ڪير بچيو۔۔۔؟؟

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو

    هي سنڌي ٽيبلو يونيورسٽيءَ جي شاگردن هڪ فنڪشن ۾‌پيش ڪيو هو، تمام زبردست هو ان ڪري توهان سان ونڊڻ تي دل چاهي۔۔

    ڪراچي ۾ رهندڙ هڪ سنڌي ڀوتار وٽ سندس نوڪر 4 مهينن کان بعد آيو۔۔۔ ڀوتار، جنهن جا ٻار ٻچا ، ماءِ ۽ ٻيو گهر گهاٽ ڳوٺ ۾‌هو، اهو ڪيترن ئي سالن کان ڳوٺ نه ويو هو۔۔۔
    ڀوتار: جمعا ڏي خبر آيو آهين۔۔ خوش آهين۔۔۔

    جمعو (پيرين پوئيندي): ڀوتار ها بابلا اچي ويس، اوهان جي دعا آهي بابلا ٽاٽ لڳو پيو آهيان۔۔۔
    ڀوتار: او ايئن ڏسانءِ۔۔۔ ڏي خبر ڀلا مون واري ٽامي ڪيٽ جي ۔۔؟؟؟

    جمعو: سائين اوهان واري ٽامي ڪيٽ ته مري وئي۔۔۔!!!!
    ڀوتار: اڙي!! مون واري ٻلي مري وئي۔۔؟؟؟ ڪيئن مري مون واري ٽامي ڪيٽ؟؟؟

    جمعو: سائين مئل گهوڙي جو گوشت کائيندي ته مرندي نه ته ٻيو ڀلا؟؟؟
    ڀوتار: اڙي مون وارو گهوڙو به مري ويو۔۔۔ ڪيئن مئو؟ مون وارو ڀلو گهوڙو۔۔۔

    جمعو: سائين گهوڙو ته پنهنجي وڏي مالڪڻ‌جي صدمي ۾‌مري ويو!!
    ڀوتار: (مٿو پٽيندي) اڙي منهنجي ماءِ به مري وئي ۔۔۔ الا ڙي گهوڙا ري۔۔۔!! هي ڇا ٿيو؟؟؟ اڄ رڳو صدمي واريون خبرون پيو ٻڌائين۔۔ڪيئن مري مون واري ماءِ۔۔؟

    جمعو: سائين اوهان جي ماءِ پنهنجي پوٽي جو ڏک برداشت نه ڪري سگهي۔۔ قضا ڪري وئي ويچاري۔۔۔۔
    ڀوتار: اڙي مون وارو پٽ به مري ويو۔۔۔ ڪيئن مريو مون وارو پٽ؟؟؟

    جمعو: سائين اوهان جو پٽ ويچارو پنهنجي ماءُ جي صدمي ۾‌گذاري ويو۔۔۔ ويچارو ننڍڙو هو ڏک برداشت نه ڪري سگهيو۔۔!!!
    ڀوتار: اڙي مون واري بيگم به گذاري وئي! الاڙي گهوڙا ري هي ڇا ٿيو ڙي، باقي ڇا بچيو منهنجو؟؟ ڪيئن مري مون واري گهر واري۔۔
    جمعو: ها سائين اوهان جي مائي مري وئي۔۔۔ هو ڳوٺ ۾ سيلاب آيو نه، ان ۾ اوهان جو گهر پٽ ٿي پيو، ان ۾‌اوهان جي مائي دٻجي مري وئي۔۔۔۔
    ڀوتار: (زمين سان ٽڪر هڻندي) باقي ڇا بچيو ڙي منهنجو۔۔(ان دوران سندس چشمو ڪري پوي ٿو)
    جمعو: (ڀوتار جو ڪريل چشمو پنهنجي اکين تي پائيندي) واقعي اوهان جو ڪجهه نه بچيو۔۔۔ پر مان ته بچي آيو آهيان نه ۔۔ اوهان جو هينڊسم نوڪر۔۔۔
    اهو ٻڌي سندس مالڪ پنهنجو بوٽ لاهي سندس پٺيان پوئي ٿو ۽ کيس اسٽيج کان ڊوڙائي ٻاهر ڪڍي وڃي ٿو۔۔۔
    ها ها ها

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪير بچيو۔۔۔؟؟

    اهو ٽيبلو جي سامهون ڏسجي ها ته اڃان به سٺو لڳي ها جو ان ۾ وڏيري جا تاثرات ۽ اداڪاري اصل ۾ کلائڻ جو سبب ضرور ٿيا هوندا ۔۔۔ ڀلا وڏيري کي ڪهڙي کوٽي، کوڙ گهوڙا، کوڙ زالون ۽ کوڙ پٽ ۔۔۔ باقي رهي سندس ما ته ان لئه انا لله وانا عليه راجعون ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪير بچيو۔۔۔؟؟

    ادا وڏا۔۔۔!! اوهان واقعي صحيح ٿا چئو۔۔ ڪنهن به ٽيبلو، يا ڊرامي ۾ ان جي حصي وٺندڙ اداڪارن جا تاثرات تمام بهتر ڪردار ادا ڪندا آهن، پوءِ ڀلي اسڪرپٽ ڪهڙي به سطح جو هجي۔۔۔ مان ڪالهه اسان جي ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندڙ فائنل ايئر جي شاگردن جي پاران ڪيل فيئر ويل پارٽي ۾ سندن دعوت تي شرڪت ڪئي هئي، جتي ڪجهه شاگردن پاران هي ٽيبلو پيش ڪيو ويو۔۔۔ اداڪاري لاجواب هئي۔۔ کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويو، جيئن ئي گهر پهتس، توهان دوستن سان به اها شئي ونڊ ڪئيسين۔۔ جيئن ئي وڊيو هٿ ٿيندي اوهان سان ضرور ونڊ ڪبي۔۔۔​
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪير بچيو۔۔۔؟؟

    واقعي يار بچيو باقي ڇا !!!

    بهترين ڪوشش آهي ادا توهان جي

    سدائين گڏ
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪير بچيو۔۔۔؟؟

    نوڪر به بري خبر وقفي وقفي سان ايئن ٿو ٻڌائيس جو ۔۔۔۔ زور ڪا جهٽڪا دهيري سي لگي۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو