ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو

    آزادي اسان جو ڪائناتي حق آهي​
    ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو​


    انٽرويو پيئنل:
    علي حسن چانڊيو، حيدر ملاح، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، هوت خان گاڏهي​


    ڊاڪٽر قادر مگسي جو هي انٽرويو ڪجهه سال اڳ هڪ رسالي ۾ پڙهيو هو، اڄ انٽرنيٽ تي ان کي لفظي صورتن ۾ ڏسي بي اختيار توهان سان ونڊ ڪرڻ تي دل ڪيو....


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب هيءَ جيڪا موجوده صورتحال آهي، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي نااهلي بابت جيڪو سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ هن فيصلي سان پاڪستان جي سياسي صورتحال تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ۽ وڪيلن واري جدوجهد جا ڪهڙا نتيجا ايندا؟
    جواب؛ هي فيصلو جيڪو آيو آهي، اهو ڪو غير متوقع نه هو. ۽ سياسي تاريخ جا طالب علم يا هڪڙو سياسي شعور رکندڙ سياسي ڪارڪن اهو هن سڄي صورتحال کي پهرين ڏينهن کان وٺي سمجهي چڪو هو. توهان کي خبر آهي توهان جيڪو پيپلز پارٽي حڪومت ٺهڻ وقت انقلابي واٽ لاءِ مونسان انٽرويو ڪيو هو. مون ان وقت چيو هو ته هي جيڪو مارچ جو مهينو ايندو اهو هنن سمورين سياسي قوتن کي تمام وڏي امتحان ۾ وجهندڙ هوندو، زرداري صاحب هي جيڪو مفاهمت جو نعرو ڏئي ڪري جڏهن سرحد صوبي ويو ته اتي چيائين ٿي ته پاڪستان جي مستقبل ۾ اسفنديار ولي جو پٽ ۽ بلاول اهي سڀاڻي جي فيوچر جا مالڪ هوندا. آئون اهڙو ماحول پيو ٺاهيان جي ويو ٿي لاهور ته اتي نواز شريف جي پٽ حسين جي ٻانهه پڪڙي چيائين ته حسين ۽ بلاول کي ٿو گڏيان. ڪراچي آيو ته هن الطاف حسين جي ڌيءُ جو نالو کڻي ۽ پنهنجي ڌيءُ بختاور جو نالو کڻي چيو ته انهن لاءِ مفاهمت ٿو ڪريان. اصل ۾ جيڪا به پوليٽيڪل اسٽينڊنگ ٿيندي آهي اها پوليٽيڪل پرنسپل تي ٿيندي آهي. هاڻي جي اهوئي ساڳيو روايتي طريقو ته جنهن جنهن ماڻهوءَ جي جيتري ضرورت پوي ٿي جنهن کان جيترو ڪم وٺي سگهجي ٿو. ان وقت تائين هن ماڻهوءَ کي هن استعمال ڪري پنهنجو اُلو سڌو ڪيو پئي. جڏهن توهان ڏٺو ته مشرف جي خلاف فيصلي جو، وقت آيو ۽مينڊيٽ جو وقت آيو ته هو نواز شريف سان ان حد تائين ايگري ٿي ويو ته هڪڙي ڏينهن لاءِ منهنجو ساٿ ڏيو ته جنهن ڏينهن مشرف کان جند ڇڏائينداسين تنهن ڏينهن تي عدليه جي بحالي ڪري ڇڏينداسين. جڏهن مشرف استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿيو ته ان ڏينهن چيائين ته ڇا جي عدليه جي بحالي سڀڪو گهر وڃي. ته اهڙي طرح هيءُ نواز شريف سان جيڪو واقعو پيش آيو آهي هن کي سنڌ ترقي پسند پارٽي رد ڪري ٿي. ۽ ملڪ جي سياست ۾ هي جيڪو به جمهوريت جو جيڪو لولو لنگڙو سسٽم هلي پيو. ان ۾ ان طرح جو رواج تمام غلط آهي، ته هڪڙي پاپولر پارٽي جي اڳواڻ کي اختلافن جي بنياد تي هٽائڻ. نوازشريف جي پارٽي سان سنڌ ترقي پسند پارٽي جا به ڪيترائي اختلاف آهن. نواز شريف اي پي ڊي ايم جي فيصلن کي پٺ ڏئي اليڪشن ۾ حصو ورتو. ۽ موجوده اسٽبلشمينٽ جيڪا هن ملڪ جي پردي جي پويان ويهي حڪمراني ڪري ٿي ان سان حڪمراني جي پاور ايڊجسٽمينٽ ڪري پنهنجو حصو ورتو. انهن سمورين غلطين جي باوجود اسان ان طريقي ڪار جي حمايت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون ته هڪڙي ملڪ جي پاپولر وفاقي پارٽي آهي. ان جا ميمبر قومي اسيمبلي ۾ آهن. پنجاب ۾ انهن جي حڪومت آهي ته انهن جي ليڊرکي شپ هڪڙي ماضي جي جڙتو ڪيس جي بنياد تي جيڪو جنرل پرويز مشرف هٿرادو ڪيس ٺاهيو ته هنن هاءِ جيڪنگ ڪئي. ان ڪيس جي بنياد تي آيل سزا کي بحال ڪري بهانو بنائي ان ليڊر کي نااهل قرار ڏنو وڃي. ۽ ان کي ملڪ جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. ۽ مستقل بنيادن تي ڪنهن کي ڪنهن سياسي پارٽي جي اڳواڻي ڪرڻ کان به نااهل قرار ڏنو وڃي ان کي اسان غير آئيني ۽ غير قانوني ۽ خالص ذاتي پسند ناپسند جو فيصلو سمجهون ٿا. جيڪڏهن عدالتن پنهنجو اهو فيصلو ڪيو آهي ته اسين سمجهون ٿا هن ملڪ ۾ عدالتون آزادناهن ۽ سرڪار جي مداخلت کانسواءِ ايڏا وڏا سياسي فيصلا نه ٿيندا آهن. پر ٻي جيڪا ڳالهه آهي ته ججن به اهو فيصلو ڪيو آهي، انهن به پنهنجي ذاتي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ڇو ته نوازشريف پهرين ڏينهن کان وٺي پي سي او ججن جي عدالت آڏو حاضر ٿيڻ کان نابري واري ويٺو، ته ان سڄي ذاتي ڪاوڙ جي بنياد تي ايڏو سنگين فيصلو ڪيو ويو آ. اهو تاريخ جو هڪڙو بدترين فيصلو آهي. عدالتي تاريخ جو پاڪستان ۾ ماضي ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي نوازشريف ‎ ايڪيهن سالن لاءِ نااهل قرار ڏنو هو؟ يا جنرل ضياءِ جي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو هڪڙي پاپولر ليڊر کي ڦاسي ڏئي ڇڏي هئي. ته انهن ئي ان پاپولر فيصلن جيان هي ميان نوازشريف جو فيصلوآيو آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي ان جي ندا ڪري ٿي ۽ مزمت ڪري ٿي.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب آصف زرداري ان فيصلي مان ڇا حاصل ڪرڻ ٿو چاهي. توهان ڇا ٿا سمجهو ان جي پويان ٻيا ڪهڙا هٿ نظر اچن ٿا؟

    جواب؛ مون پهرين ئي انٽرويو ۾ اها ڳالهه ورجائي هئي ته اصل ۾ هي پاڪستان آزاد ملڪ ڪونهي، اهو هڪ بااختيار، ملڪ ڪونهي. پاڪستان جي سموري معاشي ۽ داخلي سياسي جيڪي به پاليسيون آهن انهن ۾ آمريڪا جو تمام وڏو عمل دخل هوندو آهي. هاڻي ته هي ٽرائيڪا ٺهي آهي، آمريڪا برطانيا ۽ ايشيا ۾ دهلي انهن سمورين طاقتن جو عمل دخل آهي پاڪستان جي سمورن پاليسين ۽ سياسي فيصلن ۾ عمل دخل رهي ٿو. ان ڪري مون اڳ ۾ توهان کي ٻڌايو ته زرداري کي جيڪو وقت مليوآهي اهوانتهائي هڪ اهم وقت آهي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جهڙي پاپولر ليڊر جيڪا شهيد ٿي وئي ته ان غصي ۽ ڪاوڙ کي گھٽ ڪرڻ لاءِ شايد زرداري صاحب کي سڄي ملڪ جو با اختيار صدر بنايو ويو آهي ۽ زرداري صاحب کان اها چڪ ٿي آهي ته ملڪ جا وڏا وڏا جيڪي سياسي فيصلا آهن اهي فيصلا پوليٽيڪل پرنسپل جي روشني ۾ ڪيا ويندا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو جي وقت ۾ نيوڪليئر پاور جو جيڪو اشو هو ۽ آمريڪا جي وزير خارجا ڀٽي صاحب کي ان وقت جيڪا کلي ڌمڪي ڏني هئي اسين توکي هڪڙو عبرت ناڪ مثال ٺاهينداسين ته ان وقت جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو آمريڪا جي خواهشن مطابق اهو طئه ڪري تاريخ سان گڏ نه بيهي ها ته شايد ذوالفقار علي ڀٽو حيات به هجي ها ۽ حڪومت ۾ به هجي پر ايڏو وڏو پاپولر ليڊر عوام جي اک جو تارو نه هجي ها. ته ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ سان گڏ بيٺو ۽ تاريخ سان گڏ بيهڻ جي ڪري هو شهيد ته ٿي ويو پر شهيد جي امرتا ايتري طاقت وٺي وئي جو سڄي ملڪ جي سياست جيڪا پرو ڀٽو ۽ اينٽي ڀٽو جي بنياد تي صفبندي ۾ بيٺي آهي. ته زرداري صاحب شايد پنهنجي فوري ۽ عارضي مفادن لاءِ تاريخ ۾ زنده رهڻ ۽ تاريخ سان گڏ هلڻ بجاءِ زرداري صاحب پنهنجن ننڍن ننڍن اقتداري مفادن کي چونڊيو آهي. ۽ جنهن جي ڪري ان جا ديرپا اثر نه نڪرندا جنهن جي ڪري آمريڪا کي هتي طاقتور ليڊر کپي. جيڪو طاقتور ليڊر آمريڪا جي wishes خواهشن کي پورو ڪري سگهي. زرداري صاحب basically اصل ۾ سنڌي قوم جا نمائنده آهن ۽ سنڌي قوم جي نمائندي جي حيثيت ۾ زرداري صاحب آمريڪا کي ايترو وڏو deliver ڪري نه سگهندو جيترو ڪو پنجاب جي ليڊرشپ ڪري سگهي ٿي.
    توهان کي خبر آهي ته جنرل پرويز مشرف هڪڙو آرمي چيف هئڻ جي حيثيت ۾ ڇو جو بنيادي طرح هو پنجابي ڪو نه هو. اردو ڳالهائيندڙ هو. سنڌ جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهو هو. ان جي ڪري هو آرمي چيف جي حيثيت هوندي به آمريڪي خواهشن مطابق هو ڊليور ڪري نه سگهيو. ته هڪڙو سمپل صدر اهو به سنڌي قوم سان تعلق رکندڙ صدر ايڏن وڏن مفادن کي ڪيئن ڊليور ڪري سگهندو. ان ڪري لا محالا پنجاب جي ليڊرشپ کي اقتدار ۾ اچڻو آهي، ۽ طاقتور ٿيڻو آهي ۽ اهي اچي سمورا معاملا سنڀالي ۽ سڀني آمريڪي ايجنڊائن کي پورو ڪندو. ته زرداري صاحب پنهنجي سڄي جا سڄي ڪوشش شايد اها رکي آهي ته هو وڌ کان وڌ پنهنجي اقتداري صفبندي کي طاقتور ڪري ۽ مينڊيٽ پنهنجي حق ۾ رکي ته ڊگهو وقت هو حڪومت ۾ رهي سگهي. پر بدقسمتي سان توهان ڏٺو ته هڪ سال ٿيو آهي ته هڪ سال ۾ جيڪا ايڏي وڏي پارٽي جيڪا شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي رت ۽ قرباني جي سبب جي ڪري چونڊجي آئي زرداري صاحب کي ايڏو وڏو مينڊيٽ مليو ۽ ملڪ جي ٻين سمورين پارٽين ان کي غير مشروط حمايت جو وڏو يقين ڏياريو هجي. ملڪ جا وزيراعظم ۽ صدر بغير مقابلي جي چونڊجي آيا هجن ۽ ان کان پوءِ به هڪ سال اندر فنا منا جي ڪايا پلٽ ايڏي وڏي ٿي وڃي جو ماڻهو زرداري جي تصويرن کي لاهور ۾ ڦاڙڻ شروع ڪري ڇڏين ۽ چپلون کڻي ان جي تصويرن کي هڻڻ شروع ڪري ڇڏين.
    اڄ ته ٿي وئي زرداري ڪتي ڪتي جا نعرا به شروع ٿي ويا آهن. هي وڏي کان وڏو فال آهي. جنهن کي انگريزي ۾ هڪ great fall چئبو آهي. پستي ۾ ڪرڻ آهي جو جنهن کي ماڻهن پنهنجي اکين جو تارو بنايو ان جي هڪ سال اندر اها حالت ٿي وڃي. شايد زرداري صاحب پنهنجي هن اقتداري صفبندي ۽ پريڪٽس ۾ ايترو مَهو آهي جو تاريخ جي سبق پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان قاصر ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري هيءَ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.


    سوال؛ ڇا موجوده صورتحال جي تبديلي ۽ حڪمران ٽولي جي خلاف نئين صفبندي هاڻي فوري طور تي ٿيندي؟.

    جواب؛ جيتري تائين نوازشريف جو تعلق آهي ته نواز شريف جي ڪريڊبلٽي جيڪا 2007ع ۾ هئي اها هاڻي نه رهي آهي. نواز شريف جڏهن لنڊن ۾ اي پي سي ڪال ڪئي هئي ته ان لنڊن اي پي سي ۾ ملڪ جون تمام سياسي پارٽيون شامل هيون. ان وقت چار وڏا اتحاد هئا. اي آر ڊي. ايم ايم اي هئي پونم هئي، عوامي جمهوري محاذ ڪميونسٽ اتحاد هو، ان کان پوءِ اسفنديار ولي، عمران خان انهن سڀني اتحادن کان ٻاهر جون پارٽيون هيون. اهي سڀ ماڻهو لنڊن جهڙي شهر ۾ پنهنجا ڪرايا ڀاڙا خرچ ڪري ۽ لنڊن اي پي سي ۾ شريڪ ٿيا. بلوچستان ۾ هڪڙي وڏي شورش واري صورتحال هئي هڪڙي بغاوت جهڙي صورتحال هئي. ته نواب اڪبر بگٽي شهيد ٿي چڪو هو، ۽ سڄي بلوچستان ۾ هٿياربند جدوجهد جاري هئي. ان جي باوجود جيڪي بلوچستان جون پاپولر قومپرست پارٽيون هيون. ۽ ٻيون پشتون قومپرست پارٽيون انهن سڀني ميان نوازشريف کي اختيار ۽ مينڊيٽ ڏئي ڪري لنڊن اي پي سي کان پوءِ جيڪو اي پي ڊي ايم ٺاهيو ۽ نوازشريف کي ان جو اڳواڻ ڪيو، ته هن ملڪ کي هڪ جمهوري ملڪ بنائڻ ۽ هن ملڪ کي آئين ۽ قانون جي روشنيءَ ۾ هلائڻ، هن ملڪ جا جيڪي بنيادي اشو آهن، جنهن ۾ عوام هن ملڪ جو حاڪم هجي. يا پردي جي پويان ويٺل قوتون هجن؟ پارليامينٽ بااختيار هجي يا چيف آف آرمي اسٽاف ۽ انٽيليجنٽ ايجنسين جا سربراهه بااختيار هجن؟ وزيراعظم هن ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو هجي يا آءِ ايس آءِ جو چيف هن ملڪ جو ايگزيڪٽو هجي؟ صوبائي خود مختياري هجي جيڪي پنهنجي روح ۽ اطمينان سان حاصل ڪري سياسي معاشي نظام ۾ هن ملڪ سان پنهنجي پوري جذبي سان شامل ٿين.
    اهي سمورا اشو کڻي اي پي ڊي ايم کي وجود ۾ آندو ويو ۽ نوازشريف جو ان وقت سياست ۾ گراف تمام هاءِ ليول تي هو. سڄي دنيا جون اکيون جنهن ۾ هن کي ملڪ جو پاپولر ليڊر بنائي پيش ڪيو پئي ويو. پر بدقسمتيءَ سان جڏهن فيصلي جو وقت آيو ته ان وقت ميان نوازشريف عوام جي پاسي ڪو نه بيٺو. ميان نوازشريف ايجنسين جي پاليسين جي تحت وڃي اسٽبلشمينٽ سان بيٺو. جنهن جي ڪري بلوچن ايڏي وڏي قرباني ڏني جيئن نواز شريف پنجاب ۾ وزيراعليٰ جي سيٽ حاصل ڪئي. تيئن بلوچ قومپرست پارٽيون ان پوزيشن ۾ هيون جو اهي اليڪشن ۾ وڙهي بلوچستان جي وزارت اعليٰ ۽ حڪومت حاصل ڪري پئي سگهيا ۽ اختيار وٺي پئي سگهيا. پر هنن ملڪ جي سياسي نظام لاءِ قرباني ڏني ۽ نوازشريف انهن سان دوکو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ هينئر نوازشريف کي پنهنجي رپوٽيشن بحال ڪرڻي پوندي. پنهنجي سياسي ساک بحال ڪرڻ لاءِ هن کي وري هڪڙي وڏي سياسي پراسيس مان گذرڻو پوندو تڏهن وڃي هي ملڪ جون قومپرست پارٽيون ان تي اعتماد ڪري سگهن يا ان سان گڏ هلي سگهن. جيڪو مون کي مشڪل نظر ٿو اچي. باقي نواز شريف جا ريڊي ميڊي اتحادي آهن، قاضي حسين احمد، عمران خان ٽائيپ جن کي هو جنهن وقت به سڏ ڪندو ته زنده باد مرده باد جا نعرا لڳي ويندا.
    اهي جيڪي ( رائيٽ اورنٽيڊ) ساڄي ڌر جون تنظيمون آهن اهي ميان نوازشريف سان بيهي وينديون. 2007ع وارو نوازشريف پنهنجي لاءِ ۽ هاڻي ميان نواز شريف کي تمام وڏو هڪڙو سفر ڪري ان کي عبور ڪرڻو پوندو.


    سوال؛ ڇا ان سڄي راند ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي کي هاڻي انتظار ڪرڻ گهرجي؟

    جواب؛ نه ترقي پسند پارٽي هڪڙي سائنٽيفڪ، نظرياتي ۽ اصول پسند پارٽي آهي. ان ڪري ترقي پسند پارٽي نوازشريف کي نااهل ڪرڻ واري فيصلي يا پنجاب حڪومت ۾ گورنر راڄ قائم ڪرڻ واري پاليسي جي توهان کي خبر آهي ته اسان مذمت ڪئي آهي. پهرين ڏينهن کان وٺي، اسان اها ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪڏهن موجوده سرڪار نوازشريف بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪري ۽ هن جي مطابقت سان ڪو عمل ڪندي ۽ پنجاب ۾ گورنر راڄ قائم ڪندي ته پوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو جيڪو عدالتي قتل آهي ان عدالتي قتل کي قانوني ۽ جائز قرار ڏيڻ جي برابر هوندو. ۽ اسين اهو چوڻ چاهيون ٿا ته اسان اهي قومپرست آهيون جيڪي ڪنهن به صورتحال تي ڪنهن جي به ونگار وهڻ وارا ناهيون. اسين سنڌ جي حق ۾ آهيون. سنڌ جي مجموعي مفادن ۾ جيڪا ڳالهه هوندي ترقي پسند پارٽي انهيءَ سان گڏ بيهندي.
    ان ڪري پاڪستان پيپلز پارٽي جي موجوده روش کي اسين نامناسب سمجهون ٿا. نوازشريف جي خلاف جيڪو قدم کنيو ويو آهي ان کي اسين زيادتي ۽ ناپسنديءَ جو قدم سمجهون ٿا. ان عمل تي مذمت ڪندي ڏک جو اظهار ڪيون ٿا. ان سان گڏوگڏ اسين چوڻ چاهيون ٿا ته هيءَ موجوده سرڪار رهي ٿي يا ان جي تڏا ويڙهه ٿي ٿئي. ان سڄي صورتحال ۾ اسان جي فڪر مندي اها آهي ته سنڌ جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري اسان کي سنڌ جو مستقبل ٺاهڻ لاءِ سڄي سنڌ جي جيڪا هلچل آهي ان کي آرگنائيز ۽ متحرڪ ڪرڻ کپي. اهو سڀ ڪجهه سنڌ بنياد تي متحرڪ ٿيڻ گهرجي. ڇو جو اهو هاڻي طئه ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪا جاگيردار سياست آهي اها پي پي پي جي هجي، اها فنڪشنل ليگ يا ڪنهن ٻي مسلم ليگ جي هجي، پاڪستان ۾ جاگيردار سياست سنڌ جي مجموعي مفادن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. تنهن ڪري سنڌ جي مڊل ڪلاس اورنٽيڊ جيڪا به سياسي قوت آهي. ماضي جا قومپرست، ماضي جي ڪميونسٽ پارٽي جا ورڪر، ماضي جا ليفٽ اورنٽيڊ ورڪرز ماضي جا پي پي پي کان نا اميد ۽ مايوس ماڻهو، ماضي جا مرتضيٰ ڀٽي شهيد جا جيڪي ساٿي آهن، ماضيءَ جي جيئي سنڌ جا اهي پراڻا ورڪر جيڪي آزادي جو آدرش کڻي هليا هئا. انهن سمورن ماڻهن کي هڪڙي پليٽ فارم تي يونائٽيڊ متحد ۽ گڏ ٿي ڪري، ترقي پسند پارٽي انهن سمورن ماڻهن کي هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ڪري سنڌ جي اندر هڪڙي پارلياماني پارٽي، متبادل پارلياماني قوت طور پنهنجي پاڻ کي متعارف ڪرائڻ چاهي ٿي ته جڏهن سڀاڻي اليڪشن جو وقت اچي، سڀاڻي ڪو فيصلو ڪن ان وقت ترقي پسند پارٽي سڄي سنڌ کي پنهنجي پاڻ سان گڏ بيهاري سنڌ جي مستقبل ۽ دائمي مفادن بابت ڪوحتمي فيصلو ڪري سگهجي.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب پاڪستان جي سياسي سفر ۾ ڏٺو ويو آهي ته جڏهن ڪا به صوبائي حڪومت ڊٺي آهي ته ان کان پوءِ ترت مرڪزي حڪومت جو وارو آيو آهي. توهان ڪيئن ٿا سمجهو ته پنجاب جهڙي طاقتور مضبوط صوبائي حڪومت جي ڊهڻ ۽ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ کان پوءِ ڇا مرڪز جي گورنمنٽ جي قائم رهڻ جا باقي چانسز آهن؟

    جواب؛ ان جا ٻه رخ آهن، هڪڙي ڳالهه اها آهي ته جيئن مون اڳ واري انٽرويو ۾ چيو هو ته ايندڙ مارچ مهينو تمام وڏا سوال کڻي ايندو، سينيٽ جي چونڊ ٿئي پئي. ۽ هن ملڪ ۾ اسٽبلشمنٽ اهو ڪڏهن به نه چاهيندي ڪا اهڙي پارٽي جيڪا عوامي پارٽي هجي. جيڪا قومي اسيمبلي ۾ به اڪثريت ۾ هجي ۽ سينيٽ ۾ به اڪثريت ۾ اچي وڃي ته هو هن ملڪ ۾ پنهنجي مرضي جي ڪا آئين سازي ڪا قانون سازي ڪري هن ملڪ ۾ مضبوط سياسي سگهه بڻجي وڃي، مارچ ۾ سينيٽ جي اليڪشن جو پراسز شروع ٿي چڪو آهي ۽ پي پي پي اتي اڪثريتي پارٽي طور وڃي پئي، ته پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هيءَ سڄي راند شروع ٿي وئي آهي. هاڻي زرداري صاحب وٽ ٻه آپشن آهن ته آئون سمجهائڻ چاهيان ٿو ۽ اوهان معرفت انقلابي واٽ ذريعي حڪومت کي تجويز ڏيڻ چاهيان ٿو ته زرداري صاحب وٽ ٻه آپشن آهن هڪ ته هن وٽ مڪمل صدارتي اختيار آهي ۽ آئيني پاور آهن، ته هو هن سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو آهي ان کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ نواز شريف ائپروچ ڪري نه ڪري پر زرداري پنهنجي ئي صدارتي اختيارن تحت هي جيڪا نااهلي واري سزا آهي اها ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏي ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري جو اعلان ڪري ڇڏي ته جڏهن چيف جسٽس ڊوگر رٽائرڊ ٿيندو ته ان کان پوءِ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري هوندو ته آئون سمجهان ٿو ته زرداري صاحب جي حاڪميت اها محفوظ ٿي سگهي ٿي ۽ هي جيڪوپراسيس انڌو منڊو لولو لنگڙو آهي سو تنهن وقت تائين هلي سگنهدو باقي جيڪڏهن هي چپڪلش رهي ڇڪتاڻ رهي ته شايد هي توهان جو انقلابي واٽ جو پرچو ڇپجي اچي ان کان اڳئي ئي ملڪ جي تبديلي جو اعلان ٿي سگهي ٿو. ڇو ته هينئر جهڙي طريقي سان مسلم ليگ نواز احتجاج شروع ڪيو آ ۽ جيڪڏهن لاهور پنجاب جي شهرن ۾ فيصل آباد، گجرات، گجرانوالا ۾ ٽيهه، پنجاهه ڪيولٽيز (ماڻهو مري ويندا) ٿي وينديون ته پوءِ هن حڪومت جو رهڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويندو.

    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب 15 مارچ تي اسلام آباد ۾ وڪيلن جو ڌرڻو آهي ڇا ٿا سمجهو ته هن ڌرڻي سان چيف جسٽس بحال ٿيندو ۽ گڏوگڏ منهنجو اهو به سوال آهي ته ترقي پسند پارٽي ان ۾ شامل ٿيندي؟
    جواب؛ ڏسو ڌرڻي جي جيڪا صورتحال هئي نه جيئن وزير اعظم اعلان پئي ڪيا، زرداري اعلان پئي ڪيا ته لانگ مارچ ڪرڻ وڪيلن جو جمهوري حق آهي اسان اهو نه روڪينداسين ته هاڻين جڏهن توهان ڏسندؤ ته حڪومت ڊاهڻ ۽ ميان شهباز شريف ۽ ميان نواز شريف جي نااهل قرار ڏيڻ جي پويان فوري جيڪو مقصد آهي اهو اهوئي آهي ته زرداري صاحب حڪومت جو ته جيئن پنجاب ۾ ميان شهباز شريف جي حڪومت آهي ۽ پنجاب سڄي مان وڪيلن ۽ ماڻهن کي allow ڪيو ويو ته هو اسلام آباد ۾ گڏ ٿي وڃن. ته شايد پاڪستان مان پنج لک ماڻهو وڪيلن جي ڪال تي اسلام آباد ۾ گڏ ٿي وڃن ۽ جڏهن پنج لک ماڻهو ڪنهن چؤڪ تي گڏ ٿي وڃن ڪنهن هڪ point تي پوءِ حڪومت لاءِ اهو وڏو مشڪل هوندو ته هنن کي control ڪنٽرول ۾ رکي هنن کي ضابطي ۾ رکي ۽ انهن کي موٽائي سگهي سواءِ ان جي ته يا ته حڪومت سرينڊر ڪري عوامي طاقت جي آڏو چيف جسٽس کي بحال ڪري يا ته وري ٻه ٽي سو ماڻهو قتل ڪري ماري ڪئمپ اجاڙي ۽ پوءِ ماڻهن کي گھر موٽائي ته انهيءَ جي ڪري ئي هنن اڳواٽ اها صورتحال ٺاهي ته ميان شهباز شريف جي حڪومت ختم ڪري پنجاب جو انتظامي ڪنٽرول هنن پنهنجي هٿ ۾ وٺي ڇڏيو آ ۽ لانگ مارچ جي صورتحال اها هوندي ته هاڻي ضلعن مان جيڪي وڪيلن جا قافلا ايندا انهن کي نه پنهنجي گھرن کان ٻاهر نڪرڻ ڏبوجيڪو به بس کڻي ڪار کڻي نڪتو ته رستي تي پوليس وارا انهن کي کنڀي ٻه ڏينهن جيلن ۾ هڻي ڇڏيندا پاڪستان ۾ خبرون ٺهنديون ته سب اڇا هي نظام هلي پيو ڪا ڳالهه ناهي، ان طريقي جا اسان کي اعلان ٻڌڻ ۾ ايندا، ٻه ٽي سؤ ماڻهن جي گرفتاري به ڪري سگهن ٿا. پر ان سڄي جبر واري صورتحال ۾ به ترقي پسند پارٽي پر عزم آهي ڇو جو اسين سمجهون ٿا ته هن ملڪ ۾ عدالتي نظام، عدليه جي آزادي کانسواءِ هن ملڪ ۾ نه صحيح نموني جمهوريت هلي سگهندي ۽ نه ئي مظلوم قومن کي حق ملندا. نه عوام کي انصاف ملندو. ان ڪري چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحالي واري تحريڪ جا اسين سرگرم رڪن آهيون. اسين چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي بحاليءَ لاءِ پنهنجي مرڪزي قيادت تي مشتمل ٽيم ٺاهي ڇڏي آهي. جيڪا اسلام آباد ويندي وڪيلن سان يڪجهتي طور اها ٽيم مارچ ۾ شريڪ هوندي ۽ سنڌ ۾ جتان جتان قافلا گذرندا اسان جي پارٽي انهن سان گڏ هوندي ۽ اسلام آباد جي ڌرڻي ۾ به شريڪ ٿيندي. اها ٻي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن اسان جي ورڪرن کي ۽ اسان کي به گرفتار ڪري ان عمل کان روڪيو ويندو ته ان لاءِ به اسين تيار آهيون. پر اسان هر حال ۾ هن تحريڪ سان گڏ رهنداسين ۽ انشاءَ الله هڪڙو ڏينهن ايندو جڏهن جسٽس افتخار محمد چوڌري بحال هوندو.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب هاڻي پاڻ سنڌ ڏانهن اچون ٿا. توهان چوندا رهيا آهيو ته قومپرست پارٽي صرف ايس ٽي پي آهي، توهان وٽ حقيقي قومپرستيءَ جي تشريح ڪهڙي آهي؟ جڏهن ته سنڌ ۾ ٻيا به پنهنجي پاڻ کي قومپرست سڏائين ٿا؟

    جواب؛ قوم پرستيءَ جو جيڪو فلسفو آهي اهو ٻن معنائن ۾ آهي. هڪڙو قومپرستي جو فلسفو شاونسٽ فلسفو آهي، شاونسٽ فلسفو اهو آهي ته توهان پنهنجي وطن جا مالڪ آهيو، توهان ۾ هڪڙو ڪو سپرنيس Super ness هجڻ جو ڪو رجحان پيدا ٿئي ٿو ته اسين تاريخ ۾ ايترا ته معتبر ۽ معزز رهيا آهيون، حاڪم رهيا آهيون سوهاڻي به اسان کي اهو حق آهي ته اسين سڄي دنيا تي حڪومت ڪيون. ائين جيئن هٽلر جي زماني ۾ آيو ته جئين ته جرمن قوم تاريخ ۾ شاندار قوم آهي ۽ ان جي آڏو سڀني کي سرينڊر ڪرڻو پوندو. پوءِ اهڙي طريقن سان توهان وڃو ٿا ٻين جي زمين کي فتح ڪندا، ماڻهن کي ماريندا قتل ڪندا ۽ هڪڙي خون جي هولي کيڏندا ته اها قومپرستي نه هوندي آهي پر فاشزم ۽ شاونزم هوندو آهي جيڪو قومپرستيءَ جي نالي ۾ ڪيو ويندو آهي.
    ٻي هوندي آهي محڪوم قومن جي قومپرستي، محڪوم قومن جي قومپرستي اها آهي ته قومپرستيءَ جو جذبو ماڻهن ۾ پيدا ئي تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪا ٻي ڌاري قوم اچي ماڻهن جي بنيادي آزادين کي سلپ ڪري انهن کي غلام بنائي، انهن جي وسيلن تي قبضو ڪري، انهن جي جيئڻ جا رستا بند ڪري. انهن ذلتن ۽ غلامين مان جيڪا قومپرستي ڦٽندي آهي سا حقيقي قومپرستي هوندي آهي جيڪا پنهنجي وطن جي آزادي ۽ استحڪام لاءِ پنهنجي ماڻهن جي خوشحاليءَ لاءِ ڪم ڪندي آهي اها قومپرستي نسل پرستي، رنگ مذهب، نسل ۽ فرقي پرستي جي سموري تفريقن کان آزاد قومپرستي هوندي آهي. انهيءَ جي ڪري ترقي پسند پارٽي جيڪا قومپرست پارٽي آهي اها شاونسٽ قومپرستي ڪونهي، اها فاشسٽ قومپرستي ڪونهي، اها نسلي قومپرستي ڪونهي ترقي پسند پارٽي واحد قومپرست پارٽي آهي جيڪا سنڌ جي اندر، سنڌ ۾ رهندڙ سمورن ثقافتي اقليتن تي مشتمل قوم جي قومپرستي آهي.
    مثال طور سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو اهو نقطئه نظر آهي ته 1954ع کان اڳ ۾ جيڪو به سنڌ ۾ آيل آهي اهو سنڌي آهي. جنهن ماڻهوءَ ذهني شعوري طرح سنڌي ٻولي کي قبول ڪيو، جنهن ماڻهوءَ سنڌي ڪلچر کي قبول ڪيو، جيڪو ماڻهو پهنجي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏئي ٿو. هن سڄي قومي ۽ ثقافتي ڌارا ۾ ضم ٿي چڪو آهي اهو ئي سنڌي آهي. پوءِ اهو جيڪڏهن گھر ۾ ڪو پنجابي ٻولي ڳالهائي ٿو، اسان ٻروچڪي ڳالهائيندڙ آهيون، ڪو ٻيو سرائڪي ڳالهائي ٿو، ڪو ڪو گجراتي ڳالهائي ٿو ته ان طريقي سان جيڪي به ماڻهو آهن، ڪو اردو ڳالهائي ٿو، اهي جيڪي به ماڻهو آهن جيڪي 1954ع کان اڳ سنڌ ۾ آيل آهن اهي سنڌ جي ڪلچر ۾ ضم ٿي ويا، انهن کي سنڌ جي تاريخ ۽ ٻولي سان پنهجائپ جو رشتو آهي. اهو ماڻهو ترقي پسند پارٽي ۾ شامل آهي. ۽ ترقي پسند پارٽي ۾ هر قسم جي رنگ نسل مذهب جو ماڻهو ملندو. اسان وٽ هندو مذهب جو ماڻهو به هوندو، هندو ۾ برهمڻ به هوندو ته هندو ۾ ڪولهي به هوندو، اسان وٽ اردو ڳالهائيندڙ ورڪر به آهن. اسان وٽ پنجابي ۽ بلوچي ڳالهائيندڙ به پارٽي ميمبر ۽ اڳواڻ آهن، هر قسم جي ٻولي ڳالهائيندڙ اسان وٽ ورڪر آهن، اهي ورڪر جيڪي 1954ع کان اڳ سنڌ ۾ آيا آهن، 1954ع کان پوءِ جا جيڪي آيل آهن اسين انهن کي قبضي گير سمجهون ٿا، انهن کي اسان پنهنجي وطن جي مفادن جي خلاف ڪم ڪندڙ ماڻهو سمجهون ٿا، ان جي هڪڙي قومپرستي اها آهي. ۽ ٻي قومپرستي اها آهي ته جيڪا قومپرستي جي دعوا ڪندڙ ڌر هجي اها پنهنجي هر عمل ۾ واقعي حقيقي قومپرست آهي يا ناهي؟
    سنڌ جي اندر تمام گھڻيون قومپرستيءَ جي دعوا ڪندڙ پارٽيون آهن جيڪي چون ٿا ته اسين قومپرست آهيون، پر اسان جي نقطئه نظر سان قومپرستي سنڌ جي غلامي ۽ ذلتن ۾ جيڪو بنيادي قوتن ڪم ڪيو آهي. اهو ٽن قوتن ڪم ڪيو آهي. (پنجاب نائيزنيشن) 1947ع کان وٺي اسان جي قوم کي غلام بنايو آهي. اسان جي بنيادي دائمي وسيلن تي قبضو ڪيو آهي، ۽ اسان جي بنيادي مفادن جي خلاف هو ڪم ڪندا رهيا آهن. هنن اسان جون آزاديون سلب ڪيون آهن. ان ڪري اهو پهريون نمبر مجرم آهي. جنهن 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسان جون قومي آزاديون سلب ڪيون. ٻيو نمبر سنڌي جاگيردار آهي،، جنهن جاگيردارانا سياست جي ذريعي پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ مينڊيٽ وٺي هو جڏهن جڏهن به پارليامينٽ ۾ ويو ۽ هن پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ سودي بازيون ڪيون آهن. پنهنجا ذاتي مفاد حاصل ڪيا. پلاٽ ورتا، پرمٽون ورتيون، وزارتون ورتيون، ۽ ان جي عيوض اسيمبلين ۾ جيڪا به سنڌ جي دائمي ۽ قانوني مفادن جي خلاف قانون سازي ٿي ان ۾ هن چپن تي مهر هيئن ۽ اسانجي غلاميءَ ۾ هوپنجاب سان شامل رهيو جنهن جي ڪري اڄ سنڌ جيڪا آهي ننڌڪڻي ۽ لاوارث آهي. سنڌ اندر ڌارين جي لوڌ جي هيڏي وڏي آبادي آهي، هيڏو وڏو ( ٿريٽ ) آهي سنڌ کي ۽ سنڌي پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهن.
    ٽين جيڪا قوت آهي اُها اِها آهي ته انهن هتي سنڌ کي نسل پرستي جي بنياد تي تقسيم ڪري رکيو آهي. پوءِ اها نسل پرستي جي سنڌي سماٽ ۽ ٻروچ جي شڪل جي نسل پرستي هجي يا اها نسل پرستي مهاجر، پٺاڻ ۽ پنجابي جي شڪل ۾ هجي، جيڪا به نسل پرستي آهي ان سنڌ کي تمام گھڻو نقصان ڏنو آهي، ۽ ان نسل پرستي جي بنياد تي ايم ڪيو ايم جيڪا آهي، اها ان جي بدترين شڪل آهي. اها نسل پرستي جي بنياد تي سياست ڪري ۽ دهشتگردي ۽ بليڪ ميلنگ جو راڄ ۽ رواج هتي وجهي اسلام آباد کان رعايتون حاصل ڪري هتي حاڪم ٿي وئي آهي.
    هاڻي ان نسل پرستيءَ ۾ وري پشتو ڳالهائيندڙ جيڪي ماڻهو آهن اهي خالص پٺاڻ پرستي ۽ پشتو پرستي جي بنياد تي سنڌ کي ۽ خاص طور تي ڪراچي ۾ پنهنجو اقتدار ۽ پنهنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ انهن خود اسلام آباد جي آشيرواد سان پنهنجي جيڪا صفبندي شروع ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ توهان ڏٺو آهي ته هينئر پاڪستان پيپلز پارٽي انهن کي سنڌ صوبي ۾ هڪ وزارت به ڏني آهي. ٻه ميمبر هنن جا سنڌ جي صوبائي اسيمبلي چونڊيا ويا ۽ هڪ سنڌ ۾ وزير آهي ته ان ڪري اسين چوڻ چاهيون ٿا ته ترقي پسند پارٽي اها واحد قومپرست پارٽي آهي جيڪا ان صحيح رخ ۽ روشني ۾ ڪم ڪري ٿي، جيڪو ماڻهو چوي ته آئون قومپرست آهيان، اهو جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو اتحادي آهي. ترقي پسند پارٽي ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ قومپرست پارٽي قبول نه ٿي ڪري، ڇو جو ترقي پسند پارٽي سمجهي ٿي ته ايم ڪيو ايم نسل پرست دهشتگرد پارٽي آهي ۽ اها ايم ڪيو ايم اسان جي دائمي مفادن جي خلاف ڪم ڪري پئي. هي سمورا قومپرست ان وقت ۾ ان جا اتحادي ٿيا جڏهن اسلام آباد جنرل پرويز مشرف جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي تمام وڏو طاقتور ڪري ڊي فيڪٽو سنڌ جو حاڪم ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت ۾ هي جيڪي سنڌ جا سو ڪالڊ قومپرست پاڻ کي چوائين ٿا. اهي سڀ جا سڀ ايم ڪيو ايم جا اتحادي ٿيا. جيڪي سائين جي ايم سيد جي فڪر فلسفي جي سياست ڪن ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي سائين جي ايم سيد جو پيروڪار سمجهن ٿا انهيءَ ۾ ڪو بشير قريشي هجي. انهيءَ ۾ جي ڪو شفيع محمد برفت هجي. عبدالواحد آريسر هجي. ان ۾ مير عالم مري هجي، ان ۾ زين شاهه هجي يا جلال محمود شاهه هجي اهي سڀ جو سڀ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ ايم ڪيو ايم جا اتحادي ۽ حمايتي رهيا آهن. انهيءَ جي ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي چوي ٿي ته جيڪو ايم ڪيو ايم جو اتحادي آهي اهو قومپرست ناهي، ۽ انهن جي ذريعي ايم ڪيو ايم جيڪا آهي ان سنڌ جي ٻهراڙي ۾ به پنهنجا پنهنجا سنڌي ايجنٽ پيدا ڪيا ۽ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي اهو ڪارنامو به انهن قومپرستن جو آهي ٻيو جيڪو دائرو اهو آهي ته جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جيڪي قومپرست يو سي ناظميون ۽ تعلقه ناظميون وٺڻ لاءِ مشرف جي ان سڄي ٽيم جا ساٿاري رهيا، خوشحال پاڪستان جو پئنل هو. مثال طور جلال محمود شاهه جو نالو آئون کڻان، ايس يو پي جو سربراهه اهو ارباب رحيم جو اتحادي رهيو ۽ ارباب رحيم جي طرفان ۽ جنرل مشرف جي ٽيم جي طرفان خوشحال پاڪستان جي ضلعي ناظم جو اميدوار هو. ۽ ان وقت جلال محمود شاهه جي اها پارٽي وجود ۾ آئي ۽ زين شاهه پنهنجي سنڌو ديش جي پارٽي ( ڊزالو Dezalive) ختم ڪري ۽ پاڻ ايس يو پي ۾ شامل ٿي ويو، ته هاڻي اهي سمورا ماڻهو اڄ جي پنهنجي پاڻ کي قومپرست پارٽي چون ته ترقي پسند پارٽي انهن کي قومپرست مڃڻ لاءِ تيار ناهي. جيستائين اهي سمورا ماڻهو ڪنن ۾ هٿ وجهي سنڌي قوم کان معافي وٺن ته هنن کان پنهنجي ناسمجهي جي ڪري يا پنهنجي خصيص مفادن جي ڪري تاريخ ۾ وڏو ڏوهه ٿيو آهي ۽ جيستائين هو ان طرح جي قوم کان معافي نه وٺندا ۽ قوم کي سچ نه ٻڌائيندا ته ڇو ۽ ڪهڙي بنيادن تي هو ايم ڪيو ايم جا حامي رهيا؟ تيستائين هنن جي اها قومپرستي جي جيڪا دعوا آهي اها قبول ناهي.
    ٽين قومپرستي اها آهي جاگيردار قوم پرستي، جيڪي پنهنجي پاڻ کي چون ٿا ته قومپرست آهيون، پر بنيادي سبب ته اهي سڀ جا سڀ ماڻهو اقتدار کان محروم ماڻهو آهن جن کي اقتداري ايوانن ۾ ڪٿي به حصو پتي نه ڏنو وڃي، اهي قومپرستيءَ جو نالو وٺي ڪري ڪنهن به صورت ۾ انهن اقتداري ايوانن ۾ وڃڻ ٿا چاهين. اهو جاگيردار جيڪو پنهنجي سامهون پيل ڪرسي تي پنهنجي ڪنهن هاري کي ويهارڻ پسند نه ڪندو آهي، گپ مان ڀريل پيرن واري مزدور کي هٿ ملائڻ پسند نه ڪندو آهي ته جي اهو دعويٰ ڪري ته آئون قومپرست آهيان ته اهڙي قومپرستيءَ کي ڪير به قبول نه ڪندو، اهي سڀ نمائشي قسم جون قومپرستيون هونديون آهن
    ان جي ڪري ايس ٽي پي واحد قومپرست پارٽي آهي جيڪا مڊل ڪلاس اورنٽيڊ آهي، جيڪا غريب مسڪين پورهيت هاري مزدور ماڻهن جي پارٽي آهي. جيڪا سنڌ جي سموري قوم کي هڪ ڌارا ۾ پوئڻ چاهي ٿي. هاري مزدور، آبادگار، شاگرد، وڪيل، شاعر اديب آهن، انهن سمورن ماڻهن کي هڪ ئي ڌارا ۾ شامل ڪري، سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌ جي اندر هڪڙو انقلاب برپا ڪرڻ ٿي گهري، سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار وطن بنائي ان آزاد ۽ خودمختيار وطن تي هاري ۽ مزدور جي حقيقي حاڪميت آڻڻ ٿي گهري. ان ڪري اسين دعويدار آهيون ته قومپرست صرف ۽ صرف ايس ٽي پي آهي جيڪا پنهنجي جوهر ۾ حقيقي قومپرست آهي. انقلابي آهي، جنهن وٽ تاريخ جو شعور آهي. جنهن جي ڊائريڪشن درست آهي.


    سوال؛ ڪافي وقت کان سنڌي ماڻهن جي گھُر آهي ته قومپرست پاڻ ۾ گڏجن، گڏيل اتحاد ٺهي ۽ پوءِ پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين جو جيڪي به وفاقي پارٽيون آهن انهن سان هو مقابلو ڪن. ڇا توهان اها گهر ممڪن سمجهو ٿا؟

    جواب؛ بدقسمتي اها آهي ته انهيءَ ڳالهه جو اهو نعرو سنڌي نوجوانن جي وات ۾ وڌو ويو آهي. سرڪار جي طرفان اهو نعرو ڏنو ويو آهي ته ادا توهان قومپرست گڏ نه ٿا ٿيو اسين ڪيڏانهن وڃون؟ ماڻهن کي منجهائڻ لاءِ اهو سوال پيدا ڪيو ويو آهي. سنڌي مينڊيٽ ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي اڪيلي پارٽي آهي سڀ ماڻهو گڏجي ان کي ووٽ ڏيندا آهن ۽ اها سنڌ جي نمائنده پارٽي ٿي بيٺي هوندي آهي. ته جڏهن آئون چوان ٿو ته قومپرست ٻيا آهن ئي ڪو نه، هڪڙا قومپرست اهي آهن جيڪي اڃا تائين سرڪار جي پگهارن تي آهن ۽ سرڪاري گاڏين ۾ چڙهي گھمن پيا. جن کي ميڊيا جي ذريعي وڏو پهلوان ٺاهيو ويو آهي. ته جڏهن قومپرست آهن ڪو نه ته انهن جو اتحادي وري ڇا جو ٿيندو؟ ته قوم کي اهو ٻڌائڻ کپي، اهو سمجهائڻ کپي ته قومپرست فلسفو ڇا آهي؟ قومپرست جو فڪر ڇا آهي. ان فڪر جي نمائنده پارٽي ڪهڙي آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کي يڪجاءِ ڪري انهيءَ ئي پارٽي کي سنڌ ۾ هڪڙي پارلياماني پارٽي طور سنڌين جي پارٽي متعارف ڪرائڻ گهرجي. هو سوال ان ڪري به پيدا ڪن ٿا جو سنڌ ۾ قومپرستي جي نالي ۾ صرف ڪيڊر پارٽي سياست ڪئي وئي آهي. هو پارليامينٽ ۾ نه ويون آهن. انهن ووٽ جي سياست نه ڪئي آهي. ان ڪري هڪڙي پارٽي جا ڀلي هڪ لک ميمبر هجن ۽ ٻي پارٽي جا پنج سؤ ميمبر هجن، پر ماڻهن جي نظر ۾ اهي سڀئي قومپرست آهن. انهيءَ جي ڪري جڏهن ڪا هڪڙي قومپرست پارٽي ووٽ وٺي مينڊيٽ وٺي طاقتور تناور حيثيت سان اڀرندي ته ان جي آس پاس جيڪي هي سوڪالڊ قومپرست هي ننڍا ننڍا بشز bushes ٻوٽا آهن اهي سڀئي ان قداور قومپرستيءَ هيٺ گم ٿي ويندا ۽ جيڪو حقيقي قومپرست آهي اهو ان پارٽي ۾ شامل ٿي ويندو. سنڌي ماڻهن کي هينئر فيصلي جو وقت اچي ويو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي چڪي آهي. هاڻي سنڌ جي اندر ٻي ڪا به اهڙي انٽرنيشنل شخصيت ڪونهي. سنڌ جي اندر اهڙي ڪا به موبلائيزڊ قوت ڪا نه رهي آهي جيڪا سنڌي عوام جي ڀروسي ۽ اعتماد جوڳي هجي. جنهن جي ڪري ايس ٽي پي انهيءَ چئلينج کي قبول ڪيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته اسين حقيقي قومپرست آهيون. ماڻهو اسان کي قبول ڪن ٿا. ماڻهو اسان کي پسند ڪن ٿا. ماڻهو ڊاڪٽر قادر مگسي تي اعتماد ڪن ٿا. انهيءَ ڪري اسين جيڪا هيءَ کوٽ آهي ته اهڙي ڪا قومپرست پارٽي جيڪا سنڌين کي سنڌ جي گھٽين کان وٺي اقتداري ايوانن ۽ پارلياماني ايوانن تائين وٺي وڃي، ۽ پارليامينٽ کان وٺي واشنگٽن ۽ لنڊن جي بين الاقوامي مرڪزن تائين سنڌ جو آواز پڄائي ۽ سنڌين جو تحفظ ڪري انهيءَ چئلينجن کي قبول ڪري اسان سنڌ جي ورڪنگ ڪلاس کي گڏ ڪري ترقي پسند پارٽي کي متبادل پارلياماني پارٽي طور سرگرم ڪرڻ لاءِ ڀرپور شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان شاءَ الله اسين اهو ٽارگيٽ جلدي حاصل ڪنداسين. ترقي پسند پارٽي ايندڙ ٻن سالن ۾ سنڌ جي نمائنده پارٽي هوندي. هي ننڍا ننڍا جيڪي به اٽڪلون ڪندڙ گروپ آهن، اهي سڀ ختم ٿي ويندا ۽ سنڌ جي هڪ ئي نمائنده پارٽي اميد آهي ته ايس ٽي پي هوندي.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب سڄي دنيا مان پناهگيرن جون لوڌون ۽ خصوصن پاڪستان جي ٻين صوبن مان سنڌ ۾ پناهه گيرن جون لوڌون آيون آهن. جيئن ڪجهه مهينا اڳ ايم ڪيو ايم پٺاڻن جي خلاف موومينٽ ڪئي ۽ يو پي سي پي، بنگال، بهار جي علائقن کان جيڪي ماڻهو آيا اهي محفوظ رهيا. هاڻي وري سنڌ ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ نالي هڪ گروپ پٺاڻن جي خلاف مؤومينٽ شروع ڪئي آهي جڏهن ته هنن کي ٻيا ڪي ڌاريا نظر نه ٿا اچن، ان نڪتئه نظر کي توهان ڪيئن ٿا سمجهو؟

    جواب؛ آئون توهان کي ٻڌايان ته سنڌ ۾ هڪڙو تمام وڏو هاڃو آهي ته اسان جي ماضيءَ جي ليڊرشپ جي ڪوتاهين جي ڪري يا دورانديشي نه هجڻ جي ڪري يا جيڪي پارلياماني نمائنده پارٽيون هيون. انهن جي طرفان سڌو رول نه هجڻ جي ڪري اهو ٿي ويو ته سنڌ ۾ ڌارين جي زبردست آمد ٿي وئي آهي. جنهن ۾ مختلف رنگ ۽ نسل جا ماڻهو آيا آهن ۽ اسان سنڌي ماڻهن کي خوش ڪيو ويو آهي ته ادا سنڌ باب الاسلام آهي، هاڻي باب الاسلام جي سنڌ ٿي ويئي ته هاڻي ان جو مطلب اهو آهي ته سڄي ايشيا ۾ جتي جتي به ڪا مسلمانن جي خلاف ڪا هلچل ٿئي، برما ۾ مارشلا اچي ٿي ۽ مسلمان اتي غير محفوظ آهي ته اهو برمي مسلمان ڀلي هليو اچي هتي سنڌ ۾ ڇو جو هي باب الاسلام آهي. بنگلاديش ۾ بک بدحالي آهي بنگالي مسلمان کي حق آهي ته هو سنڌ ۾ اچي وڃي. هندستان ۾ ڪو هندو مسلم فساد ٿي ٿو وڃي ته اتان جو مسلمان سنڌ ۾ اچي ٿو وڃي. ڪابل ۾ قنڌار ۾ ڪا گڙٻڙ ٿئي ته هو پٺاڻ افغاني به سنڌ ۾ اچي ٿو وڃي. ڇو ته باب الاسلام جي نالي ۾ سنڌ کي تباهه ڪري ۽ سڄي سائوٿ ايشيا ۽ اولهه ايشيا جا ماڻهو هتي آباد ڪرايا ويا آهن. ان جي ڪري اسان جو سنڌ جو مينڊيٽ تمام وڏن خطرن ۾ آهي، اهي دعوائون هتي شروع ٿي وڃن ته اسين سنڌين کان اڪثريت ۾ آهيون ۽ اسان کي سنڌ جي حاڪميت جو حق آهي. ڌارين جي طرفان اهڙي قسم جون دعوائون ٿي سگهن ٿيون ته انهيءَ ڪري ترقي پسند پارٽي جو واضح ۽ ڪليئر موقف آهي ته 1954ع کان پوءِ جيڪو به آيو آهي ان کي اليگل اميگريشن غير قانوني آبادڪار قبول ڪري انهن جي رجسٽريشن ٿئي ۽ رجسٽريشن ڪرڻ کان پوءِ انهن جي سياست ۽ ووٽ توڙي هتي ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق بلڪل ختم ڪيو وڃي. جيڪي غير ملڪي آهن انهن کي فوري طور پنهنجن ملڪن ڏانهن موڪليو وڃي. ۽ ٻيو جيڪو آزار آهي اهو مني پاڪستان جو آهي. بس هتي مني پاڪستان آهي ڪراچي بين الاقوامي شهر آهي. باجوڙ ۽ سوات ۾ ڪا بيچيني هجي ته هلو ڪراچي مني پاڪستان ۾ . جي پنجاب گجرات، گجرانوالا ۾ بک پوي تڏهن به هلو سنڌ ۾ جنهن جي نتيجي ۾ مني پاڪستان ڪري اسان جي وطن کي ائين گھيريو ويو آهي جو اسان سنڌي پنهنجن شهرن ۾ پنهنجن گھرن ۾ ويٺا ٿا ڏڪون ته يا الله ڇا ٿيندو؟ ته ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين جيڪي قومپرست آهيون اهي پنهنجي تحريڪن جا رخ درست ڪريون. 1954ع جو هڪ ڪنسيسز آهي. هي سائين جي ايم سيد جي حياتيءَ کان وٺي هڪڙو ڪنسيسز آهي ته 1954ع کان پوءِ جيڪي به آيا آهن اهي ان ليگل اميگريشن ڌاريا ماڻهو آهن. ٻه سبب آهن، هڪڙو سبب اهو هو ته جڏهن پاڪستان ٺهيو ته ان کان پوءِ 1950ع ۾ نهرو ۽ لياقت پيڪٽ ۾ چيو ويو ته 1951ع کان پوءِ جيڪا به مائيگريشن هوندي اها بند ٿي ويندي. بارڊر بند ٿي ويندا. ان کان پوءِ جيڪو ماڻهو هڪڙي ملڪ کان ٻئي ملڪ ڏي ويندو ته اهو قانوني ضرورتون پوريون ڪري ويندو. پر جي ائين ويندو ته اهو غيرقانوني هوندو. مسلمان جيڪو هندستان ۾ آهي اهو اتي ئي هجي ۽ هتان جو ماڻهو هتي ئي هجي. ڪا به مائيگريشن ڪا نه ٿيندي. پر بدقسمتي سان اها جاري آهي. ان کان پوءِ 1954ع ۾ جيڪا پهرين آئين ساز اسيمبلي هئي مولوي تميزدين جي ان کي گورنر جنرل غلام محمد ٽوڙي ڇڏيو ڊزالو ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري اسان ان نتيجي تي پهتاسين ته 1954ع جي پهرين آئين ساز اسيمبلي ٽٽڻ کان پوءِ هن ملڪ ۾ جيڪي سياسي فيصلا ڪيا ويا آهن. اهي ناجائز غير قانوني ۽ غير آئيني آهن. اهي سڀ مارشل لائن ۽ فوجي آمرن جي آشيرواد سان ٿيا آهن انهيءَ جي ڪري 1954ع کان پوءِ جيڪو به هتي آيو آهي اهو غير سنڌي آهي. ان کي هتان نڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سرڪار جو هاڻي بنيادي فرض آهي. 1998ع جي جيڪا آدم شماري ٿي ته ان وقت اسان چيو هو ته پريشر ڏنو هو ته هنن جي رجسٽريشن ڪيو، سرڪار ڪجهه ڏينهن اسان کي خوش ڪرڻ لاءِ ڌارين جي رجسٽريشن جا فارم به اشو ڪيا. رجسٽريشن به شروع ڪئي. پر پوءِ انهن ڪمن کي اتي جو اتي ڇڏيو ويو. ته هاڻي جڏهن 2009ع ۾ آدم شماري ٿيڻ ويندي ته پيپلز پارٽي جي سرڪار تي اهو اخلاقي فرض هوندو ته 1954ع کان پوءِ آيل جيڪو به سنڌ ۾ آيل آهي ان کي هن سنڌ جو مستقل شهري قرار نه ڏئي. ان کي غير قانوني ڌاريو قرار ڏئي. ان کي ورڪ پرمٽ جاري ڪري. ان جو ووٽرلسٽ ۾ نالو داخل نه هجي. ته جيئن اسين سنڌي پنهنجي وطن تي حاڪميت جاري رکي سگهون. باقي جيڪو توهان هي سوال ڪيو اهي ته رڳو پٺاڻ اشو کي ٺاهي جيڪا صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي ان لاءِ آئون چوڻ چاهيان ٿو ته اها سڄي جا سڄي ايم ڪيو ايم جي ايجنڊا آهي. ڇو جو ايم ڪيو ايم کي خبر آهي ته پٺاڻ جيڪو ڪراچي ۾ آهي اهو ايم ڪيو ايم لاءِ خطرو آهي. ايم ڪيو ايم ٻه ٽي دفعا پٺاڻن سان ڪراچي ۾ مهاڏو اٽڪايو آهي. جن ۾ ايم ڪيو ايم دهشتگردي ڪرڻ باوجود به هر وقت گوڏا کوڙيا آهن. ۽ گوڏا کوڙڻ کان پوءِ وري پٺاڻن سان حصا پتيون طئه ڪري هو آرام سان ڪراچي ۾ ويٺا آهن.
    هاڻي هنن کي خبر ناهي ته جيڪا پهرين پيري ڦيري پسگردائي آهي ڪراچي جي ان ۾ گڏاپ ٽائون، ملير ٽائون، ڪياماڙي، بن قاسم ٽائون، لياري جي علائقي وچ ۾ قديمي ڳوٺ آهن. لياري ۾ سنڌي ۽ ٻروچ آباديون آهن. پوءِ هي گذريل ڏهن سالن کان وٺي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن جي چرپر، پاڻي جي کوٽ، بيروزگاري ۽ قبائلي جهيڙن جي ڪري اتر سنڌ جا سنڌي ڪراچي ۾ روزگار جي بهاني ويا آهن. انهن اتي پنهنجا ڳوٺ ٺاهيا آهن. انهن جڳهيون ٺاهيون آهن ۽ هو اتي گذر ڪن پيا. ته هاڻي جيڪو ڪراچي جي سياست ۾ سنڌين جي سياست جو عمل دخل پيدا ٿيو آهي. ان عمل دخل کي روڪڻ لاءِ پٺاڻن جو خاص طور اشو اٿاريو ويو آهي. جو هنن کي خبر آهي ته پٺاڻن جون آباديون ۽ سنڌين جون آباديون ڪراچي ۾ لاڳيتو هڪ ٻئي سان گڏوگڏ آهن. هاڻي جڏهن ٻهراڙين ۾ توهان ڪنهن پٺاڻن جو دڪان ساڙيندئو ۽ ڪنهن کي ڪڍندؤ ته نتيجو ڇا ٿيندو ته ڪراچي ۾ هي جيڪو 25 کان 30 لک سنڌي هينئر گڏ ٿيو
    آهي. اتي سنڌين جو قتلام شروع ٿي ويندو، ايم ڪيو ايم پنهنجي گھر آرام سان ويٺي هجي. انهن تي الزام به نه اچي ۽ ڪراچي ۾ پٺاڻ جيڪو مليٽنٽ آهي آرگنائيز آهي، جيڪو اتي ايم ڪيو ايم سان منهن ڏيڻ جي اهل آهي. اهو جيڪڏهن سنڌين جي پاسي رخ ڪندو، سنڌي غريب جيڪي اڃا هاڻي اتي جڳهيون ٺاهي آباد ٿيا آهن. انهن وٽ نڪا پئسي جي طاقت، نه ڪا تنظيم جي طاقت، نه ته ڪو هٿيار جي طاقت، جنهن جي نتيجي ۾ اتي جيڪي سنڌي ڳوٺ آهن انهن تي پٺاڻ هلائون ڪري ڇڏيندا. سنڌين کي ڪراچي مان بيدخلي ملي ويندي. اهو سنڌ ۾ هڪڙو نئون فساد ۽ هڪڙي نئين نسلي تفريق پيدا ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. جيئن به آهي پاڪستان جي محڪوم قوم ۾ هڪڙي انڊر اسٽيڊنگ پيدا ٿيل آهي ته سنڌ سنڌين جو آهي، بلوچستان بلوچن جو آهي. پشتونستان پشتونن جو آهي. ان جي ڪري جڏهن به ملڪ ۾ ڪا آئيني تبديلي آئي، ڪو حقيقي جمهوري راڄ آيو ته اهي سمورا جيڪي ماڻهو آهن اهي بنيادي جينين انڊيجينس آهن جيڪي بنيادي پنهنجي وطنن جون مالڪ قومون آهن. انهن جو انهن وطنن تي انهن قومن جو حق تسليم ڪنديون ۽ جيڪي ماڻهو روزگار جي بهاني آيا آهن اهي پنهنجن ملڪن ڏانهن ويندا. پر هن وقت هي پري ميچوئر جيڪا هي سڄي دهشتگردي جيڪا ڪرائي پئي وڃي ان جو مقصد رڳو صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي ونگار وهڻ آهي. ايم ڪيو ايم جي ڳچيءَ مان فلم ڪڍي سنڌين جي ڳچيءَ ۾ وجهڻي آهي ته جيئن سنڌي ۽ پشتونن جا جهيڙا شروع ٿي وڃن. ۽ پوءِ هي جيڪي پنهنجي پاڻ کي جنگي هيروز سمجهڻ وارا آهن. اهي اهڙي وقت ۾ گم ٿي ويندا، ۽ پوءِ سنڌي ويچارا ڪراچي ڇڏڻ تي مجبور ڪيا ويندا ۽ جيڪو ماڻهو انهن جي مذمت ڪندو ان کي چيو ويندو ته هي قابلي ۽ قنڌار جي پٺاڻن جا ايجنٽ آهن ۽ پوءِ بي گناهه سنڌين کي لاش کڻڻا پوندا، ۽ وڏي ۾ وڏو نقصان اهو ٿيندو ته سنڌي کي ايم ڪيو ايم جي دهشتگرديءَ جو جيڪو مقابلو آهي، پنجابي جارحيت اسلام آباد ۽ لاهور جي جارحيت جيڪا آهي، جي ايڇ ڪيو جي جيڪا جارحيت آهي ان جو رخ ڦيرائي هي وري سنڌي پٺاڻ جي بنياد تي سنڌ ۾ نئون نسلي فساد ڪرائيندا. جنهن ۾ وڌ کان وڌ نقصان سنڌ جو ٿيندو. ۽ ڪراچيءَ لاءِ جيڪا سنڌي ماڻهن پيش رفت ڪري ڇڏي آهي ان کي تمام وڏو ڌچڪو لڳندو.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب جيئن توهان چيو ته محڪوم قومن جي وچ ۾ انڊر اسٽيڊنگ آهي ته سنڌ سنڌين جي، بلوچستان بلوچن جو ۽ پختونخواه پختونن جو آهي، پر اي اين پي سنڌ جو صدر شاهي سيد دعويٰ ڪري ٿو ته ڪراچي ڪالهه به پختونن جو هو ۽ اڄ به پختونن جو آهي ۽ آئينده به پختونن جو رهندو. توهان شاهي سيد جي للڪار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

    جواب؛ جڏهن ماڻهو ٿورو ڏاڍو مڙس ٿيندو آهي ته ان ۾ انساني جبلتن جي هڪڙي عڪاسي هوندي آهي ۽ جڏهن ماڻهو ڪمزرو هوندو آهي ته ان جو لب لهجو ٻيو هوندو آهي ۽ جڏهن ماڻهوءَ وٽ ڪا طاقت اچي ويندي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي تيس مار خان سمجهندو آهي.
    ڪراچي جي اندر ايم ڪيو ايم ۽ پشتونن جيڪا گڙ ٻڙ شروع ڪئي آهي. ان گڙ ٻڙ پشتونن کي زبردستي يڪجاءِ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ يڪجاءِ ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ جا ٻه ميمبر چونڊجي آيا آهن. ته هاڻي پشتونن جي اندر پڻ شاونزم پلجي پيو آهي. هي سالن کان چوندا آيا آهن، جو ڪراچي ۾ اڳ ڏهه ٻارنهن لک پشتون هيو ۽ هاڻ شايد هو ملٽي پلاءِ ٻيڻو، ٽيڻو ٿي ويو آهي. افغاني قابلي قنڌارين سان گڏوگڏ باجوڙ ۽ سواتي پٺاڻ به اچي ويو آهي. ته هاڻي انهن جي اسٽينٿ 30، 35 لک تائين شايد ٿي وئي هجي. ته هو سالن کان چوندا رهيا آهن ته اسان پشتونن جي آبادي ايتري پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به ڪونهي جيڪا ڪراچي ۾ آهي. انهيءَ ڪري اسين ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ اڪثريت ۾ آهيون ها هو اها دعويٰ ڪندا رهيا آهن ته ڪراچي اسان پشتونن جو آهي. ته سوال اهو آهي ته جنهن طريقي سان شاهي سيد دعويٰ ڪري ٿو، توهان کي خبر آهي ته پهرين ڏينهن اسان ان جي دعويٰ کي رد ڪيوسين. اسان چيو ته اهو شاونزم جو هڪڙو اظهار آهي ۽ ڪراچي فقط سنڌين جو آهي. ڪراچي سنڌ جو ڪيپيٽل آهي. ڪراچي سنڌين جي دل آهي ۽ جي ڪڏهن ڪو دائمي ۽ قديمي ماڻهو هتي رهي ٿو ته انهيءَ کي ان فارمولي تحت ٽريٽ ڪيو ويندو. جيڪو 1954ع کان اڳ ۽ پوءِ آيل وارو فارمولو آهي. پر جي ڪڏهن اسلام آباد جي آشيرواد سان ۽ ايم ڪيو ايم يا ٻين ڪن نسل پرست ٽولن جي آشيرواد سان ڪو ڪراچي تي دعويٰ ڪري ڇڏي ته ڀلي ڪندو رهي. پر اسان هنن سمورين دعوائن کي رد ڪريون ٿا. اسين انهن جي دعوائن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون.
    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب هن وقت سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿئي پيئي. توهان قوم کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهيو ٿا ته ان موقعي تي ڪهڙي جدوجهد ٿيڻ گهرجي؟ ڇا ڪرڻ گهرجي سنڌي قوم کي؟
    جواب؛ ترقي پسند پارٽي پنهنجي ٻن ٽن سالن م سالانا نيشنل ڪانگريس اندر ان ڳالهه جواظهار ڪندي رهي آهي ته سنڌ ۾ ان لاءِ ڀرپور ڪوشش ٿيڻ کپي ته هي جيڪو ڌاريون اچي پيو ان ڌارئين جي آمد کي روڪجي ۽ جيڪا ووٽ جي سياست آهي ان ۾ ڌارئين جو عمل دخل ختم ٿيڻ گھرجي. ان جي ووٽ جو اندراج ئي نه ٿيڻ گهرجي. ان ۾ به ساڳيو 1954ع وارو فارمولو لاڳو ٿيندو ته هاڻي جيڪا آدم شماري اچي پئي ان ۾ سنڌ جي سمورن ماڻهن کي، سنڌ جي گھڻن گھرن کي تمام وڏو ڪم ڪرڻو پوندو ” گراس روٽ “ تي هيٺين سطح تي ڪم ڪرڻو پوندو. ته جيڪي سنڌي حيدرآباد ۾ ڪراچي ۾ اسپيشل ئي آهن باقي سنڌ جي ٻهراڙين ۾ آدم شماري کان رهجي وڃن ٿا. يا جيڪي سنڌي پنهنجي مادري ٻولي ۾ سرائڪي، ڍاٽڪي ۽ ٻروچڪي وغيره لکرائين ٿا، پنجابي ۽ ڪاٺياواڙي لکرائين ٿا انهن سمورن ماڻهن کي سمجهڻ کپي ته هو سنڌي آهن. انهن سمورن ماڻهن جي تربيت ڪرڻ گهرجي ته هي سمورا ماڻهو پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو سمجهي سنڌي لکرائين، پنهنجي پاڻ کي سنڌي قوم جي حيثيت ۾ داخل ڪن جيڪي ماڻهو داخلا کان رهجي وڃن ٿا انهن جي داخلا ٿيڻ کپي. ۽ هن کان پوءِ جيڪا ڌارين جي رجسٽريشن آهي اها گھٽ ۾ گھٽ هن بنياد تي ٿيڻ کپي ته جيڪو به ڌاريو 1954ع کان پوءِ آيل آهي ان کي سنڌ جو شهري نه ٿو تسليم ڪري سگهجي. هر صورت ۾ آدم شماري مان انهن جا نالا ڪٽرايا وڃن. انهن کي روڪيو وڃي ۽ انهن جي ووٽ جو اندراج روڪيو وڃي. ان ۾ وڏي کان وڏي رول پاڪستان پيپلز پارٽي جو هوندو جيڪا هن وقت حڪومت ۾ ويٺي آهي. اسان ترقي پسند پارٽيءَ پاران ان سلسلي ۾ هڪڙي عوامي هلچل هلائڻ چاهيون ٿا. ڇو جو جيستائين ماڻهن کي ان ڳالهه جو شعور نه ڏنو ويندو جيستائين ماڻهن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي ته ماڻهو ان ۾ ڪردار ادا نه ڪري سگهندا.
    مثلاً ٻه اشو توهان کي ٻڌايان، هڪڙو بهاري اشو هو 71ع 1972ع کان سنڌ ۾ بهارين کي گهرائي آباد ڪيو پئي ويو. ان ڏينهن کان وٺي سڄي سنڌ متحد هئي ته بهاري سنڌ ۾ نه اچن ڇو جو سنڌين بهارين کي ان وقت به دهشتگرد سمجهيو پئي. ٻيو ڪالاباغ ڊيم جو اشو اٿيو هو جنهن ۾ ماڻهن اهو سمجهي ورتو ته جي ڪالاباغ ڊيم ٺهندو ته سنڌ بنجر ۽ غير آباد ٿي ويندي اهڙي طريقي سان ڌارين جي آبادڪاري کي به هاڻي نيشنل اشو ٺاهي سنڌ سطح تي ايترو مشهور، ايترو موٽيويٽ ڪيو وڃي جو سڄي سنڌ ان تي يڪجاءِ ٿي اٿي کڙي ٿئي. ته ابا جيستائين سنڌ ۾ 1954ع کان پوءِ آيل جو ووٽ ختم نه ٿو ڪيو وڃي ته سنڌ جي دائمي فتح نه ٿي سگهندي. سنڌ کي پروٽيڪٽ لئنڊ قرار ڏنو وڃي. جيستائين پروٽيڪٽ لئنڊ قرار نه ڏنو ويندو تيستائين ان قسم جا عذاب مشڪلاتون درپيش اينديون رهنديون.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب بنگالي بهاري جيڪي يا پاڪستان کان ٻاهر جا ماڻهو ۽ برمي آهن، جڏهن ته 73ع جي آئين ۾ آهي ته هي جيڪي پاڪستان ۾ رهندڙ صوبن جا ماڻهو آهن اهي ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ رهي سگهن ٿا. ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، هڪ صوبي جو ماڻهو ٻئي صوبي ڏانهن سفر به ڪري سگهي ٿو. ملڪيتون به خريد ڪري سگهي ٿو. ان صورتحال ۾ پختونن جو مسئلو آهي. پنجابين جو مسئلو جيڪي هڪ صوبي کان ٻين صوبن ڏانهن اچن ٿا. اهو ڪيئن مسئلو حل ٿيندو؟

    جواب؛ سنڌي قومپرستن 1973ع ۾ ئي 73ع جي آئين کي رد ڪري ڇڏيو هو. اسيمبلي ۾ حقيقي نمائنده آهن ئي ڪو نه ۽ هينئر جڏهن اسان لنڊن اي پي سي ۾ وياسين ته اسان اها ئي ڳالهه رکي هئي ته قومن کي پنهنجي وطن تي مڪمل اختيار ملڻ گهرجن. بدقسمتي سان اها ڳالهه جو ڪراچيءَ ۾ توهان ويندؤ ته توهان کي ايس ايڇ او، ايس پي، ڊي پي او ۽ ڊي سي او سڀ غير سنڌي ملندا. جڏهن ته 1972ع جي بل تحت سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هجڻ گهرجي، جنهن ماڻهوءَ کي سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ نه ٿي اچي، جنهن کي ايف آءِ آر سنڌي ۾ لکڻ ئي نٿي اچي ته اهو هيڊ منشي ۽ ايس ايڇ او سنڌ ۾ ڪيئن ٿيندو؟ته سوال اهو آهي ته اهي سڀ شيون اهي سڀ ناهن، بااختيار ناهن ۽ سنڌي قومپرست سياسي قيادت عملي طرح ان پارلياماني سياست کان ٻاهر ويٺي آهي. سنڌ جي سياسي بروڪرن جي حوالي آهي. ان ڪري اسين ڪوشش اها ڪنداسين ته هن 73 واري آئين ۾ ان قسم جون تبديليون اچڻ کپن، هي جيڪو به اختيار آهي قومن جو سنڌ جي هڪڙي سابق وزير اعليٰ قاضي فضل الله پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته آئون جڏهن پنجاب ويس ته مون ان وقت جي وزير اعظم کي چيو ته مون کي رهڻ لاءِ جڳهه ڪونهي، گھر ڪونهي ته هتي ڪٿي گهر لاءِ ڪو پلاٽ جو ٽڪرو مونکي ملي ويندو؟ ته جواب ۾ ان وزيراعظم چيو ته قاضي صاحب پنجاب ۾ وڏا بنگلا، ريسٽ هائوس سڀ توهان جي حوالي آهن جتي کپي اتي رهي پئو پر مالڪاڻي طور هتي توکي هڪ فوٽ به زمين نه ملي سگهندي. مالڪي جو حق توکي نه ملندو باقي سڄو پنجاب تنهنجي لاءِ پيو آهي تون رهي پئه.
    ملائيشيا جو مثال آهي ته اتي چائينز انڊين ۽ ٻيون آس پاس جون تمام گھڻيون قومون اچي ويون ته جيڪي ملائيشيا جا اصل باشندا هئا اهي اقليت ۾ تبديل ٿي ويا. ته اتي به آئين ۾ امينمنٽس ترميمون آنديون ويون ته ڪو به غير ملئي ملائيشيا جو صدر، وزيراعظم، چيف جسٽس وغيره نه ٿي سگهندو. ته جڏهن آئيني گارنٽيون اتي اچي ويون ته ڪو به ملڪ جو صدر آرمي چيف، چيف جسٽس يا ٻيو ڪو عهديدار غير ملاوي نه ٿي سگهندو، ته ان طريقن سان قومن کي ٽئڪل ڪبو آهي. جي اسان جي وطن تي پاڪستان ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ پاڪستان کي ٺاهڻ لاءِ ڪا اهڙي قسم جي سزا ڏني وئي ته سنڌين جو وطن هاڻي سنڌين جو نه هوندو، آهستي آهستي سنڌين کي ديوار سان لڳائڻ واري روش هوندي ته ان سان بغاوت جنم وٺندي. جنهن سان خانا جنگي جنم وٺندي. جنهن سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿيندو. ان ڪري اسين چئون ٿا ته هن ملڪ ۾“ اهڙي قانون ساز اسيمبلي وجود ۾ اچي جنهن ۾ جن جن قومن جي وطنن ۽ قومن کي خطرا درپيش آهن. اهي خطرا ختم ڪري تحفظ جي ضمانت ڏني وڃي. ته اهي قومون پنهنجي وطنن تي حاڪم هجڻ کپن ڪنهن به غير کي اهو حق نه هجڻ گهرجي.


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب ترقي پسند پارٽي هڪڙي انقلابي پارٽي آهي ۽ آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿي آزادي انقلاب جي جيڪا بنيادي قوت آهي. اها هاري مزدور آهي، توهان سمجهو ٿا ته ترقي پسند پارٽي هاري مزدورن ۾ ڪو اثر رسوخ رکي ٿي؟

    جواب؛ مان توهان کي ٻڌايان ته ترقي پسند پارٽي هاري مزدور کي پنهنجي اصل انقلابي قوت نه سمجهي ها ته ترقي پسند پارٽي کي گذريل ڏهن سالن کان وٺي هن سياست ۾ تمام وڏا آفرس ٿيندا رهيا آهن ته هو چور دروازي کان ٻين وانگر اقتدار ۾ شريڪ ٿين ۽ اهي وڏيرا جاگيردار جيڪي آهن اهي پاڻ وٽ ڏهه ٻارنهن هزار ووٽ جو اثر رکن ٿا. انهن سڀني کي ترقي پسند پارٽي شامل ڪري ۽ اسلام آباد جي اسٽبلشمنٽ سان سازباز ڪري پارليامينٽ ۾ داخل ٿي وڃي ها. اقتداري سرڪلز۾ داخل ٿي وڃي ها. ۽ ويٺا رول (حڪمراني)ڪيون ها. جيئن ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون جماعتون ڪن پيون. ته ترقي پسند پارٽي اسٽيٽسڪو جو حصو بڻجڻ لاءِ تيار ناهي. اسين هن اسٽيٽسڪو کي قبول نه ٿا ڪريون انهيءَ ڪري اسان چوڻ چاهيون ٿا ته اسان جي بنيادي قوت جيڪا آهي اها پيڙيل مسڪين ماڻهن تي مشتمل آهي. اسان پيڙيل طبقن جي نمائنده پارٽي آهيون. ان ڪري اسان وٽ سڄي جا سڄي جيڪا قوت آهي اها پيرن اگهاڙن ماڻهن جي آهي. ٻهراڙين ۽ شهرن جي چؤنڪن تي جيڪا قوت اسان سان گڏ ڏسندا ته اهي جيڪي ماڻهو بنيادي حقن کان محروم ماڻهو آهن جن وٽ بدن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙا ڪو نه آهن. اَنَ پاڻيءَ کان محروم آهن. انهن ماڻهن ئي اسان جي فلسفي کي قبول ڪيو آهي. هي جيڪي به 50 کان 80 هزارن تائين يوم مادر وطن جي پروگرامن ۾ ماڻهو شريڪ ٿيندا آهن ۽ انشاءَ الله هن ڀيري لک ماڻهو ايندا ته اهي ڪي جاگيردار وڏيرا ڪارون موٽرون ڪاهي ٿوري ايندا آهن. اهي سڀ غريب مسڪين ماڻهو آهن جيڪي سماج جا ڌڪاريل ۽ پيڙيل ماڻهو آهن. اسان انهن سمورن ماڻهن کي گڏ ڪري هڪڙي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ ٿا گهرون ته جيئن هو پنهنجي اقتدار ۽ اختيار جا مالڪ بڻجن. ۽ پنهنجي وطن جا حقيقي مالڪ بڻجي وڃن


    سوال؛ ڊاڪٽر صاحب دنيا م کوڙ سارا اهڙا مثال آهن. جو ٽن چئن ڏهاڪن ۾ انقلاب اچي ويا آهن . سنڌ ۾ جيڪا انقلاب ۾ دير پئي ٿئي ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ ڪهڙو پاسو ڪمزرو آهي؟

    جواب؛ تبديليون سماجن ۾ اينديون آهن جڏهن توهان وٽ پوليٽيڪل ايجنڊا واضح هجي. توهان جي ڪم ڪرڻ جي سمت درست هجي ۽ توهان وٽ انهيءَ منزل تي پهچڻ جو ادراڪ هجي. ۽ اوهان وٽ حڪمت عمليون ممڪن هجن ۽ عمل ڪرڻ لاءِ توهان وٽ مضبوط مشنري هجي.
    سڄي دنيا جي اندر جيڪي سماجي تبديليون اينديون آهن اهي ٻن طريقن جون آهن. هڪڙو اهو طريقو آهي ته توهان گوريلا وارفيئر ڪريو ٿا، گوريلا وار فيئر ۾ جيڪا هٿيار بند ويڙهه هوندي آهي ڪنهن به رياست جي خلاف جيڪا گوريلا وار فيئر ٿيندي آهي ان ۾ اهو ٿيندو آهي ته جيڪي به ماڻهو هٿيار بند جدوجهد ڪندا آهن. اُهي ٻيلن ۾ هليا ويندا ۽ جبلن تي چڙهي ويندا آهن ۽ ڪاميابي ۽ فتح تائين وڙهندا رهندا آهن. هو سموري نظام جا باغي ٿي بيهندا آهن.
    ٻيو طريقو آهي عدم تشدد وارو طريقو جيڪو ڊگهي جدوجهد وارو طريقو آهي پوليٽيڪل مزاحمت وارو طريقو آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ انقلابين اختيار ڪيو. گانڌي، نيلسن منڊيلا، توهان به هن معاشري ۾ ويٺا آهيو، ان معاشري جو حصو آهيو. ۽ توهان ان سڄي سياسي ڪار ونهوار ۾ شريڪ رهو ٿا. ڪرنسي ساڳئي ملڪ جي استعمال ڪيو ٿا، ڊاڪيومينٽ سڄا ان جا ستعمال ڪيو ٿا. ته توهان پنهنجي پوليٽيڪل وي سان سماج ۾ تبديلي آڻڻ چاهيو ٿا، توهان جو اهو نڪتئه نظر آهي ته توهان سان هن ملڪ ۾ برابري جو سلوڪ نه ٿو ڪيو وڃي. غلامن جيان ٽريٽ ڪيو وڃي ٿو. هاڻي جي غلامي وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي ته ان غلاميءَ مان نڪرڻ جي لاءِ هن سلوڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جنهن قوم جي ڳالهه توهان ڪيو ٿا ان قوم کي ان لاءِ توهان آزادي لاءِ تيار ڪريو. پر بدقسمتي اها آهي ته ماضيءَ جون سموريون جيڪي به قومپرست پارٽيون آهن اهي پنهنجي سوچ ۽ مزاج ۾ انتهائي منفي هيون. منفي هجڻ جي ڪري توهان قوم کي ڪا هڪڙي به واضح حڪمت عملي ڪو نه ڏئي سگهيئو. توهان چئو ٿا ته اسين انقلابي آهيون ۽ اسان کي آزاد سنڌ کپي، ٺيڪ سنڌ ته آزاد ئي کپي پر ان لاءِ ڪيو ڪجهه نٿا، ڪا درست صفبندي به نه ٿا ڪيو. نه ئي پنهنجي قوم کي اوهان آزاد سنڌ جو حامي بنائي سگهيا آهيو. جڏهن به اليڪشن جو وقت اچي ٿو ته اهي قومپرست ته وفاقي پارٽين جي پٺيان بيٺا آهن جيڪي اڃا به ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۽ سنڌين کي بنيادي حقن کان محروم ڪري ويٺا آهن. ته ان ڪري ترقي پسند پارٽي پنهنجي سڄي جوهر ۾ سڄي جا سڄي نيشنلزم جي سياست کي روائينڊ ڪيو آهي. اسان نه رڳو روائينڊ ڪيو آهي پر ان کي تقاضائن تحت بيهاريو اٿئون. انهيءَ ڪري اسان اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته پهريون اسان جو بنيادي اصول اهو آهي ته اسان کي سنڌي قوم جي غلامي قبول ناهي اسان غلامن وانگر نه جيئنداسين، غلاميءَ کان انڪار پنجاب جاگيردار ۽ نسل پرست ٽولا، اهي ٽي قوتون غلامي جي شڪل کي هٿي ڏين ٿيون. ۽ اهي ئي اسان جو دشمن قوتون آهن ٽيون اهو آهي ته ان سڄي جا سڄي صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي محب وطن وچولي طبقي ۽ مسڪين پيڙيل طبقي کي گڏي هڪڙي مضبوط ۽ منظم پارٽي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. جنهن سان آزادي ممڪن ٿئي. اسانکي سمجهي ڇڏڻ کپي ته، آزادي اسان جو ڪائناتي حق آهي.
    چوٿون حڪمت عملي ۾ اهو طريقو آهي ته توهان جلسن جلوسن جدوجهدن جي ذريعي عوام جي تربيت تعليم سان گڏوگڏ جيڪو پاپولر ووٽ جو ٽرينڊ آهي ان ٽرينڊ کي ان طريقي سان توهان پنهنجي حق ۾ استعمال ڪري سگهو ٿا. توهان نيلسن منڊيلا جو مثال ڏسو ته جڏهن هنن جو مقبول نعرو هو ته گورا ڏکڻ آفريڪا خالي ڪريو. اسان کي گورا قبول ناهن. هنن چيو ته اسان گورن کي ڪهنداسين هو گورن کي ماريندا به رهيا. بم بلاسٽ ڪندا رهيا. سڀ ڪجهه ڪندا رهيا، گوريلا وار جو عمل اختيار ڪيائون. پر جڏهن نيلسن منڊيلا جيل ۾ ويو ۽ اتي ان کي پڙهڻ سمجهڻ ۽ سوچڻ جو موقعو مليو ته اهو نيلسن منڊيلا جيڪو گوريلا وار فيئر جي تنظيم ٺاهي ٿو ۽ گوريلا جدوجهد ڪندڙ آهي اهو به ان نتيجي تي اچي ويو ته هاڻي اسان کي سياسي تجزين ۽ حڪمت عملين جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته اسين هن وطن تي ڪارا اڪثريت ۾ آهيون. اسان جو رڳو هڪڙو بين الاقوامي طريقو قبول ٿي وڃي ته هڪ ماڻهو هڪ ووٽ، اسان جي گورن کي ڪهي ماري ختم ڪري ڇڏيون ان جي بجاءِ هڪ ماڻهو هڪ ووٽ وارو مطالبو جي اسان جو قبول ٿي وڃي ته اسين پنهنجي وطن جا حاڪم ٿي وينداسين. ۽ اهي ئي گورا اسان جي قوم جي پيرن ۾ هوندا. توهان ڏٺو ته نيلسن منڊيلا جيڪا حڪمت عملي ٺاهي ان حڪمت عمليءَ جي سڄي دنيا حمايت ڪئي ته اها ان قوم جي جمهوري گھر آهي. هي ڪا نسل پرستيءَ جي ويڙهه ڪونهي، هي ڪا ڪهڻ ۽ مارڻ واري تنظيم ڪونهي هيءَ ڏکڻ آفريڪا جي جمهوري گھر آهي. ته سڄي دنيا ۾ آزادين جون جدوجهدون ان طريقن سان هلن پيون. هر هڪ ماڻهوءَ کي هڪ ماڻهوءَ هڪ ووٽ وارو حق ملڻ کپي. جڏهن سڄي دنيا ان حق کي تسليم ڪيو ۽ اتي جيڪا گوري حڪومت هئي ان کي اهو حق تسليم ڪرڻو پئجي ويو ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ ڪارن جي حڪومت قائم ٿي وئي.

    نوٽ: هي آرٽيڪل سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي ويب سائيٽ تان کنيو ويو آهي۔


     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊاڪٽر قادر مگسي جو انٽرويو

    ادا تمام سٺيون ڳالهيون شيئر ڪرڻ جي مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو