چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا پيارا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ: پنهنجو هڪڙو غزل شيئر پيو ڪريان، ڀئي ظاهر آهي شاعر آهيان ، مون وٽ انهي شاعري کان سوا ٻيو ڪجهه ڀي ڪينهي، منهنجي ڦاٽل ٽُٽل کيسي ۾ وٽوڙيل سٽوڙيل ڪاغذن جو بار وڌي ويو هو، ان ڪري ڪجهه کيسي مان هڪڙي پني جو بار گهٽ ٿي ويندو، ان کان علاوه شاعر آهيان شاعر جيستائين اونڌي ابتي شاعري ڪنهن کي ٻُڌائيندو ڪونه ته شاعر جي دل جو بار هلڪو ڪونه ٿيندو ، مجبوري آهي هي ٽي درجي وارو شاعر پنهنجي شاعري ٻُڌائي ته ڪونه ٿو سگهي پر صفا مسڪيناڻي شيپ ۾ تصويري شڪل ۾ سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ تي چرئي نثاراحمد ناز جي سيڪشن ۾ شيئر ڪري سگهي ٿو۔
    توهان جي واڌو ڪاٽو ٻنهي راين جو شدت سان انتظار ڪندس۔

    [​IMG]
     
  2. وسيم ظفر

    وسيم ظفر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    وه ادا وه !!!!!!!!!!!!!!!!!!!
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا وسيم ظفر مهرباني
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز!
    اوهان جي هي شاعري تمام زبردست آهي۔۔۔ مان سوچيان ويٺو ته ڪهڙو شعر اقتباس ڪيان، پر ڪو فيصلو ڪونه ڪري سگهيم!‌ڇو ته اوهانجي هن شاعريءَ ۾ هر شعر بي مثال آهي۔۔ ان کي چئبو آهي دل وٽان شاعري۔۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين نثار ناز سلام

    چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون
    روپ تنهنجي ساڻ ئي ساري جهان جون رونقون


    اوهان جو کيسو وڪوڙيل ڪاغذن سان نه پر بي بها موتين سان ڀريل آهي۔ جيڪي لفظن جي صورت ۾ موتي آهن۔ اوهان پنهنجو قيمتي وقت هنن لفظن کي سهڻن رنگن ۾ پوئي پيا پيش ڪيو اوهان جا لک قرب۔

    اوهان وري پنهنجي محبوب جي لاء ڇيريون پائي ڇم ڇم پيا ڪريو۔ اوهان جو سڄڻ لڳي ٿو پرائي مان پنهنجو ٿي ويندو۔ معشوقن کي مڃائڻ لاء ته ڦيرڙي پايان ڪِنَ ڇير ڇمڪايان جهڙا ڪلام ڳايا ويا جيڪي امر ٿي ويا۔ اوهان به اسان لاء ايڏي احترام وارا آيو۔

    قمر شهباز جو شعر ونڊ ڪرڻ چاهيندس جنهن ۾ هو چند کي به محبوب جو پاڇولو پيو سڏي. هي شعر مان اوهان کي پيو ارپيان :

    تون چنڊ کي چنڊ مڃين به ته ڇا،
    هيءُ چنڊ ته تنهنجو پاڇو آ؛
    تون جوت کي جوت چوين به ته ڇا،
    هر جلوو تنهنجو پرتؤ آ.
    مون تنهنجي ڇڪ ڇهاءُ پسي،
    اڄ ڪشتي ڪُنَ ۾ لاٿي آ،
    ۽ تنهنجي سڪ سنيهه ڏسي،
    مون جيءَ ۾ جهاتي پاتي آ
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين تمام پيارو ونڊ آهي.
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    پيارا مست تون خود زبردست آهين ان ڪري ئي منهنجي شاعري سدائين توکي زبردست لڳندي آهي، ادا منهنجي لا ايترو ڪافي آهي جو تون پنهنجون پُرخلوص همت افزايون سدائين مون مٿان نڇاور ڪندو آهين، باقي اقتباسات کي ڪير ٿو پڇي، تو منهنجي هر شعر کي بي مثال چيو مطلب ته مان پاس ٿِي ويس، هڪڙي وڏي مهرباني اها ته تو منهنجي هن شاعري کي دل وٽان شاعري چيو۔ لک لائق مٺا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    محترم سليمان وساڻ تنهنجي مهرباني جو منهنجو هي غزل توکي وڻيو، پيارا اسان چرين ۽ ديوانن جا سُخن ائين ئي اسان جي ڦاٽل ٽُٽل کيسن ۾ وٽوڙيل سٽوڙيل هُوندا آهن، ۽ اسان جا کيسا ڦاٽندا ۽ ٽُٽندا به ان ڪري آهن جو اسان جي شاعري جي ڪاغذن جو بار جهلي ڪونه سگهندا آهن، مونکي هڪڙو اردو جو يگانو شاعر صديقي پيو ياد اچي، جنهن جو شعر ياد پيو اچي ته جس دور ۾ لُٽ جائي فقيرون ڪي ڪمائي اس دور ڪي سُلطان سي ڀُول هُئِي هي ! اهو شاعر به صفا ديوانو سندس کيسا سندس خوبصورت شاعري سان سدائين ڀريل هُوندا هُئا ، پر مٺا هن شاعر جو جڏهن ماڻهن کي لاش هٿ آيو ته ڊسمبر جي يخ ٿڌي رات ۾ بلڪل سندس کيسي ۾ پيل وٽوڙيل سٽوڙيل ڪاغذن جيان سندس لاش ٺٺريل سُڪڙيل، نه سندس مٿان ڪا چادر هُئي پر سندس اکيون به کُليل جُون کُليل هُيون۔ بس دوست اهي توهان جون ذره نوازيون آهن جو اسان جي لکڻين کي توهان موتين سان مشابهه ڪريو ٿا، ۽ اسان جون همت افزايون ڪريو ٿا۔ سائين قمبرشهباز مرحوم جا خوبصور شعر ونڊ ڪرڻ تي توهان جو انتهائي ٿورائتو آهيان۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    ادا رياض گلال تنهنجا ٿورا ۔
     
  10. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهو رتوتان چانديون۔

    ادا اوهان جو خيال ته ڏاڍو زبردست آهي۔ مونکي هڪ شيءِ جي ڪمي محسوس ٿي۔ اها، اها آهي ته هن ۾ ڪافيو (وِٺون، وِجهون، لکون ۽ نچون) آهن۔ ڪجه زبر سان ته ڪي وري زير سان ڪافيه آهن۔ پر جيڪڏهن سڀ ڪافيا زبر سان يا سڀ ڪافيا زير سان هجن ها ته ڀلو هيو۔ ناراض نه ٿيجو اهو منهنجو خيال آهي جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو۔ مهرباني۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    پيارا واحد تون به پنهنجي جا تي سهي آهين پر جاني مان به پنهنجي جا تي سهي آهيان، توهان منهنجي هن ڪافئي کي ، و ٺُون ل کُون رونَ قُون وجُهون هه ڻُون ۽ آخري ڪافئي ن چُون ڳاڙهن نشانن وارن ڪافين جي پس منظر ۾ غور ڪري ڏسو، پيش کان وٺي نُونِ غنان تائين توهان کي هڪجهڙو هم آواز، بيلينسنڊ نظر ايندو، ان هوندي به مٺا تنهنجي مهرباني جو اسان جي هن غريباڻي شاعري تي ڪجهه اصلاح ڀريا نقطا توهان پنهنجي سمجهه مطابق ونڊيا لک لائق سائين ۔ هن غزل ۾ هڪڙي واضح ٽيڪنيڪلي غلطي آهي جنهن جي جيڪڏهن توهان نشاندهي ڪريو ها ته اصل مون تي قرب ٿِي وڃن ها،جيئن ته منهنجي هن غزل ۾ ٽي فاعلاتن ۽ هڪ فاعلن آهي، مطلع جي ٻي سٽ ڏسو، آخري لفظن تي غور ڪريو نظمن مٿان نظم لکون
    ان ۾ هڪڙو رُڪن کُٽل آهي جيڪو مون ڄاڻي ٻُجهي غلط لکيو آهي اهو به انهي ڪري جو جيڪڏهن مان نظمن مٿان نظمون لکون لکان ها ته سنڌي گرامر سان هٿ چُراند ڪري وهي رهان ها، سنڌي ٻوليءَ ۾ حرف جمع ۾ ڪتابون، يا نظمون ڪونه لکبيون ڪتاب جي جمع صرف ڪتابَ ٿيندا، اهڙي ريت نظم جي جمع نظمَ ٿيندا. انهيءَ ڪري گهڻي ڪوشش ڪيم ته نظم ۾ ڪو شَدَ وارو اظافي بار رکي جاني دو ڪري ڇڏيان پر نظمَ ۾ شَدَ ٺهي ئي ڪانه ٿِي. مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جو اسان جا سنڌي شاعر دوست اهڙين ڳالهين جي نشان دهي ڪن ته جيئن مون جهڙي سيکڙاٽ ۽ ٽي درجي وارن شاعرن کان وٺي عام سنڌي ماڻهو به ان مان لاڀ حاصل ڪري سگهن.
     
  12. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    سائين نثار صاحب مان به انهي چئو واٽي تي اچي بيٺو آهيان ته ڪڏهن واهان هيٺئين سٽ ۾ ٿورو ڦير ڦار ڪيو ها ته ڪري پيا سگهو پر اوهان ائين ڪون ڪيو (غلطي جي معافي) ڇو۔انهي سٽ کي مٽائڻ لا ڪيترائي ڪفيا آهن
    سائين منهنجي خيال ۾ اوهانجو جيڪو غزل آهي ان هي وزن آهي
    فاعلاتن فاعلاتن فاعلاتن فاعلن
    انتهائي هو ضروري آڱرين کان ڪم وٺون
    گيت تنهنجي سونهن جا هر هر لکي هرهر لکون
     
  13. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون
    واه واه نثار صاحب شاندار خيال
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: چنڊ جهڙا او پرين سڀ گهور توتان چاندنيون (غزل) نثاراحمدناز

    [justify]ادا جاويد نواز جي مهرباني جو هُن منهنجي هن غزل جي مطلعي جي ٻي سٽ کي بيلنسڊ ٺاهيو ۽ وزن جي حساب سان تمام سهڻو بيهاري ڇڏيو، اهي سندس ٿورا وسارڻ جهڙا ڪونه آهن پر ٻي سٽ ۾ منهنجي نشان ٿيل لفظن هر هرکي ٻن دفعي دُهرايو ويو آهي۔ خير پو به تمام سُهڻو ٿي ويو منهنجو نظم۔ لک لائق۔[/justify]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو