڪي يادگيريون ايئن آهن ، جيئن سسئءَ چيو ته ڀنڀور برو هو ، پر ڪنهن جي اچڻ ڪري ، اتي اجالو اچي ويو . پر ڪي اهڙيون به هچائون آهن ، جن کي ياد ڪرڻ ڪري جسم ۽ روح ۾ ڪي اڻوندڙ ڪيميائي تبديليون ٿينديون آهن ۽ شريانين واري خون ۾ وڳوڙ شروع ٿي ويندو آهي. پر ڇا ڪجي ؟ اهي ٻئي شيون زندگيون جو حصو آهن ! جيئن شيخ اياز پنهنجي مشهور ڪتاب ”ڪِي جو ٻيجل ٻوليو“ ۾ چيو هو ”دودو به منهنجو ، چنيسر به منهنجو......“ اياز چنيسر ۽ دودي ٻنهي کي، سنڌ جو قرار ڏنو ، شايد اها هن جي ڪا Mystical Thinking ھئي. ڀلي چنيسر گيدي هو ، پر سنچ ڄئو هو ۽ دودو به هن سنڌ جي پيدائش آهي ، شايد ڌرتي ءَ جي ڪري، اياز ٻنهي ڄڻن کي Own ٿو ڪري ، بلڪه اهڙي طرح ڪي يادون دودن جهڙيون آهن ۽ ڪي چنيسر وانگيان ! پر آنءُ انهن ٻنهي کي own ٿو ڪريان ، ڇو ته هي سڀ زندگيءَ جا رنگ آهن ؛ پر زندگيءَ کي اڳتي ۽ بهتر طريقي سان وڌائڻ لاءِ اسان کي سامان به بهتر هئڻ گهرجي ، تنهنڪري ، صحتمند شين جي بهرحال ، بيمار شين کان هميشه وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. خريف جي موسم جي ساليانه گاههَ ، هزار داڻي ءَ (niruri) وانگر ، مون واريون ڳالهيون به ڳالهين مان وڃن ٿيون کلنديون ، ڇا ڪجي ، منَ جي موج آهي ،جيڪا پنهنجي فطري حساب سان لهندي ۽ چڙهندي آهي، پر آنءُ پوءِ به ان شخص ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏيان ڏيڻ ٿو گهران ، جيڪو يادن جي جهروڪن مان ليئا پايو وري گم ٿيو وڃي ۽ وري خود رو ٻوٽي وانگر اوچتو اڀريو اچي . وري 10 سال پوئتي ، وري انهيءَ گهٽيءَ ڏانهن ورڻ ٿو ٿو گهران ، جيڪا علم جي گهٽي آهي، جيڪا ڄڻڪ منهنجي ٻاروتڻ هجي ، توڙي جو آنءُ ڪافي ڪتاب پڙهندو هيس، پر پوءِ به آنءُ ننڍو ته هيس. انٽر جو شاگرد هيس ، ۽ اڄ حيرانگي ٿي ٿئي ، جڏهن مونکي به گهٽين ۾ ڪيتراائي ٻار ”چاچا ۽ ماما“ چوندا آهن . جڏهن پهريون ڀيرو ڪنهن ٻار مونکي ”چاچا“ چيو هو ته مون ڇرڪ ڀريو هو ۽ پوءِ پنهنجي آڱر ۾ هلڪو چڪ وڌو هو تا ڇا مان ايڏو وڏو ٿي ويو آهيان .....؟! ان وقت کي آنءُ قبول ڪرڻ ۾ تڪليف محسوس ڪري رهيو هوس ، هينئر مس وڃي ڪَن انهن آوازن تي هريا آهن ، ڇو ته ٻيو ڪو way out آهي ئي ڪونه ! اسانکي مڃڻو ٿو پوي ٿو ته اسين هر سمي وڏا ٿي رهيا آهيون ۽ بلڪل اهڙي طرح زوال پذيري عمر کي هر سمي ڳاري رهي آهي ، اسانکي مڃڻو پوندو ته هاڻي اسين ننڍا نه آهيون . سچ، اوهان ڏسو هاڻي اسانجي وات مان توريل ۽ تڪليل پيا نڪرن ، اسان جا آواز ڦري هڪ هنڌ بيهجي ويا آهن، اسان جي چهرن منجهه اها معصوميت نه رهي آهي . اهو سچ آهي ۽ اهو قبولي ئي ڪرڻو پوندو ، ڳالهين جو هڪ flow آهي ، وري به اهو شخص ، جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ پئي چاهيو ، اهو ليئا پيو پائي . دراز قد ، گُهنگريالا وار ، رنگ اڇو سرخيءِ گاڏڙ ، وڏو ڳالهير ، ننڍي ڳالهه به ڄڻ ڪو قصو ٻڌائيندو هجي ، ساڳين ساڳين لفظن جو تڪرار هن جي گفتار کي خوبصورت ٿو بڻائي ، پر آنءُ کانئس ڊنل آهيان ، ڇو ته مان هن کان ننڍو آهيان ، مونکي generation gap جو باقائدگيءَ سان احساس آهي، پر پوءِ به هو اهڙو ڪجهه ٿو ڳالهائي جو مونکي هن جي ڳالهه ۾ رخنو وجهڻو ٿو پئي . هن جي گفتار ارسطوءَ متعلق آهي ، هو يونان جي فلسفي کي ڦلهوڙي رهيو آهي ، جنهن سان مخاطب آهي، ان جو وڏو احترام پيو ڪري ۽ کيس سواليه انداز ۾ بيان ٿو ڪري ته ” سائين ! اها شيءِ ايئن آهي نه؟ “ وغيره . پاڻ گهڻو روڪيو ، پر پلي نه سگهيس ۽ کيس چيو : ” سائين! اها شيءِ ايئن نه پر هيئن آهي!“ هن جو معنيٰ خيز ۽ تجسس وارو انداز اڄ به مونکان نه وسريو آهي . ڇو ته ان وقت آنءُ گهڻو ڪري فلسفو ، نفسيات ۽ سبطِ حسن جا ڪتاب پڙهيا پئي . ڳالهيون اڃ ذهن تي تازيون هيون . Thales ، فيثاغورث ، سقراط ، پروتاگورس ، افلاطون ، ارسطو ته پنهنجي جاءِ تي ، پر ويهين صديءَ جي برٽرينڊ رسل تائين ڳالهيون ياد هيون ، نهنڪري هن جن فلسفين جا نالا پئي کنيا ، اهي منهنجي لاءِ اڻڄاتل يا نوان ڪونه هيا ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن پئي لڳو ڄڻ ڳالهائڻ وارن فلسفين جا رڳو نالا پڙهيا/ٻڌا هيا ، ماڻهن واقعي به هيڏانهن هوڏانهن ڪتاب لکي ڇڏيا آهين پر ائين به ٿي پئي سگهيو جو منهنجي ذهني سطح ايتري ڪون هئي پر سقراط جي Theosophy ، افلاطون جي Theory of caves ڄڻ روز پئي پڙهيا. تنهنڪري ، مان شايد ان وقت over-confident هجان! پر هن وقت مان over ٿي نٿو سگهان ، منهنجي ڪالهه واري observation گهڻين شين ۾ اڄ صحيح ، تُز ۽ سوجهيل آهي. بهرحال ، تعارف ٿيو ۽ گهنگهريالي وارن واري اديب کي مون نالو ٻڌايو ۽ ٻيون ڪيتريون روايتي شيون ، پوءِ مون کانئنس تعارف پڇيو ، هن ٻڌايو : ” هي ضياءُ الدين شاهه آهي ، پر ادبي نالو ضياءَ شاهه“. جڏهن هن ادب جو نالو پئي کنيو ، مون هڪ دم هن سان ادبي سنگت جو ذڪر ڪيو، ۽ کانئنس مون پڇيو : ” سائين ! هڪڙي تنظيم آهي ، سنڌي ادبي سنگت ، ان جي رپورٽنگ مان اخبارن ۾ پڙهندو آهيان ، ۽ هتي شڪارپور ۾ به ڪنهن جاءِ تي دوست گڏبا آهن ، ۽ تنقيدي نشستون ٿينديون آهن ، ڇا اوهان کي خبر آهي؟“ . منهنجي ڳالهه ۽ سوال ٻڌي هو پنهنجي خاص انداز ۾ مرڪيو ۽ چيائين : ” ادبي سنگت جون ويهڪون منهنجي جاءِ تي ...... ڪالونيءَ ۾ ٿينديون آهن “ اها ڳالهه ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس ، ڇو ته مون گهڻن ماڻهن کان ان باري ۾ پڇيو هيو ، پر ڪنهن به نه ٻڌايو. هڪ ته آنءُ نئون نويل هيس ۽ ٻيو ماڻهو ادب جي دنيا کان بنهه لاتعلق هيا ، ائين لڳندو هيو ، ڄڻ ادب پڙهان ئي مان ٿو ، ٻيو ڪو ڄڻ آهي ئي ڪونه ! ان ۾ منهنجو ڏوهه ڪون هيو ، ڇو ته منهنجي دوستيءَ جو سرڪل عمر مطابق محدود هيو . اوچتو نيشنل بئنڪ ، اسٽور گنج واري ڪنهن هوٽل جي بئنچ تي ضياءَ شاهه جو ان وقت ملڻ ”لِڏ مان لعل لڀڻ “ برابر هيو يا ايئن کڻي چئجي ته وڏي عرصي کان پوءِ ڪو ديده ور مليو هجيم ! قصو ڪوتاهه ، سائينءَ کي عرض ڪيو ته پوءِ مان به ساس جي ويهڪ ۾ شريڪ ٿيان ، هن وڏي پاٻوهه سان جئه جئڪار ڪئي ۽ پوءِ مون جمعي/آچر جي ڏينهن جي انتظاري شروع ڪئي ۽ پوءِ زوال جي وقت منهنجند جي وقت ٻارنهين ڌاري ، نِٽهڻ اُسَ ۾ ضياءَ شاهه جو گهر ڳولهڻ لڳس ، گرمي ايڏي جو اصل ڪانَو جي اک پئي نڪتي ، خيرن سان پڇيائون ڪري ضياءَ شاهه جو در ڳولهيو (ان وقت اڃا موبائيل ڪلچر عام نه ٿيو هيو) ، جهٽ لاءِ ائين لڳو ڄڻ ڪاپڙيءَ کي ڪشالن کان پوءِ نرواڻ لاءِ ڪو ماڳ مليو هجي ...! ويهڪ جهٽ اڳ ۾ ئي شروع ٿيل هئي ، ڪمرو ننڍڙو ۽ گهٽيل هيو، ٽي چار دوست ضياءَ شاهه سميت بيڊ تي ويٺا هيا ، ۽ ڪجهه صوفن تي ويٺل هيا، مڙئي هڪڙي جاءِ مونکي به بطور آسڻ جي ات ملي وئي . شايد ٻين دوستن جي هڪ ٻن تخليقن تي مان به ڪجهه ويچار ونڊيا ۽ پوءِ منهنجو وارو آيو ۽ مونکي پنهنجا جوهر ڏيکارڻا هيا ، مون پهرين ويهڪ ۾ غزل پڙهيو هو ، جنهن جو مطلع هيو : ملي جي پئين تون امر ٿي پوان ! انڌيارن منجهان به سحر ٿي پوان! دوستن تمام گهڻو ساراهيو ، خاص طور سلمان سومرو جو ڳالهائڻ سيبتو لڳو هيو . شايد اهو 1995 جو سال هيو. اهو ڏينهن ، اهو شينهن سنگت شڪارپور سان پڪو پختو ناتو آهي. پوءِ آهستي آهستي تخليقون پڙهڻ لڳس ، باقائدگيءِ سان punctual هيس . اچڻ وڃڻ ڪري دوستن سان تعلق به وڌيا ، ڪچهريون به ٿيڻ لڳيون ، خيالن جي ڏي وٺ به ٿيڻ لڳي . مطلب ته مان چڱيءَ طرح adjust ڪري ويس. ادبي سنگت ۾ ٻٽي دوست ويجها ٿيا ، ضياءَ شاهه ته هو ئي هو ، سلمان سومرو عديل مهر سان گهرائي ٿي وئي ، منهنجي دل چاهي ٿي ته سنگت شڪارپور جيڪا منهنجو مشاهدو رهيو آهي ، ان کي آهستي آهستي قلم بند ڪندو وڃان ، انڪري نه ته هي ڪو تمام وڏو رڪارڊ آهي ، پر هيءِ شيءِ منهنجي زندگيءَ جو حصو آهي،ته اتي مون ڇا پرايو ۽ ڇا نه پرايو ، ڪهڙا چڱا ماڻهو مليا ، ڪهڙا نقال ڏٺم ۽ ڪهڙا اهڙا ماڻهو ڏٺم ، جنهن جو ڪو به تخليق يا ادبي ڪم نه ڏٺم ۽ انهن کي به دنيا اديب ئي چئي ٿي . ڪهڙا اهڙا ماڻهو ڏٺم جن هڙان وڙان ڏئي ، مڙئي گاڏيءَ کي ڌڪيو پئي ! ڪهڙي تنقيد ڏٺي ۽ ڪهڙي چرب زباني ، اهي سموريون وارتائون ، منهنجي قلم مان ضرور نڪرنديون .پر هن وقت ڪجهه سٽون ان ماڻهوءَ لاءَ لکندس ، جنهن جي توسط سان مان سنگت جوائن ڪئي. ضياءَ شاهه ، جيڪو ويٺي ويٺي چوندو هيو ته ”حسام منهنجي discovery آهي “ ، پر مان چوندو آهيان ”ضياءَ شاهه منهنجي discovery آهي“. هونئن به Discoverer جي اهميت گهٽ رهندي آهي پر discovery جي اهميت چڱي رهندي آهي ، ڇو ته اها پنهنجي حيثيت مڃرائي وٺندي آهي ، جنهن هندستان کي ڳولهيو هيو ، ان جي اهميت ايتري ڪونهي ، پر هندستان تمام وڏي ڳالهه آهي . اهڙي طرح ، مان رڳو ۽ رڳو ضياءَ شاهه جي discovery ٿيڻ نٿو چاهيان ، ڇو ته هو منهنجي لاءِ تمام گهڻو عزت لائق آهي، تنهنڪري، اتي جيڪڏهن moderate ٿي اهو چئجي ته ضياءَ شاهه ۽ مان هڪٻئي جون discoveries آهيون ته زبردست ڳالهه ٿيندي ! ڇو ته اسين هن ڌرتيءَ تي اڳ ئي موجود هياسين ، بس رڳو ڪنهن اتفاق جو ٿيڻو هيو ۽ اسانکي هڪٻئي سان ملڻو هيو ۽ جيڪو ملياسين . ضياءَ شاهه انتهائي وڏي شخصيت آهي ، هن جي شخصيت جا تمام گهڻا پهلو آهن ، هو هڪ مڙس آهي، هو هڪ پيءُ آهي، هو هڪ ڀاءُ آهي ، هو ذاتي طور الائي ڇا ڇا هوندو ، اهو پهلو هن جو ذاتي پهلو آهي ، جيڪو اڪثر ڳجهو ئي رهندو آهي ، پر سماج ۾ هو هڪ استاد آهي ، هو هڪ ڪهاڻيڪار آهي، هو شاعر آهي، هو ناول نگار آهي ، هو مترجم آهي ، هو مبصر آهي ، ۽ هن ڪجهه وقت اڳ ۾ ٻٽي ڪاوش ۽ عبرت اخبارن ۾ ڪالم به لکيا، انڪري هو ڪالم نگار به آهي . سڀ کان وڏي ڳالهه هو هڪ انسان آهي ۽ انسان جي تاريخ اها آهي ته انسان جي ذات ۾ perfection نالي اڄ تائين مطلق طور اچي نه سگهي آهي.هن جي تخليق پهلوءَ تي ڪڏهن باقائدگيءَ سان ڳالهائبو ، پر اڄ هن جي ان شخصيت تي ٻٽي لفظ ڳالهائڻ ضروري ٿو سمجهان ، جيڪا مون پنهنجي انداز ۾ observe ڪئي آهي . هو تمام کلمک ، سهڪاري ، پيار ۽ پاٻوهه وارو ماڻهو آهي، هن سان ڪڏهن ڪڏهن خزائن ۾ ملبو آهي ته بهارون اچي وينديون آهن ، ڇو ته هو لفظن جي جوڙ توڙ کان چڱيءَ ريت واقف آهي ، هو هڪ قصه گو آهي ، هو هڪ داستان نويس آهي ، هو ٻولن جو بادشاهه آهي، هن کي خبر آهي، ڳالهه مان ڳالهه ڪيئن کڻبي آهي ، هو صنايع ۽ بدايع (figures of speech) جي مبالغي (hyperbole) ، تجنيس حرفي (Alliteration) ذومعنويت ، استعاري ۽ تشبيع کان ڀلي ڀت واقف آهي . هو حرفن جو ڪاريگر آهي، هن کي ڳالهين جي سينگهار جو پتو آهي ، ڇو ته هو شاعر آهي ۽ شاعر کان وڌيڪ لفظن جو make-up ٻيو ڪير ٿو ڪري سگهي .هو وهي ته آبشار آهي ، جو اٿلي ته سنڌو آهي، جيڪو ڪچا ٻوڙي ته ٺوٺ زمينن مان سلا ڦولارجن ۽ هريالي اچيو وڃي ، اهڙي ماڻهوءَ سان ويهڻ ۾ مزو ايندو آهي. ضياءَ شاهه جي شخصيت جو اهو پهلو شڪارپور شهر جي عاليشان ماضيءَ وانگر هميشه شاندار رهندو! هو جيئرو آهي ته به کيس ساراهيون ٿا ۽ جي ڀونءِ ڀاننءِ نه آيس ۽ هو اڏري ويس ته به اهو پهلو ايئن ئي رهندو ! ضياءَ شاهه جي شخصيت جا ڪيترائي رنگ ۽ ڍنگ آهن ، هو ڪنهن کي به ناراض ڪرڻ نه چاهيندو آهي پر اعليٰ درجي جو موڊي آهي ، موڊ ٿيندس ته دوستن سان وڏا وڏا ڀاڪر پائي ملي ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳاٽ اوچو ڪري کلي ۽ ٽهڪي ڪچهريون ڪندو ۽ جڏهن ويندو ته ڪنهن کان موڪلائيندو به نه ، ڏسندو ئي نه ، ته ڪير ويٺو هو ۽ ڪير نه ۽ ڪڏهن ڪڏهن اوهان سان ملندو ته اٿندي ائين لڳندو ڄڻ سڃاڻي ڪونه ٿو، پر ويهڻ کانپوءِ ٺاهوڪي ڪچهري هلندي ۽ اوهان کان ائين مولائيندو ڄڻ ڪنهن وڏي جاٽ وڃڻو هجيس. هو گهڻو ڪري نوجوانن کي همٿائيندو آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته generation gap نه رهي ، ۽ نوجوان واقعي به هن جي ڪچهريءَ مان مون محظوظ ٿيندي ڏٺا آهن . بهرحال ، زندگيءِ ۾ مون ضياءَ شاهه کي غصي ۾ به ٻه ٽي دفعا ڏٺو آهي، همير وارو غصو مونکان شايد وسري، ٻيو هڪي دفعي سنگت شڪارپور ۾ مون هن جي تخليق تي تنقيد ڪئي هئي ۽ سائينءَ مونکي چيو هيو ته ” خبر آهي تو وٽ آڪسفورڊ کان ڪتاب ايندا آهن“ انسان ڪاوڙ ۽ پيار جو مجسمو آهي ، ايئن ٿيندو رهندو آهي ، ضياءَ شاهه مون لاءِ هر دور ۾ احترام لاق آهي ۽ رهندو. پر اسين ادبي سنگت وارا هڪٻئي لاءِ منهن ته ڀيلا ڪندا آهيون پر من جون تندون پيار جي ڌاڳي سان جڙيل رهيون آهن . تنهنڪري، هڪٻئي جو تخليق مهل بلڪل ڀرم نه رکندا آهيون ، پر ڪڏهن ڪڏهن انسان آهي، خطا ٿي ئي ويندي آهي ، تنهنڪري، مان اڳ ئي چئي آيو آهيان ته انسان ڪڏهن به مطلق طور perfect رهي نٿو سگهي . مون اها شيءِ شاهه صاحب ۾ محسوس ڪئي آهي ته هو absolutely moody آهي ، ڪڏهن ڪڏهن هو ائين ڳالهائيندو ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ امتين کان به هيٺ ڪا امت هجي پر ڪڏهن اهڙو جاهه ۽ جلال وارو سيد ٿي پوندو آهي جو هن جي جلال کي ڏسندي ڪنبڻي وٺي ويندي آهي ۽ مون پاران ته پاسا وٺڻ لڳندا آهن .اهڙي طرح شاهه صاحب جي شخصيت جي اها هڪ عاليشان خوبي آهي ته جيڪا شيءِ کيس ڪَسي لڳندي آهي ته ان لاءِ معزرت ڪرڻ ۾ ڪا هچڪچاهٽ محسوس ناهي ڪندو . سچ پچ اهي ڳالهيون ڪنهن وڏي شخصيت ۾ ئي ٿي سگهن ٿيون . ضياءَ شاهه انسان آهي ، هو جيستائين جيئرو آهي ، هو چڱا ڪم ته ضرور ڪندو پر ڪي ڪي خاميون به ڪٿي ڪٿي رهجي ٿيون وڃن ۽ ان کي ئي انسان چئبو آهي، جيڪو ڪڏهن به perfect ٿي نٿو سگهي . شاهه صاحب اسان نوجوانن لاءِ ڏڍ آهي، اتساهه ۽ سهارو آهي ، مونکي ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن لڳندو آهي ته مان ڪراڙو ٿي ويو آهيان ، پر هو اڄ به ائين لڳندو اٿم ، جهڙو اڄ کان 10 سال اڳ مليو هوم ، ان تي هڪ شعر ٿو ياداچي ته :میں تو وہ نہیں رہا ہاں مگر وہی ہے تو 23 جولاءِ 2009 ليکڪ جو نوٽ : هي خاڪو مون اڄ کان 4 يا ساڍا 4 سال اڳ لکيو هيو. سنڌ سلامت جو نوٽ: هي آرٽيڪل ياهو جي هڪ غير فعال گروپ تان کنيو ويو
جواب: ضياءَ شاهه۔۔۔ جيئن مون ڏٺو ۔۔ ليکڪ: حسام ميمڻ ادا مست لکڻي ڏاڍي ساراه جوڳي آهي حسام ميمڻ جو لکڻ جو انداز ڏاڍو پيارو الڳو سنڌ جي هڪ اهم شخصيت بابت ڄاڻ به ملي۔
جواب: ضياءَ شاهه۔۔۔ جيئن مون ڏٺو ۔۔ ليکڪ: حسام ميمڻ واقعي سائين۔۔ حسام ميمڻجي هي لکڻي دل کي لڳي، تڏهن ته اوهان سان ونڊ ڪئي۔۔۔۔ مهرباني