ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سنڌوءَ جي ٻوڏ جون برباديون ڪشمير کان ڪيٽيءَ تائين

عاجز جمالي]
سنڌ ۾ آيل هيلوڪي ٻوڏ کي گذريل ٻن مهينن کان لاڳيتو رپورٽ ڪرڻ ۽ ويجهڙائپ سان ڏسڻ کان پوءِ سڄي صورتحال کي رڪارڊ تي آڻڻ جي خيال سا ن لکيل هي طويل تحرير منهنجي ذاتي مشاهدي ۽ اکين ڏٺل واقعن تي ٻڌل هوندي. تاريخي حوالن لاءِ مختلف ڪتابن ۽ مضمونن کان مدد ورتي وئي. (ليکڪ)
سنڌو درياهه جي تاريخ هزارين سالن کان لکت ۾ اچي پئي. سنڌ ۾ موهن جو دڙو جا آثار سنڌوءَ جي دهشت ڀري تاريخ جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. سنڌوءَ جي تاريخ موهن جي دڙي کان قديم آهي. پر موهن جي دڙي جي تباهي جو مثال سنڌو درياهه جي دهشت جو هن خطي ۾ وڏو مثال بڻيو. انڪري اِهو خيال ڪيو ويو ته سنڌو تهذيب جو هي عظيم مهذب ماڻهن جو شهر سنڌو درياهه جي رُخ بدلائڻ سبب ٻڏي غرق ٿي ويو. پنج هزار سال پراڻو شهر موهن جو دڙو شايد اِهو ٻڌائي نه سگهيو آهي ته اڄ کان ڏهه هزار سال اڳ سنڌو درياهه جي وهڪرن هِن خطي ۾ ڪيڏي تباهي آندي. پر سنڌوءَ جي تهذيب سنڌ ۾ سڪندراعظم ۽ محمد بن قاسم جي آمد جي ڪارڻن ۾ سنڌو درياهه جي موجودگيءَ جو وڏو عمل دخل قرار ڏنو. سنڌو درياهه ۾ آيل هيلوڪي ٻوڏ تي لکڻ ۽ ٽوڙي بند کان وٺي سورجاڻي بند تائين سنڌوءَ جي ڪنارن سان ٻوڏ دوران هلندي منهنجو مشاهدو برطانوي راڄ جي فوجي عملدار اليگزينڊر برنس جهڙو ته نه هوندو ڇو ته سنڌ تي برطانوي قبضي کان الڳ مسٽر برنس ته جنگي ماحول ڏسڻ لاءِ دهليءَ مان سوکڙيون کڻي راجا رنجيت سنگهه لاءِ روانو ٿيو. ان مقصد لاءِ هُن ڪراچي کان وٺي لاهور تائين سنڌوءَ وسيلي سفر ڪيو. هُن سنڌوءَ کي ڪٿي ڪٿي سمنڊ کان به وڌيڪ طاقتور قرار ڏنو. پر منهنجو مشاهدو هڪ پيشه ور صحافيءَ جو آهي. جيڪو عوام تائين ٽي وي چينل وسيلي خبرون پهچائڻ لاءِ هُئو. 1831ع ۾ سنڌوءَ جو سفر ڪندڙ اليگزينڊر برنس سڪندراعظم بابت هڪ تاريخي حوالو ڏيندي ٻڌائي ٿو ته سمنڊ رستي جڏهن سڪندر اعظم جي فوج سنڌوءَ ۾ داخل ٿي ته وڏين مصيبتن ۾ ڦاٿي. مسٽر برنس لکي ٿو: ٽئين ڪلاڪ ۾ سمنڊ پنهنجي روايتي وٽيءَ سان وڏو چاڙهه ڪيو ۽ درياهه جي پاڻيءَ کي پٺ تي ڌڪي ڇڏيو. (اهڙي صورتحال لڳ ڀڳ اسان تازي ٻوڏ دوران انڊس ڊيلٽا وٽ ڏٺي هُئي جو سمنڊ سنڌو درياهه کي پٺ تي ڌڪيو هُئو. جنهن جا تفصيل اڳتي هلي ڏينداسين). سنڌوءَ پهرين سامونڊي وير کي روڪيو پوءِ وڏي طاقت سان مٿي اُڀرڻ شروع ڪيو ۽ خطرناڪ حد تائين مٿي چاڙهه ڪندو ويو. جيئن جبل جي ڪا خوفناڪ برساتي ندي ڏاڪڙ ۽ گجگوڙون لڳو. اُڀ ڪپري هيٺاهينءَ تي عمودي طرح هيٺ ڪرندي وڏا وحشت ناڪ آواز ڪندي آهي. پنهنجن ٻيڙن ۾ ويٺل يوناني فوجي هن ڀيانڪ ۽ خطرناڪ صورتحال کي ديوتائن جو قهر سمجهي ڪنبي ويا. اک ڇنڀ ۾ ڏسن ته سمنڊ جون جبل جيڏيون اُتاهيون ويرون ۽ وري اک ڇنڀ ۾ ڏسن ته واريءَ جا پوٺا خشڪ ميدان جتي پاڻيءَ ڦڙو به نظر نه ٿي آيو.“ (ڪتاب سنڌوءَ جو سفر ليکڪ اليگزينڊر برنس). هُو اڳتي هڪ هنڌ لکي ٿو ته، جڏهن ماڻهو سنڌوءَ سان لاڳاپيل ڪو به ڏيک ڏسندو آهي ته پنهنجن اُڌمن ۽ اُتساهه تي ضابطو نه رکي سگهندو آهي (ذاتي طور هيلوڪي ٻوڏ ۾ ڇهين ستين آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ مون پڻ پنهنجي اهڙي ڪيفيت محسوس ڪئي). سنڌوءَ ڏسڻ وقت سڪندر جي (سڪندراعظم) به ساڳي ڪيفيت هُئي. هُن يوناني جونجهار پنهنجي خواهش مطابق امرتا ماڻي ۽ پنهنجي فتحن جي تاريخ پنهنجي نانءَ سان گڏ پوئين نسلن جي نانءَ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن اسان مهان سنڌوءَ ڏانهن اک کڻون ٿا ته ڄڻ سندس ماضيءَ واري شان ۽ شوڪت سان پاڻ کي ڳنڍيل سمجهون ٿا. اِهو سوچيندي مان هنن خيالن کان لنوائي ڪونه ٿو سگهان ته اُهي خالص تاريخ ۽ نج سائنس جي پيداوار آهن. اسڪامندر (Scamander) جي مليل امرتا کي ميسيسيءَ جهڙو عظيم درياهه به ختم نه ٿو ڪري سگهي ۽ هيڏانهن سڪندر مقدونيءَ جو سنڌوءَ جي ڪنارن مٿان اچي خيما کوڙڻ هڪ مسند ۽ تصديق شده اپوتر تاريخي عمل هُئو. (ڪتاب سنڌوءَ جو سفر).
مسٽر برنس جي مشاهدي جو هڪ ٻيو ٽڪرو ”جڏهن مون پهريون ڀيرو هن درياهه کي ڏٺو ته طوفان سبب سندس پاڻيءَ ۾ ڏاڍي دهشت ۽ دم هُئو. سمنڊ جيان وڏيون لهرون اٿي رهيون هيون. ڪپرن تي ڏاڍي ڪولاهل ۽ شور هُئو. مون کي اِهو ٻڌي ڪو گهڻو اچرج ڪونه لڳو ته سنڌي هن وڏي درياهه کي سنڌ جو سمنڊ ڪوٺيندا آهن.“ (ڪتاب سنڌوءَ جو سفر ليکڪ برنس، ترجمو بدر ابڙو). ارڙهين صديءَ جي انگريز فوجي ڪمانڊر واتان سنڌو درياهه جي دهشت جي ڳالهه ٻڌي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سُر سهڻي پڙهون ته به درياهه جي دهشت ۽ خوف جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.
دهشت دم درياهه ۾، جت ڪُنن جا ڪڙڪا،
سهي ڪين سمونڊ جا، ماندي دل دڙڪا،
ساهڙ ڄام سُڻ ڪا، فرياد هن فقير جي.
دهشت دم درياهه ۾، جتي جايون جانارن،
نڪو سنڌو سير جو، مپ نه ملاحن،
درندا درياهه ۾، واڪا ڪيو ورن،
سڄا ٻيڙا ٻار ۾، هليا هيٺ وڃن،
پرزو پيدا نه ٿئي، تختو منجهان تِن،
ڪو جو قهر ڪُنن ۾، ويا ڪين ورن،
اُتي اڻ تارُن ساهڙ سير لنگهاءِ تون.
ڀٽائي سنڌو درياهه کي ويجهڙائپ مان ڏٺو هوندو. اهڙي ريت دنيا جي گهڻو ڪري تاريخدانن سنڌو درياهه جي دهشت ڌڌڪن ۽ تيز وهڪرن جي ڳالهه لکي آهي. سو سنڌو درياهه جي تاريخ لکندڙن هميشه درياهه جي وهڪرن، رُخن ۽ لاڙن سبب ايندڙ تباهين جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. سنڌو نديءَ جي باري ۾ هن مختصر ڄاڻ کان پوءِ ڪجهه سنڌوءَ ۾ آيل ٻوڏن تي مٿاڇري نگاهه وجهندي جولاءِ 2010ع ۾ شروع ٿيل پاڪستان جي تاريخ جي ڊگهي ۽ وڏي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو اُهو رڪارڊ تاريخ جا واقعا لکڻ جي ڪوشش ڪندس جيڪي مون پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ ماڻهن واتان ٻڌا يا منهنجي مشاهدي هيٺ آيا. تاريخي مثالن ۾ گهٽ وڌائي ٿي سگهي ٿي. پر هڪ صحافيءَ جي قلم مان سرجيل انهن واقعن جو تاريخ آڏو مان پاڻ اکين ڏٺو شاهدو هوندس، جيڪي مون ڏسي پسي لکيا. محسوس ڪيا يا ڄاڻ وٺي رڪارڊ تي آندا. جن ۾ سرڪار، عوام، ماڻهن، ادارن جا ڪمال جهڙا ڪارناما به آهن ته انڌ جهڙا افسوسناڪ ڪِريل ڪارناما به آهن. سنڌ جيئن ته سنڌونديءَ جي پوڇڙي ۾ آهي. 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي اڄ تائين پاڪستان ۾ جيڪي به ٻوڏون آيون انهن جو سنڌ کي وڏو نقصان ٿيو هوندو. ڇو ته سرحد (هاڻوڪي خيبرپختونخوا)، بلوچستان ۽ پنجاب مان ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ۾ ئي اچڻو آهي، ان ڪري ٻوڏون سنڌ لاءِ سدائين وڏي تباهي آڻينديون آهن. 2010ع جي ٻوڏ کان اڳ هن مُلڪ جي 63 سالن جي تاريخ ۾ ڏهه وڏيون ٻوڏون آيون آهن، جن جو سنڌ کي وڏو معاشي ۽ جاني نقصان ٿيو. 6 سيپٽمبر 1950ع ۾ راوي درياهه لاهور کي ٻوڙڻ شروع ڪيو. لاهور شهر جون ڪيتريون ئي آباديون ۽ ٻه لک کان وڌيڪ ماڻهو پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. تڏهن وزيراعظم لياقت علي خان پنجاب جي گورنر سردار عبدالرب نشتر کي خاص هدايتون ڏنيون پر تڏهن به فوجي ٻيڙين ذريعي امدادي ڪم شروع ٿيو ۽ فوج جو ايريا ڪمانڊر ميجر جنرل اعظم ٻوڏ جي امدادي ڪمن جو انچارج مقرر ٿيو. لاهور کان سواءِ شيخوپوره ۽ قصور تائين ٻوڏ جو پاڻي پهچي ويو هُئو. هن ٻوڏ ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو لڙهي ويا هُئا. راويءَ سان گڏ سنڌو درياهه به اٿلي پيو. سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب تڏهن سکر ۽ ڪوٽڙي جي علائقن ۾ تباهي آئي. 1973ع ۾ ٻوڏ ٽن مهينن تائين هن مُلڪ ۾ وڏي تباهي مچائيندي رهي. آگسٽ 1973ع ۾ سنڌو درياهه ۾ انتهائي درجي جو چاڙهه آيو. سنڌو درياهه جي ڪنارن تي آباد ضلعن، دادو، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ۾ وڏي تباهي آئي. هڪ ئي ڏينهن ۾ 50 هزار ماڻهو دربدر ٿيا. پر ٻوڏ جي شدت وڌندي وئي. نه رڳو سنڌ پر پنجاب ۾ به ٻوڏ رخ ڪيو. سنڌ ۾ 3 آگسٽ 1973ع کان شروع ٿيل ٻوڏ جي ڪجهه ڏهاڙن کان پوءِ آبپاشي جي تڏهوڪي صوبائي وزير مير اعجاز ٽالپر جو چوڻ هُئو سنڌ جي ڪنهن به بند کي ڪو به خطرو ناهي (2010ع جي ساڳي موسم ۽ ساڳين ڏهاڙن ۾ سنڌ جو آبپاشيءَ جو وزير ڄام سيف الله ڌاريجو آهي پر هن پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ بند جي ٽٽڻ جو خدشو ظاهر ڪيو هُئو). دادو ضلعي ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿي چُڪا هئا. صوبي ۾ 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو دربدر هُئا. سوين ڳوٺ ٻُڏي برباد ٿي چُڪا هئا. سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير ممتاز ڀُٽو جو چوڻ هُئو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ فصل ڀلا ٿيندا، ڪابه تباهي نه ايندي (هاڻوڪي ٻوڏ ۾ ممتاز ڀٽو اِها دعويٰ ڪئي آهي ته جڏهن سندس حڪومت هُئي تڏهن سنڌ ۾ بهترين طريقي سان ٻوڏ کي منهن ڏنو ويو هو. هِن وقت پاڻ 1973ع جي ٻوڏ جو ذڪر ڪيون پيا. تڏهوڪين اخبارن جا حوالا ڏيئي رهيا آهيون. سنڌ سان گڏ پنجاب جي علائقن ملتان، سيالڪوٽ، چشتيان، فصل آباد ۾ پڻ تباهي آئي. 12هين آگسٽ تي راوي ۾ چاڙهه سبب شاهدره جو بند ٽٽي پيو. جشن آزاديءَ جون تقريبون ملتوي ڪيون ويون. وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽو امدادي سرگرمين لاءِ پرڏيهي امداد جي اپيل ڪئي. ٻوڏ ڪميٽيءَ جي سربراهه ۽ ناڻي جي وفاقي وزير مبشر حسن جو چوڻ هُئو ته ٻوڏ سبب اربين رپين جو نقصان ٿيو. سنڌ ۽ پنجاب ٻنهي ۾ تباهي مچي وئي هُئي. سنڌو درياهه ڪناري چار سؤ ميلن جو علائقو خالي ڪرايو ويو هُئو.
سنڌ ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ تائين پهچي ويو هُئو. لاڙڪاڻي ڀرسان بند کي پيل گهارو بند نه ٿي سگهيو هُئو. پاڻي لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ داخل ٿي ويو هُئو. ذوالفقار علي ڀٽو جو چوڻ هُئو ته 80 سالن ۾ ايڏي ٻوڏ نه آئي هئي. صدر فضل الاهي 17 ڏهاڙن کان پوءِ سنڌ جو دورو ڪيو. تڏهن باگڙجي بند کي گهارو پيو هُئو. دادو کي بچائڻ لاءِ رائس ڪئنال کي مضبوط ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هُئو. دادو جي ماڻهن جابلو علائقن جو رُخ ڪيو. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان پوءِ ٻوڏ سٽيل ماڻهن جو وڏو انگ ڪراچي پهتو هُئو. جتي صوبائي حڪومت امدادي ڪئمپون قائم ڪيون هُيون. (لڳ ڀڳ هاڻوڪي ٻوڏ جهڙي صورتحال) 1973ع کان پوءِ 1975ع ۾ به سنڌو درياهه ٻوڏ آندي پر ان کان وڏي ٻوڏ 1976ع ۾ آئي. هيءَ تمام وڏي ٻوڏ هئي. سنڌ سان گڏ پنجاب ۽ سرحد ۾ به ٻوڏ آئي. راوي، چناب ۽ سنڌو سمورن درياهن تباهي مچائي ڇڏي هُئي. مُلڪ ۾ دادو، سکر، ملتان، گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ سميت 27 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو. هن ٻوڏ ۾ 26 سؤ کان وڌيڪ ماڻهو مري ويا هُئا. ڇهه لک گهر ٻڏي ويا هُئا، لکين ماڻهو دربدر ٿيا. هي لاڳيتو ٻوڏن مٿان ٻوڏن جو دور هُئو. 1977ع ۾ ٻيهر ٻوڏ آئي. پشاور مان شروع ٿيل ٻوڏ سنڌ تائين پهتي. حيدرآباد، نوابشاهه ۽ دادو ۾ تباهي آئي. جنرل ضياءَ مارشل لا جو دور هُئو. وفاقي گهرو وزير محمود هارون حيدرآباد ۽ سانگهڙ جي متاثر ٿيل علائقن جو دورو به ڪيو. ان کان پوءِ 1992ع ۾ ٻوڏ آئي. 8- آگسٽ کان سرحد ۽ پنجاب ۾ شروع ٿيل تباهي آڻيندڙ بارشن کان پوءِ ڊيم ڀرجي ويا. منگلا ڊيم جو پاڻي اوچتو ڇڏيو ويو. جهلم جا چار ڳوٺ ٻڏي ويا جن ۾ 400 ماڻهو لڙهي مري ويا هُئا. اطلاع نه ڏيڻ تي انجنيئر کي گرفتار ڪيو ويو هُئو. هن ڀيري هيڊ تريمون وٽ بند ٽوڙيا ويا، پنجند کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ هڪ هزار ڳوٺ ٻُڏي ويا. ملتان کي بچائڻ لاءِ پاڻي کي سنڌ ڏانهن اماڻيو ويو. ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿي ته گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي دٻاءُ وڌي ويو هُئو. تريمون هيڊ ورڪس ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو هُئو. ان کي بچائڻ لاءِ ساڄي ڪناري تي کنڊ هنيو ويو. 1995ع ۾ بارشن جي تباهي سبب ٻوڏ آئي. سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي ويا هئا. 1996ع ۾ ان کان پوءِ 1998ع ۾ به ٻوڏون آيون پر ويجهي ماضيءَ ۾ سڀ کان وڏي ٻوڏ 1976ع واري هُئي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ يا پوءِ ٻوڏن وقت واهن ۽ بند کي گهارن پوڻ وقت يا ڪٽ ڏيڻ وقت تڪرار ٿيندا رهيا آهن. سنڌو درياهه ۾ ٻوڏن جي تاريخ اهڙن تڪرارن کان ڀريل آهي. 2010ع ۾ به وڏا تڪرار ٿيا. هڪ ٻئي تي شهر کي ٻوڙڻ جا الزام لڳا. سياسي اڳواڻن بيهي بند ٻڌايا. بند ٽوڙايا. 1942ع ۾ آيل ٻوڏ بابت سنڌ جي زراعت کاتي جو پهريون انگريز آفيسر ”راجرس پيئرز“ جون لکيل يادگيريون پڻ اهڙن واقعن سان ڀريل آهن. تڏهن به دادوءَ کي بچائڻ لاءِ ڌامراهه واهه کي کنڊ هڻڻ جو فيصلو ٿيو هُئو. هُو تڏهن به شهدادڪوٽ ۾ آيل ٻوڏ وقت ڦرلٽ جو ذڪر ڪري ٿو. اهڙي ڦرلٽ مون هلندڙ سال ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ غوثپور ۾ ڏٺيسنڌ ۾ سرڪار جون تياريون:
سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان ٻوڏ پهرين خيبرپختونخواه ۽ ان کان پوءِ پنجاب ۾ وڏي تباهي مچائي چُڪي هُئي. ان ڪري سنڌ صوبو سرڪاري سطح تي ٻوڏ ٻوڏ ڪري رهيو هُئو ۽ ٻوڏ کان بچاءَ جون تياريون پڻ ٿي رهيون هيون. بندن جي مرمت جو ڪم به هلي رهيو هُئو. ٽين يا چوٿين آگسٽ تائين سنڌو درياهه جو وڏو وهڪرو گڊو بئراج ۾ داخل ٿيڻ جي اڳڪٿي ٿي رهي هُئي. سنڌ ڪابينا جو خاص اجلاس به سڏرايو ويو هُئو. 31هين جولاءِ تي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل هِن اجلاس ۾ 44 ڪروڙ رپيا منظور ڪرڻ سان گڏ فوج کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ٻوڏ جي صورتحال بابت سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام سيف الله ڌاريجي ۽ اطلاعات واري صلاحڪار هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس به ڪئي. ڄام سيف الله جو چوڻ هُئو ته سکر بئراج ۾ 10 لک ڪيوسڪ پاڻي برداشت ڪرڻ جي سگهه مشڪل سان هوندي ان کان مٿي خطرو هوندو. سندس چواڻي ته 34 سالن کان پوءِ بدترين ٻوڏ جو خطرو آهي. سندس چواڻي 12 سؤ ميلن تي ڦهليل سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي 145 هنڌن کي حساس قرار ڏنو ويو آهي پر بندن جي حالت ڪا سٺي ناهي. هن ڏهاڙي گڊو بئراج جو وهڪرو ٻه لک 54 هزار ڪيوسڪ هُئو. سکر ٻه لک ڪيوسڪ کان گهٽ ۽ ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جو وهڪرو هڪ لک ڪيوسڪ کان به گهٽ هُئو. ٽين آگسٽ تي ڪراچي کان سکر ڏانهن رخ ڪيوسين. هنن ڏهاڙن ۾ جڏهن ٻوڏ جون خبرون ڳولي رهيا هُئاسين ته ماڻهو وڙهي رهيا هُئا. سندن چوڻ هُئو ته ڪيترن سالن کان پوءِ پاڻي اچي پيو ٻوڏ ڪٿي آهي. ان سوچ تحت ئي ڪچي جا ماڻهو ڪچو خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا. ٻوڏون نه اچڻ سبب درياهه جو ڪچو هاڻي ڪچو نه رهيو هُئو؛ ٻيلا نظر ٿا اچن ته نه ڪي جهنگ- ڪچو پڪو بڻجي ويو هُئو. ماڻهن پڪا گهر درياهه جي پيٽ ۾ ٺهرائي ڇڏيا. سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباديون ٿي ويون. زمينون نه رڳو آباد ڪيون ويون پر ڪچي ۾ پڪا روڊ ٺهي ويا. زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ماڻهن پنهنجي خرچ تي بند ٻڌرايا، جن کي زمينداري بند سڏيو وڃي ٿو. ان ڪري ماڻهو ڪچو خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هُئا. ڪنڌڪوٽ کان گهوٽڪي تائين سرڪار جو زور هُئو ته ڪچي جا علائقا خالي ڪرايا وڃن. تڏهن ئي جتي ڪٿي فوج نظر اچي رهي هُئي. ٽن پهرن جو سکر کان شڪارپور بدران اسين سکر کان گهوٽڪيءَ جو رستو ورتو. شاهراهه تي هڪ وڏي هوٽل سکر بئراج جي ڪناري تي آهي. هوٽل وٽ پهچڻ سان ڏسڻ ۾ آيو ته بئراج جي ڪپ تي ميلي جهڙو منظر آهي. الائي ڪٿان ڪٿان کان ماڻهو اچي رهيا هُئا درياهه کي ڏسڻ. بئراج جي ڪناري بند تي لڪڙا، تڏا ۽ ٻيو سامان به رکيو هُئو. اهڙو سامان ڪنهن به گهاري پوڻ جي خطري سبب اڳواٽ گهرائي رکيو ويو هُئو. فوجي جوانن جو ججهو انگ بند تي موجود هُئو، جيڪو عام ماڻهن کي هٽائي رهيو هُئو. هي سکر بئراج جي ڪپ تي ”علي واهڻ“ جو هنڌ هُئو (علي واهڻ اڳتي هلي ڏاڍو تڪراري بڻيو. وفاقي وزير خورشيد شاهه ۽ سرڪار تي وڏا الزام لڳا، جن جو ذڪر اڳتي ايندو). مٿاڇري نگاهه وجهڻ کان پوءِ اڳتي وڌياسين. سنگت ٻڌايو ته پنڌ پري آهي. اسان کي خبر پئي قادرپور لوپ بند کي به خطرو آهي. سو خيال آيو ته ويندي ويندي ”سڌي نشريات“ وسيلي بند جي حالت به ڏيکاريندا وڃون. ان ڪري گهوٽڪي شهر مان صرف شمس ڀُٽو کي ساڻ ڪري قادرپور لوپ بند گهوٽڪي ڏانهن وڌياسين. هتي اڃا ٻوڏ نه هُئي، البته ڪچو سڄو ٻُڏي چُڪو هُئو. فوجي جوان ٻيڙين وسيلي ڪچي جي علائقن مان عورتن ۽ ٻارڙن کي ڪڍي آڻي لوپ بند تي ڇڏي رهيا هُئا. بند تي پهچڻ وقت خبر پئي ته لوپ بند کي روڻيون پئجي رهيون آهن. سؤ کن ماڻهو ڪوڏرن ذريعي روڻ بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هُئا. ڪجهه فوجي جوان به ڪم ڪري رهيا هُئا بعد ۾ مشينري به گهرائي وئي پر بند ڀرسان ئي ٽي چار وڏا ڳوٺ هُئا. ڳوٺاڻن جون رڙيون هُجن ته آبپاشي وارا ڪٿي آهن. بند تي پهچڻ وقت درياهه جا ڌڌڪا هُجن پر اڃا پاڻي ٽي لک ڪيوسڪ به ڪونه هُئو. چار آگسٽ تي گڊوءَ وٽ درياهه جي وڏي مستي هُجي. 6 لک ڪيوسڪ پاڻي گڊو بئراج سان ٽڪرائجي رهيو هُئو. هر ڪلاڪ پاڻي جي سطح ۾ اضافو ٿي رهيو هُئو. گڊو بئراج جي پُل تي هزارين ماڻهو هُجن جيڪي ڪچي مان آندا ويا هُئا. پر ٻڌايو ويو ته ڪچي ۾ هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن. گڊو، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ امدادي ڪئمپون لڳي چُڪيون، اسڪولن جون ڪئمپون ڀرجي چُڪيون هيون، تنهن ڪري ماڻهن هاڻي روڊن رستن کي آستانو بڻائڻ شروع ڪيو. هن ئي ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ سنڌ ۾ 15- لک ماڻهو متاثر ٿيڻ جو خدشو ڏيکاريو (هن وفاقي اداري جو پهرين ڏينهن کان سنڌ ڏانهن رويو درست نه هُئو ۽ آخري ڏهاڙن تائين سنڌ سرڪار وفاقي ادارن خلاف دانهون ڪندي رهي. نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، نيشنل فلڊ ڪميشن ۽ موسميات کاتي خلاف سنڌ سرڪار اڃا تائين دانهي رهي آهي). سنڌ سرڪار لکين ماڻهن جي دربدر جو خدشو ظاهر ڪيو ۽ سنڌ جي وڏي وزير وفاق کان ڏهه ارب روپين جو مطالبو ڪيو. گڊو بئراج جي آس پاس مزارين، سومرن جي ڳوٺن تائين ٻيڙيءَ ۾ چڙهي وياسين. سومرن جي هڪ ڳوٺ ۾ چوڌاري پاڻي هوندي به ڳوٺ ۾ سؤ کان وڌيڪ ماڻهو موجود هُئا. عورتون، ٻارڙا، ٻڍڙا سڀ وڻن هيٺ کٽولن تي ويٺا هُئا. هروڀرو غريب ماڻهو به ڪونه هُئا پر سندن دانهن هُئي ته کين ٻيڙيون نه ٿيون ملن. ٻچا ڪيئن ڪڍون. مون کين چيو ته ٻه ڏهاڙا اڳ ڇونه ڪڍيا اٿوَ ٻار ٻچا. ڇو ته اوهان ته بئراج ڀرسان ويٺا آهيو پر سچ اِهو آهي ته ماڻهو خود ايڏي وڏي پاڻيءَ جي توقع ڪونه ڪري رهيا هُئا. سڄي سرڪاري مشينري گڊو بئراج تي هُجي. اصل ۾ تونسا وٽ بند ٽٽڻ کان پوءِ ماهرن اِها اڳڪٿي ڪرڻ شروع ڪئي ته گڊو بئراج وٽ نوَ کان ڏهه لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو. سکر ۾ آبپاشي واري وزير ڄام سيف الله ڌاريجي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته پاڻيءَ جو زور ٽٽي ويو آهي. هاڻي خطري جهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. لڳ ڀڳ اهڙي ڳالهه اسان کي گڊو بئراج تي چيف انجنيئر اعجاز شيخ به ٻڌائي. خبر ناهي ڪهڙي فارمولي تحت ماهر پاڻيءَ جي وهڪري مان ٻه لک ڪيوسڪ گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هُئا. سندن چوڻ هُئو ته پهرين ٻارهن تيرنهن لک ڪيوسڪ گڊو وٽ اڳڪٿي هُئي پر تونسان وٽان بند ٽٽڻ سبب ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ايندو. حقيقت ۾ اهڙي ڳالهه جي پسمنظر ۾ ڪا ماهراڻي سوچ يا عقل نظر ڪونه اچي رهيو هُئو پر هڪ عام ماڻهن جو جيئن خيال هوندو آهي ته مٿي ڪٽ لڳي ويو آهي، ان ڪري هيٺ دٻاءُ گهٽ ٿيندو پر اها ڳالهه سڀ وساري رهيا هُئا ته گڊوءَ وٽ پاڻي جي رفتار ۾ وڏي تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو هُئو.
پنجاهه هزار ڪيوسڪ جو واڌارو هر ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ ٿي رهيو هُئو. سڄو ڏينهن گڊو بئراج تي گذاري اهو تجربو ٿيو ته بهرحال حالتون خطرناڪ ٿي رهيون هُيون پر گڊوءَ تي هزارين ماڻهو گهمڻ لاءِ اچي رهيا هُئا. عورتون ساڻ ڪري ماڻهو گاڏيون ڀري سير ڪرڻ اچي رهيا هُئا. مون کي هي ڳالهه زبردست اسٽوري لڳي. ڇو ته هي جيڪو نسل اڄ سنڌو درياهه جو وهڪرو ڏسي رهيو هو شايد هن نسل ايڏو وهڪرو ته ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هوندو. ماڻهو درياهه کي ڏسي خوش ٿي رهيا هُئا. هو اِهو وساري ويٺا هُئا ته درياهه پاڻ سان گڏ وڏي تباهي ۽ بربادي به آڻي رهيو آهي. گڊو کان نڪري ڪنڌڪوٽ ڏانهن روانو ٿياسين. سنڌ جي نئين ضلعي ڪشمور جو ضلعي هيڊڪوارٽر ڪنڌڪوٽ آهي. هي پراڻو جيڪب آباد ضلعو آهي. گڊو کان ڊيرا موڙ وٽ سڄي پاڪستان جو سنگم آهي. پنجاب ڏانهن ويندڙ رستا بند ٿي چُڪا هُئا، ان ڪري هتي هزارين ٽرڪون ۽ ٽرالر بيٺل هُئا ۽ گڊو کان وٺي ڪنڌڪوٽ شهر تائين هڪ وڏي بي چيني غير يقيني ۽ وڏي اُٿل پٿل ڏسڻ ۾ آئي. هن علائقي ۾ اسين ٽن ڏهاڙن تائين ڪم ڪندا رهياسين. گڊو بئراج کان ڪنڌڪوٽ تائين. ڪنڌڪوٽ کان وري ٽوڙي بند تائين. ٻئي ڏينهن به گڊو بئراج تي. ان ڏينهن فوج جو سربراهه سکر بئراج پهتو هُئو. هن سڄي علائقي ۾ پنوعاقل ڇانوڻي سرگرم هُئي. سولين انتظاميا هر فيصلي ۾ فوج جي صلاح ۽ منظوريءَ کي لازمي تصور ڪندي هُئي. حالانڪه فوج سولين انتظاميا جي مدد لاءِ آيل هُئي. پر قصو اُن جي ابتڙ هُئو. ٻوڏ گڊوءَ مان لنگهي سکر بئراج وٽ پهچي وئي پر گڊو بئراج وٽ درياهه لاڳيتو چڙهي رهيو هُئو. جڏهن 9 لک ڪيوسڪ تائين ڳالهه پهتي ته انتظاميا جا چپ خشڪ ٿيڻ لڳا. هڪ طرف ٻوڏ هُئي ته ٻئي طرف برساتون هُيون. بندن کي هر پاسي روڻيون پوڻ جا اطلاع پهچي رهيا هُئا. قادرپور، ڪي ڪي، بيگاري، غوثپور سڀني بندن ۾ روڻيون پئجي رهيون هيون ۽ بچاءُ بندن تي دٻاءُ وڌي رهيو هُئو. چار کن وفاقي وزير گڊو بئراج وٽ پهتا ته ماڻهن ۾ ٻڙڌڪ مچي ويو. راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، اعجاز جکراڻي پهرين سکر ۽ پوءِ گڊو پهتا. سکر ۾ خورشيد شاهه کان علي واهڻ وٽ ڪٽ هڻڻ جو سوال ٿيو ته همراهه چڙي پيو ۽ چوڻ لڳو ته ڪنهن به بند کي ڪٽ نه هنيا ويندا. هتي واپڊا جي امدادي ڪئمپ تي راجا پرويز اشرف ماڻهن ۾ امدادي سامان ورهايو. ٻه چار ماڻهن کي تصوير ڪڍرائڻ لاءِ سامان ڏئي وفاقي وزير جڏهن روانا ٿي ويا ته ماڻهو امدادي ڪئمپ تي حملي لاءِ تيار ٿيا، ڏسندي ڏسندي سوين ماڻهو سڄو سامان کڻي ويا. جنهن کي جيڪو هٿ چڙهيو اُهو کڻي ويا. هي شروعاتي ڏينهن هُئا پر مختلف هنڌن تي اهڙن واقعن جا اطلاع ملڻ شروع ٿي ويا. جيڪو ڏاڍو سو گابو. ٻوڏ سٽيل به اِهوئي ڪري رهيا هُئا. ڪجهه ايم اين ايز امدادي سامان جون ڀريل ٽرڪون پاڻ سان گڏ کڻائي وڃي رهيا هُئا. سندن چوڻ هُئو ته سندن علائقن ۾ روڊن تي ماڻهو بکيا مري رهيا آهن. ڇهين آگسٽ تي رات ڌاري اسين ٽوڙي بند تي پهتاسين. مقامي صحافي دوست علي حسن ملڪ اسان جو هِن علائقي ۾ ميزبان به هُئو ۽ ساٿي به هُئو. علائقي مان باخبر هُجڻ سبب سندس اندازو هُئو ته ٽوڙي بند کي خطرو آهي. ڳچ ڏينهن کان اهي خبرون هن علائقي ۾ گردش ڪري رهيون هُيون ته ٽوڙي بند ڪمزور آهي. رات جو بند تي اسان هڪ غريب خاندان سان ويهي سڌي نشريات ذريعي بند تي ويٺل ماڻهن جي حالت ۽ بند جي حالت ٻڌائي رهيا هُئاسين. حامد ملڪ ڳوٺ وٽ ٽوڙي بند تي جيتوڻيڪ رات جي وقت صحيح طرح پتو ڪونه پئي پيو پر پاڻي بلڪل بند جي چوٽيءَ سان ٽڪرائجي رهيو هُئو. ائين لڳي رهيو هُئو ته ڪيڏي مهل به ڪٿان نه ڪٿان پاڻي بند جي مٿان چڙهي ويندو. خير اسين رات جو واپس ڪنڌڪوٽ پهتاسين ۽ ٻئي ڏينهن يعني 7 آگسٽ تي گڊو بئراج تي وزيراعظم جي آمد جو اطلاع هُئو. ان ڏينهن وزيراعظم ڪراچي ۾ هُئو. ستين آگسٽ تي منجهند جو به ضلعي انتظاميا جو خيال هُئو ته بندن جي حالت ٺيڪ آهي. ٽوڙي بند کي ڪوبه خطرو ناهي. مون منجهند جو ڪشمور ضلعي جي ڊي پي او سان گڊو بئراج جي پُل تي بيهي لائيوَ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ سندس چوڻ هُئو ته ٽوڙي بند تي خدا خير ڪندو. بند محفوظ آهي. ان کان پوءِ ڇا ٿيو. ان ئي شام ٽوڙي بند ٽُٽي پيو. سڄي ميڊيا گڊو بئراج کان ٽوڙي بند ڏانهن ڀاڄ ڪئي. ۽ ان ساڳي بند تي جتي اسان رات بيٺا هُئاسين اتي منظر بدلجي چُڪو هُئو. هتي هڪ قيامت برپا ٿي چُڪي هئي
نيٺ ٽوڙي بند ڀڄي پيو
ٽوڙي ٽٽڻ کان پوءِ هر پاسي تباهي
سورجاڻي ۽ ٽوڙي بند جي گهارن ۾ هڪجهڙائي
هن گهاري پوڻ شرط آڌي رات جو لڏپلاڻ شروع ٿي. ٻيلو شهر بلڪل ويجهو هُو. اُن کان پوءِ سجاول ۽ ٻني شهر ۾ پڻ ڦڙڦوٽ پئجي ويو. بلڪه دڙو، ميرپور بٺورو ۽ جاتيءَ تائين خطرن جون اڳڪٿيون ٿيون. 26هين آگسٽ جي صبح ٿيڻ سان ئي بدين ٺٽو روڊ هجرت جي نئين تاريخ بيان ڪري رهيو هو. سجاول کان وٺي ٺٽي تائين ماڻهو ئي ماڻهو هُجن. سجاول جي آسپاس جي علائقن جا ماڻهو منارڪي بند تي پهچي پناهه ڳولڻ لڳا. ڪوٽ عالمون کي خالي ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ گهاري واري هنڌ تي انتظاميا، وزير، فوج ۽ سماجي ماڻهو وڏي انگ ۾ بيٺا هُئا پر متاثر ٿيندڙ عورتن ۽ ٻارڙن جون رڙيون هُجن. ڪيترائي ٻارڙا وڃائجي وڃڻ سبب عورتن ۾ روڄ راڙو هُجي پر وقت تمام گهٽ هُو. ڪوٽ عالمون کانپوءِ ٻيلو شهر به چند ڪلاڪن ۾ خالي ڪرڻو هو، ڇو ته گهاري کان پوءِ پاڻيءَ جو سِڌو رُخ ٻيلي شهر ڏانهن هُجي. مڪليءَ کي اسان مسڪن ٺاهيو. ڇو ته 26هين آگسٽ تي رات جو وري ٺٽي شهر ڀرسان فقير جو ڳوٺ وٽ گهارو پيو. رات جو هڪ وڳي گهاري جي هنڌ تي هُجون. سنڌ جو گهرو وزير ذوالفقار مرزا، فوج جو برگيڊيئر ۽ آفيسر موجود هُجن. بند کي جت گهارو پيو اُهو تيزيءَ سان وڌي رهيو هُئو. صبح تائين اُهو گهارو به ٻه سؤ فوٽ ٿي ويو هُو ۽ پاڻي فقير جو ڳوٺ کان سڌو روڊ تي اچي ويو، هن پاڻي جو رخ ٺٽي شهر ڏانهن هُجي. ان ڪري انتظاميا 27 آگسٽ تي ٺٽو شهر خالي ڪرڻ لاءِ وارننگ جاري ڪري ڇڏي. ٺٽو نگر خود به بند ٿي ويو ۽ شهرين مڪليءَ جو رخ ڪيو. مڪلي پهاڙن جي چوٽيءَ تي پهتل شهر- جيڪي تاريخي قبرستان سبب آباد ٿيو. مڪلي مستقبل ۾ نئون ٺٽو بڻجي ويندو ۽ هاڻوڪو ٺٽو شايد پراڻو ٺٽو بڻجي وڃي. سنڌ ۾ اهڙا کوڙ شهر آهن، جن جا ٻه ٻه حصا آهن. مڪلي شهر قبرستان ۽ پهاڙيون انسانن سان سٿجي رهيون هيون. مڪلي شهر ۾ هڪ اندازي موجب ٺٽي جي مختلف شهرن مان چار لک ماڻهو اچي پهتا هُئا. ماڻهن جا انبوهه، کاڌ خوراڪ جي شين جي قلت هُجي، ڇو ته ٺٽو شهر پڻ بند ٿي چُڪو هو. شهرين جو وڏو حصو ڪراچي ۽ ٻين شهرن ڏانهن هليو ويو. سرڪار ڪراچي ۾ ٺٽي ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ بندوبست جو اعلان ڪيو. ان ڏينهن اسان اهو به منظر ڏٺو ته مڪلي شهر ۾ ماڻهن کاڌ خوراڪ لاءِ روڊ بلاڪ ڪيو ۽ وزير داخلا ذوالفقار مرزا سامان جون ٽرڪون کڻائي آيو ته وڏي لٽ مار شروع ٿي. ٽرڪن تي ماڻهن حملو ڪيو پر پوليس کي سختيءَ سان منع ٿيل هُئي ته لاٺي چارج نه ڪئي وڃي. کاڌ خوراڪ جي لٽ مار جون خبرون سڄي دنيا جي ميڊيا ۾ اچڻ کان پوءِ ٺٽي ڏانهن سرندي وارن ماڻهن ۽ سماجي ادارن جو ڌيان آيو پر هتي عجيب صورتحال اِها پيدا ٿي جو جڳاڙي ماڻهو، شهر جي آس پاس جا ماڻهو اچي لٽ مار ڪرڻ لڳا ۽ ٻوڏ سٽيل ماڻهن جو حق کائڻ لڳا. حڪومت خلاف نعريبازي ۾ به اهڙا ماڻهو ئي سرگرم نظر آيا. نيٺ پاڻي سجاول روڊ تي پهچي ويو. ٺٽي شهر کان پنج ڪلوميٽر جي فاصلي تي سجاول ٺٽو روڊ پڻ بند ٿي ويا. ۽ ٺٽو شهر کي بچائڻ لاءِ رنگ بند تعمير ڪرڻ ۽ ٻين منصوبن تي غور شروع ٿي ويو. فوج کي فقير ڳوٺ وارو گهارو بند ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي. ٽي وي چينلز ٻوڏ جو پاڻي ٺٽي شهر تائين پهچائي ڇڏيو هو پر پاڻي شهر کان گهڻو پري هو. ماڻهن خوف ۾ دڪانن آڏو سيمينٽ جا بند ٻڌي ڇڏيا هئا. ٺٽي ۾ ڏاڍيون دردناڪ ڪهاڻيون ڏٺيون. ماڻهن کي مانيءَ تي وڙهندي، هڪ ٻئي کي ماريندي ڏٺو. عورتن کي هڪ ٻئي جا ڄنڊا پٽيندي ڏٺو. ٺٽي جا سياسي اڳواڻ خاص ڪري خواتين ايم پي ايز به ڏاڍيون سرگرم رهيون. سسئي پليجو، حميرا علواڻي، رخسانه شاهه، مارئي ميمڻ، هير سوهو، سڀ جو سڀ سياست ڪندي پڻ نظر آيون. ٺٽي ضلعي جو انتظامي ڪمانڊ گهرو وزير ذوالفقار مرزا وٽ رهيو. جتان جو ڊي پي او پير فريد جان سرهندي پڻ ”خاص بندو“ آهي. ضلعي مانيٽرنگ ۽ رليف تي ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ ۽ ثقافت واري وزير سسئي پليجو وچ ۾ اندروني ڇڪتاڻ رهي پر سسئي بهرحال امدادي سرگرمين ۾ تيز نظر آئي. حميرا علواڻي ڄڻ ته ضلعي انتظاميا کان پاسيري هُجي. وڏي وزير جي دورن ۾ پڻ نظر آئي، باقي مارئي ميمڻ ۽ هير سُوهو پاران سرڪار تي الزام ئي الزام هجن. نيوي وارن سان گڏجي حميرا علواڻي جي مدد سان اسين جڏهن سجاول شهر تائين نيوي جي جنگي ٻيڙيءَ ذريعي پهتاسين ته سجاول شهر اڃا بچيل هو پر آسپاس ۾ پاڻي هو. هن شهر جا ماڻهو ميڊيا ۽ سرڪار تي سخت چڙيل هئا. ٺٽي ۾ شيرازي خاندان جي اثر رسوخ واري هن علائقي ۾ ماڻهن جي اڪثريت اِن راءِ جي هُئي ته ڪوٽ عالمون کي هٿ سان گهارو هڻي شيرازين جون زمينون، فارم ۽ سجاول شهر ٻوڙايا ويا. ٻوڏ تي هر علائقي ۾ ”ٻوڏ هاڻي سياست“ ٿيندي رهي پر هي ڳالهه هتي پڻ اهڙي مضبوط پروپيگنڊا طور ٿي رهي هئي جهڙي ٽوڙي بند ٽٽڻ وقت خورشيد شاهه خلاف ٿي رهي هئي. پهريون ڀيرو شيرازي برادران کُلي ذوالفقار مرزا خلاف ڳالهائي رهيا هئا. اسين شفيق شاهه شيرازيءَ سان گڏ سندن ڳوٺ ”سعيدپور“ به ڏٺو جيڪو مڪمل طور تي پاڻيءَ ۾ هو. مارئي ميمڻ سان به اتي ملاقات ٿي هُئي. سرڪاري طور ٻڌايو ويو ته ٺٽي ۾ 8 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. آخر سجاول شهر ۾ به پاڻي داخل ٿي ويو هو ۽ سجاول کانپوءِ جاتي ۽ چوهڙ جماليءَ ڏانهن پاڻي وڌڻ لڳو. ٺٽي ۾ فوج کي هڪ وڏي ڪاميابي اها ٿي ته فقير جو ڳوٺ وٽ پيل گهارو چوٿين ڏينهن بند ٿي ويو جنهن سبب ٺٽي شهر ٻڏڻ جو خطرو ٽري ويو ۽ ٺٽي جون رونقون ٻيهر بحال ٿي ويون هيون. پر مڪلي تي ٻوڏ متاثرن جي حالت ڏاڍي بُري هُجي. جي او سي حيدرآباد هن گهاري بند ٿيڻ کي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو. وڏو وزير پڻ ان هنڌ تي پهتو هو. سندس چوڻ هو ته شهدادڪوٽ ۽ ڪنڌڪوٽ شهر بچائڻ کان پوءِ ٺٽو شهر کي بچائڻ پڻ وڏي ڪاميابي آهي، البته سجاول شهر کي بچائي ڪونه سگهبو. هنن ئي ڏهاڙن ۾ ٻوڏ جو رخ دادوءَ طرف ٿيو. هڪ طرف ڏسجي ته ڪشمير کان شروع ٿيل درياهه جي ٻوڏ سمنڊ ۾ داخل ٿي ختم ٿيڻ گهرجي ها پر پٺيان ٻوڏ اڃا اچي رهي هئي. ڇنڊڻ (ايم اين وي ڊرين) ۾ ڇڏيل پاڻيءَ منڇر کي ڀري ڇڏيو هو. ان ڪري خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي رهيو هو. خيرپور ناٿن شاهه جي گوزو سميت ڪجهه علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي چُڪو هو. ميهڙ ۽ جوهيءَ لاءِ خطرا وڌي رهيا هئا. 28هين آگسٽ تي جوهي جون 8 يونين ڪائونسلون خالي ڪرڻ لاءِ وارننگ جاري ٿي. خيرپورناٿن شاهه ۽ جوهيءَ ۾ پڻ واهن کي ڪٽ ڏيڻ جا تڪرار شروع ٿيا. چيو ويو ته مملڪتي وزير رفيق جماليءَ ضد ڪري ڪٽ هڻڻ نه ڇڏيو. وري جوهيءَ جا ماڻهو ضد ٻڌي بيٺا ته شهر خالي نه ڪندا. سندن خيال پڻ اِهو آهي ته پير مظهرالحق ۽ رفيق جماليءَ جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ ڪو ڪردار ادا نه ڪيو. صوبائي وزير مراد علي شاهه تي پڻ اهو الزام لڳو ته هن منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏيڻ نه ڏنو. حالانڪه سندس اباڻو ڳوٺ پڻ ٻڏي ويو. جهانگارا، باجارا، واهڙ، آباد کان پوءِ ڀان سيد آباد ٻڏڻ لڳو. سيوهڻ شهر جي ايئرپورٽ تائين پهچي ويو. خيرپورناٿن شاهه وچ شهر مان ٻيڙيون هلي رهيون هُيون ۽ جوهي شهر جا سمورا زميني رستا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. جوهي جي عوام رنگ بند ٻڌي شهر کي ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ تاريخي جدوجهد ڪري هڪ نئون مثال قائم ڪيو. جوهي بابت هڪ الڳ مضمون لکي چُڪو آهيان ان ڪري ورجاءُ بدران ايترو ڪافي آهي ته سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جي سڄي تاريخ ۾ عوام جي همت جو اعليٰ مثال مليو ته جوهي ۾ مليو. جتي اڄ تائين سرڪاري امداد نه پهتي آهي. ٽوڙيءَ کان وٺي ڪوٽ عالمونءَ تائين بچاءُ بندن کي تمام وڏا گهارا پيا. سڄي سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي. مڪليءَ جي قبرستان جي هر قبر وٽ ڪونه ڪو متاثر خاندان رهيل هو. 27هين اگسٽ تي هي واقعو به رپورٽ ٿيو ته ٺل ڀرسان گهر جي ڇت تي ويٺل زال مڙس ڪيترا ئي ڏينهن بک ۾ رهي مري ويا. اخباري رپورٽ مطابق ڳوٺ لال ڀٽي ۾ شيرل ۽ زليخا بنگلاڻيءَ جا ڳريل لاش مليا جن جو ماس ڪُتا پٽي ويا هُئا. ممڪن آهي ته اهڙا ئي ڪيترا ٻيا واقعا به ٻوڏ دوران ٿيا هُجن. پر بيمارين ۽ بکن ۾ سنڌ اندر ٻوڏ دوران بهرحال سوين ماڻهو مري ويا.
هزارين ماڻهو دربدر ۽ لکين ماڻهو اڃا تائين بي گهر آهن. ٻوڏ دوران هزارين ٻار پيدا ٿيا، بلڪه هڪ پورو نسل پيدا ٿي ويو آهي. جيڪي رستا ٻوڏ هيٺ آيا اُهي اڃا تائين بحال ڪونه ٿيا آهن. ڪنڌڪوٽ کان غوثپور اڃا به ڪونه وڃي سگهبو نه ڪي دادو کان جوهي وڃي سگهبو. ٺٽي کان جاتي جو رستو به بند آهي ۽ شهدادڪوٽ کان ڳڙهي خيرو وڃڻ جو رستو به ڪونهي. ٽوڙي بند کي لڳل گهاري کي لڳ ڀڳ ٻه مهينا ٿيڻ وارا آهن، اُهو گهارو اڃا تائين بند ڪونه ٿيو پر ڪوٽ عالمون وارو گهارو بند ٿي چُڪو آهي. بندن کي لڳل گهارا بند ٿيڻ باوجود ماڻهن جي دلين کي آيل جهيرون نه ڀرجي سگهيون آهن. سنڌ سڄي معاشي ۽ اقتصادي طور تباهه ٿي وئي آهي. مضمون جي پڇاڙي ۾ اقتصادي تباهيءَ جو وچور ڏينداسين
ٻوڏ ۾ سنڌ جي اقتصادي ۽ معاشي بربادي
ٻيو طريقو پنهنجي مُلڪ ۾ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪرڻ آهي. عالمي ادارن کي اپيل ڪجي ته اُهي ڊونر ايجنسين وسيلي اسان جي ماڻهن کي ”پنڻ“ جي تربيت ڏيڻ بدران سڌي ريت روزگار ڏين. ائين به ٿي سگهي ٿو ته کوڙ مُلڪن جا سيٺ اسان جي مُلڪ ۾ صنعتون هڻڻ چاهيندا هُجن. سنڌ ۾ نيون صنعتون لڳرائي اتي مقامي ماڻهن کي روزگار ڏياري سگهجي ٿو. شديد متاثر ٿيل 10 ضلعن اندر جيڪڏهن ڏهه وڏيون صنعتون هنيون وڃن ته انهن ضلعن اندر گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار لک نوجوان روزگار سان لڳي ويندا. اهڙي ريت سنڌ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي ٽيڪ ڏيئي هن بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن ماٺ ڪري رڳو امداد جي آسري تي وقت پاس ڪرڻ وارو رستو اختيار ڪيو ويو، ان جا سال ڏيڍ کانپوءِ ڏاڍا ڀيانڪ نتيجا نڪرڻ جو امڪان آهي. بک، بيروزگاري ۽ خوراڪ جي کوٽ ماڻهن کي ڪهڙي طرف وٺي ويندي. بکايل ماڻهو ڪهڙو رستو اختيار ڪندا- ڪير نه ٿو ڄاڻي پر اڄ کان ئي جيڪڏهن معاشي حالت بهتر ڪرڻ ڏانهن وڌڻ شروع ڪجي ته ايندڙ ڇهن مهينن تائين صورتحال تي ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو
بشڪريه روزانه عبرت