• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سُر آسا ۾ شاهه سائين نيڻن جون ڇانه خوبصورت ڳالهيون ڪيون آهن !

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ، جيئي لطيف۔
دوستو شاهه سائين فرمائي ٿو ته
ديکُ مَ تون سين تَن، هِي جا مَجازياڻيُون مُنهَن ۾،
ڪِينَ نه سُڃاتو سُپِريِن، نهاري نيڻن ،
پِرين سي پسن ، ٻئي جِنِين ٻُوٽِيُون !! (شاه سائين)​
سائين منهنجا اهي نيڻ ئي آهن جن جي ذريعي ڪنهن پرين جي دل ۾ اجازت سان يا بنا اجازت، گهڙِي وڃبو آهي۔ شال جيئي اسان جو لاکيڻو لطيف جو پنهنجي سُر آسا ۾ ايترو ته نيڻن، اکڙين کي ساراهيو اٿس جو اسان جهڙا مجازي شاعر، گهڻو ڪجهه اتان لاڀ حاصل ڪندا آهيون، نه صرف لاڀ پر، محبتن جا سوين سُرورَ به ،
شاهه سائين جو هڪڙو خوبصورت ٻيو بيت به ياد پيو اچيم ته
اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا،
ڳلن تان ڳوڙهن جون بوندون بس نه ڪن،
سنديئي سِڪَ پِرِيَنِ لوڪَ ڏٺي ئِي نه لهي ! (شاه سائين)​
دوستو شاهه سائين جي سُر آسا مان هڪڙو اهڙو ته بيت اکڙين جو توهان سان ونڊ ٿو ڪريان جنهن ۾ شاهه سائين مجاز جي انتهائي گهرائين ۾ ويو آهي هڪڙي وڻندڙ چتر ڪاري سميت۔ دوستو لاکيڻو لطيف قسم سان اسان مجاز جي مارين جو ڀرجهلو آهي۔

Aasa.png
 
جواب: سُر آسا ۾ شاهه سائين نيڻن جون ڇانه خوبصورت ڳالهيون ڪيون آهن !

سائين نثار ناز سلام

اوهان جا ٿورا جو لطيف سرڪار جي جي سُر آسا مان بهترين چونڊ بهترين ڊزائن سان اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔ سُر آسا ۾ نيڻن ۽ اکڙين جي ڳاله ته لطيف سائين بار بار ڪئي آهي۔

اُڀِرَنۡدي ئِي سِجِ، پِرِين جي نه پَسَندِيُون؛
ڪَڍِي ٻيئِي ڏِجِ، اَکَڙِيُون ڪانگَنِ کي

يا وري ٻئي هنڌ ساڳي ئي سُر ۾ لطيف سائين پيو فرمائي:

وَسَنِ ۽ وَهسَنِ، ڏيهاڙِي ڏِسَڻَ لَاءِ؛
ڏِسِي ڏِسِي آئِيُون، توءِ تَلاشُون ڪَنِ؛
ڍاپِيو نه ڍاپَنِ، پَسَڻَ مَنجھان پِرِينءَ جي

يا وري

اَکِيُنِ پَنهَنجِي مَتِ، پاڻَ سين پاڻَهِين ڪَئِي؛
اُتي وَڃِي لَڳِـيُون، جِتي جانِ کَـپَتِ؛
نَه ڪا ڳالِھ نه ڳَتِ، جِيَّ ڏِني رِءَ نه جُڙي

نيڻن کي ڪير ٿو روڪي سگهي ڪي هتي نه ڏسو يا هتي نه اڙو
 
جواب: سُر آسا ۾ شاهه سائين نيڻن جون ڇانه خوبصورت ڳالهيون ڪيون آهن !

تمام زبردست ڊزائينگ آهي شاه سائين هميشه سچ چيو آهي
 
جواب: سُر آسا ۾ شاهه سائين نيڻن جون ڇانه خوبصورت ڳالهيون ڪيون آهن !

هڪ هنڌ مون شاهه سائينءَ جو هڪ بيت پڙهيو هو صحيح ياد ناهي پر ڪجهه هن طرح سان هو ته؛
مونکي اکڙين وڏا ٿورا لايا، جي کڻان کر سامهون ته به پسن پرينءَ کي ۔۔۔ (ڪنهن دوست کي اهو بيت ياد هجي ته اصلاح ڪري)

حرم پاڪ ۾ مولانه مڪي تقرير ڪندي چيو هو ته انسان جون اکيون دل جون ڳڙکيون ٿين ٿيون ۔۔۔ ڀل دروازا بند به ڪريو پر جي اکيون کليل هونديون ته دل تائين پهچڻ آسان آهي ۔۔۔

هر شاعر اکين تي ڳايو آهي پر لطيف سڳوري ته اکڙين کي تمام گهڻو ڳايو آهي ۔۔۔ ڇونه اکين جي اهميت انسان جي جسم ۾ تمام اهم آهي، آءُ ته چوندو آهيان ته صحيح معني ۾ معزور اهو ماڻهون آهي جنهن جون اکيون نه هجن ۔۔۔

هونءَ ته اکڙين تي ٻيا به گهڻا شعر آهن پر سندس هي شعر به اندر ۾ ويٺل آهي

اکڙين ۾ ٿي ويـــهه، ته آءُ واري ڍڪيــــان،
توکي نه ڏسي ڏيهه، آءُ نه پسان ڪي ٻيو۔

نثار ناز جون پيش ڪيل ڪنواريتيون اکيون به پنهنجي مٽ پاڻ آهن ۔۔۔ ۽ بيت به پر معني ۽ مجاز جي نقطن سان ڀريل آهي ۔۔۔
 
مٺا سليمان تنهنجون مهربانيون جو شاهه سائين جا ٻيا به خوبصورت بيت سُر آسان مان ونڊ ڪيا تو، بس يار شاهه سائين جا بيت هُجن سُر آسا جا بيت هُجن ۽ وري محبوبن جي نيڻن جو مستيون هُجن ته عاشقي، مستي، فقيري ۽ درويشي جا نوان باب کليو پون۔
نيرانائي نيڻَ نيئِي آڇ پريُن کي،
ستر کاڌا کيڻَ ، جُه ڏِٺو مُنهن محبوب جو !(شاهه سائين)

ڪي جو وڃي ڪالَ اکيون پَسِي آئِيون،
لالُون ڪَيُون لطيف چئي، جانب جي جمال،
ٿِيا نيڻَ نِهالَ ، جِنين دِلبَرُ ديکيو۔(شاهه سائين)​
 
جواب: سُر آسا ۾ شاهه سائين نيڻن جون ڇانه خوبصورت ڳالهيون ڪيون آهن !

تمام زبردست ڊزائينگ آهي شاه سائين هميشه سچ چيو آهي
ادا محمد رمضان منڌرا ڊزائن پسند ڪرڻ جون مهربانيون، بيشڪ لطيف سائين جي بيتن ۾ سدائين روشنين سان ڀريل سچايون آهن۔ ڪنهن شاعر ڇا خوب چيو آهي ته !
حق سچ جو نالو لطيف !
 
جواب: سُر آسا ۾ شاهه سائين نيڻن جون ڇانه خوبصورت ڳالهيون ڪيون آهن !

هڪ هنڌ مون شاهه سائينءَ جو هڪ بيت پڙهيو هو صحيح ياد ناهي پر ڪجهه هن طرح سان هو ته؛
مونکي اکڙين وڏا ٿورا لايا، جي کڻان کر سامهون ته به پسن پرينءَ کي ۔۔۔ (ڪنهن دوست کي اهو بيت ياد هجي ته اصلاح ڪري)

حرم پاڪ ۾ مولانه مڪي تقرير ڪندي چيو هو ته انسان جون اکيون دل جون ڳڙکيون ٿين ٿيون ۔۔۔ ڀل دروازا بند به ڪريو پر جي اکيون کليل هونديون ته دل تائين پهچڻ آسان آهي ۔۔۔

هر شاعر اکين تي ڳايو آهي پر لطيف سڳوري ته اکڙين کي تمام گهڻو ڳايو آهي ۔۔۔ ڇونه اکين جي اهميت انسان جي جسم ۾ تمام اهم آهي، آءُ ته چوندو آهيان ته صحيح معني ۾ معزور اهو ماڻهون آهي جنهن جون اکيون نه هجن ۔۔۔

هونءَ ته اکڙين تي ٻيا به گهڻا شعر آهن پر سندس هي شعر به اندر ۾ ويٺل آهي

اکڙين ۾ ٿي ويـــهه، ته آءُ واري ڍڪيــــان،
توکي نه ڏسي ڏيهه، آءُ نه پسان ڪي ٻيو۔

نثار ناز جون پيش ڪيل ڪنواريتيون اکيون به پنهنجي مٽ پاڻ آهن ۔۔۔ ۽ بيت به پر معني ۽ مجاز جي نقطن سان ڀريل آهي ۔۔۔
جي ادا نثار ڪنواريتيون اکيون صرف انهي ڪري هت پيش ڪيم جو لطيف سائين جي مجاز سان ٽمٽار بيت کي انهي ڪنواريتين اکين سان مشابهت ڪرڻ کان سوا مون وٽ ٻيو ڪو چارو ڪونه هو، پيارا نثار مجبوري آهي جو ان بيت جي جيڪڏهن مجازي ۽ لغوي تشريح ڪندس ته زماني جون آڱريون منهنجي مٿان کڄي وينديون، وڏي آس هُيام ته سائين جي هن بيت جي ڪو سنڌي ڏاهو، تشريح ڪندو، مجاز سان گڏ روحاني اپٽار ڪندو پر ، ڪو دوست اڳيان ڪونه آيو۔ جو لطيف سائين پنهنجي پرين کي اندر جي عضبن، تن سان گڏ انگن جي آڇڻ ۽ گڏو گڏ دل ۽ قلب کي قربان ڪرڻ‌ جي ڳالهه به ڪري پيو، آخر ۾ لاکيڻو لطيف ايترو ته مجاز جي اونهائي ۾ ويو آهي جو پنهنجي هِنئِين ۽ اکين کي محبوبن جي ڪري ڦاهي کائڻ جي ڳالهه به ڪري وڌي اٿس۔ اسان ته عقل کان وڏا صفا ڍڳا، زماني جي مجاز جا پيروڪار شاهه سائين جي هن بيت تي صرف ٿڌيون آهون ۽ عش عش کان سوا الاڙي ڪجهه به نٿا ڪري سگهون۔
سِڪَ سِڪائِي سِڪُ، سِڪَ نه آهي سُٿرِي !
لِڪَ لِڪوٽِي لِڪُ، ته کَرَنِ خَبَرَ نه ٿِئي !

خَبَرَ ٿِي کَرَنِ کي ته مُون کي ڪَندا ڪوهُ،
صُورت سُپيريان جي، ڏِٺي ڪونهي ڏوهُ،
لُوري لڳم لوهُ، جَنهين رَتُ رُئاڙيو !

کَرَ خراب ٿِئين ، هيا ! هَچارا !
پُورايَئِي پَرِيُنِ جا ، چؤڌارِي چارا،
مَرِين مُنهن ڪارا ! سَڙِي انهيءَ سُورَ ۾ !​

شاهه سائين جا اهي بيت جن ۾ کَرَن جو ذڪر آهي مونکي تمام پيارا لڳندا آهن، خاص ڪري مرين مُنهن ڪارا ، سڙي انهيءَ سُورَ ۾ ته شاهه سائين ڪمال ڪري ڇڏيو آهي! تنهنجا لک ٿورا جو اسان سان قرب ونڊيندو آهين پنهنجي خوبصورت ترين ڪامينٽس جي ذريعي ۔ لک لائق۔
 
Back
Top