1۔ سياڻا ماڻهون پنهنجي ذهن کي کليل رکندا آهن پر بيعقل نه ۔۔۔ 2۔ سياڻا ماڻهون سوالن کي ور ور ڪري جاچيندا آهن ته جيئن ان سوال تي روشني وجهي سگهن ۽ ان سوال جي جواب ۾ پنهنجي ذهن ۾ تبديلي آڻيندا آهن پر بيعقل ان سوال کي صرف هڪ ئي نقطئه نگاهه سان ڏسندا آهن انڪري هو ڪڏهن به پنهنجا خيال تبديل نه ڪري سگهندا آهن۔ 3۔ ڪامياب ماڻهون هر هر ڪرندا آهن پر ڪڏهن به ناڪامياب ناهن ٿيندا ۔۔۔ 4۔ شروع شروع ۾ هر ڪم ۾ ڏکيائي هوندي آهي، پر جڏهن اسين ان ڏکيائي سان مانوس ٿي ويندا آهيون ته اهي ڏکيائون به آسان ٿي پونديون آهن۔ 5۔ سجاڳ ۽ قبول ڪندڙ ذهن لئه ڪا به شئي ڏکي ناهي هوندي، ڏکيائي هميشه تڏهن ٿيندي آهي جڏهن اسين ڪنهن شئي کي بي دليو قبول ڪندا آهيون، پر جي اسين ڪنهن به مشڪل کي دل سان قبول ڪنداسون ته مشڪل به آسان ٿي پوندي آهي ۔۔۔ ************** نوٽ؛ هي سهڻا ٻول مون هڪ عربي اسڪول جي ڪتابڙي مان کنيا آهن ۔۔۔ جيئن ته ڪجهه چوڻيون يا سهڻا ٻول ايترا عام ٿي ويندا آهن جو انهن جي چوڻ وارن جا نالا غائب ٿي ويندا آهن ۔۔۔
جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول مهرباني سائين نثار اوهان بهترين ڏاهپ جون ڳالهيون اسان سان ونڊ ڪيون۔ چڱيون ڳالهيون ۽ سٺيو عادتون ڪٿان به سکجن ته پاڻ لاء ئي فائديمند رهنديون آهن۔ پر ڳاله آهي ان تي عمل ڪرڻ جي۔ انسان تڏهن ئي ڪامياب ٿيندو جڏهن ڏاهپ وارين ڳالهين تي عمل ڪري۔ اوهان جا ٿورا جو اوهان هي بهترين ونڊ اسان سان ڪيو۔
جواب: ڏاهپ ڀريا ٻول تمام بهترين قول آهن سائين واقعي به لاجواب شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان کي مبارڪون هجن سدائين گڏ