هيڊ جو فصل حسن پنهور مذهب چوي ٿو ته هي ڪائنات الله سائين جي ”ڪُن فيڪُون“ امر سان عالم وجود ۾ آيو پر ڪروڙها سالن بعد اها ڪائنات جيڪا هڪ خيال مطابق ته نور ئي نور هو ۽ آهستي آهستي اها سمنڊ پاڻي ۾ تبديل ٿيندي ڄمندي مٽي جي صورت اختيار ڪري وئي ۽ ان بعد ڪروڙها سالن زميني ٽڪري پوکي يعني ساون وڻن جي پيداوار جون به تصديقون ٿي چڪيون آهن. ڪائنات کي جوڙڻ لاءِ رب پاڪ پهريون حضرت آدم عليه اسلام کي پيدا ڪيو ته جيڪي فرشتا هئا انهن پنهنجي پالڻهار کي چيو ته ”اي رب هي ڇا ڪندو هڪڙوانسان ڇا دنيا سنڀاليندو ان تي رب فرشتن کان پڇا ڪئي ڇا زمين تي جيڪي ٻوٽا آهن انهن جا نالا توهان کي اچن ٿا، جيڪر نه ته هي انسان آدم انهن سڀني ٻوٽن جي نالن کان باقائده واقف آهي. ان مان ثابت ٿيو ته زمين هئي جتي ٻوٽا ۽ وڻ پوکيل هئا. تنهن ڪري اسان کي وري به مذهبي ڳالهه تي اعتبار ڪرڻو پوندو پر دنيا اڳتي قدم کنيا ته انسانن وڏيون ترقيون حاصل ڪيون ۽ زمين تي قدرتي پوکن سان گڏ سائنسي طاقتن ترقي ڪري فصلن جا نوان نوان ٻج ۽ ايجاد ڪيا. انهن فصلن ۾ هيڊ جو فصل به نمايان آهي. هيڊ اهڙو فصل آهي. جيڪو پاڪستان جي هر ماڻهو کي ڄاڻ آهي ته هي فصل مصالحي طور گهرن ۾ روزمره کاڌي وارين شين ۾ ڪم اچي پر سنڌ ۾ اڪثريت هن جي پوکي ڪانه ٿيندي هئي. ليڪن ڪجهه سالن کان سنڌ جي حيدرآباد، خيرپور، نواب شاهه، ميرپورخاص ۽ ٻين ڏسو صفحو 6 علائقن ۾ هيڊ جي فصل تجربي طور پوکي ويئي آهي پر پنجاب جي لائلپور واري زرعي تحقيقاتي اداري پاران هيڊ جي فصل جو تجربو ڪيو ويوجيڪو ڪامياب ويو ۽ ان علائقي ۾ هن وقت هيڊ جي فصل کي عبور حاصل آهي. هن فصل جي اها ڀلي خصوصيت آهي ته هي فصل پيل ڀاڻ ۽ نرم زمين ۾ ٿئي ٿو ۽ هن فصل جي لاءِ زمين ۾ 30 وٿاڻ جي ڀاڻ جون ٽرڪريون لاهجن ۽ ان نرم زمين ۾ 8 کان 10 مڻ هيڊ جون تازيون ڳنڊيون في ايڪڙ پوکڻ گهرجن. اهي هيڊ جون تازيون ڳنڍيون ٻارين ۾ پوکڻ سان بهتر ٿينديون جيڪي ٻن قطارن جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ فوٽ جو مفاصلي تي پوکڻ گهرجن ۽ هڪ ڳنڊ گهٽ ۾ گهٽ چئن انچن جي فاصلي تي لڳائجي هيڊ جي پوکي جي سٺي موسم اپريل ۽ مئي جا مهينا آهن پر ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته گرمي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي هي فصل پوکي ڇڏڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هيڊ جو فصل گرمي گهٽ برداشت ڪندڙ فصلن مان آهي اهڙي ريت هي فصل جنوري ڌاري تيار ٿي وڃي ٿو. هيڊ جو فصل جنهن جون تازيون ڳنڍيون مارڪيٽ ۾ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏبيون آهن. فصل جي تازين آلين ڳنڍين کي ڪاڙهي سڪائي ٺوٺ ڪرڻ بعد هيڊ استعمال ڪرڻ جي لائق بڻجي ٿي ۽ ٺيڪ ڪاڙهيل هيڊ ڀاڄين ۾ استعمال ڪرڻ تي رنگ به نه ڪندي ۽ کائڻ ۾ پڻ ذائقيدار ثابت ٿيندي پر جيڪر هيڊ ڪچي يعني اڻ ڪاڙهيل وڪرو ڪجي ته ان جي اگهه ۾ انتهائي لاٿ ملندي ۽ آبادگار کي اها لوڀ ڪانه ملندي جيڪا ان کي توقعه هوندي صحت جي حوالي سان جيڪر هيڊ جي فصل جو ذڪر ڪنداسين ته هيڊ صحت لاءِ انتهائي مفيد ثابت ٿي آهي. جنهن ۾ اڪثر حڪيم صاحبان هيڊ جي فصل کي ڪافي دوائن طور استعمال ڪندا آهن پر ٻهراڙي جا ماڻهو هيڊ کي ڪُٽي دوا طور استعمال ڪندا آهن هيڊ جيڪا جگر جي سور لاءِ ته نهايت فائدي مند آهي ليڪن ڌڪ لڳل سوڄ واري جاءِ تي پاڻي ۾ ملائي لڳائڻ سان هڪدم فائدو ڪندي آهي. آڳاٽي زماني جون جهونڙيون جنهن وقت ۾ ڊاڪٽرن جو رواج گهٽ ۽ سواري جي ڏکيائي هوندي هئي ان وقت ٻهراڙي جون عورتون هيڊ کي دوا سمجهندي ٻارڙن کي خشڪ کنگهه، نمونيا جو بخار، ڏڍ ۽ موڪن يعني بواسير جي بيمارين جي خاتمي لاءِ به استعمال ڪنديون هيون. جنهن مان کين انتهائي فائدو ٿيندو هو ليڪن ڊاڪٽرن جي دور ۾ سائنس پاران ترقي ڪرڻ کانپوءِ هيڊ واري علاج تان ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو ڇاڪاڻ ته هيڊ وارو علاج سستو هو ۽ موجوده سائنسي علاج مهانگو ڏسي ماڻهن پاران هيڊ جي اصليت کي وساريندي مصنوعي دوائن ڏانهن رخ ڪيو جنهن مان انيڪ بيمارين جنم ورتو آهي. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته هيڊ جو فصل پوکيو ڇو ته هي انساني صحت جو ضامن آهي ۽ اسان به هيڊ جهڙي انمول پوک مان پورو فائدو حاصل ڪريون. بشڪريه روزانه عبرت