سائين عشق ۽ محبت جي ابتدا نيڻن کان ٿيندي آهي ان ڪري انهن تي الزام آيو ته خير آ :
شاه سائين جو هي شعر عرض ڪجي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
[/img]![]()
سائين نثار ابڙو!۔۔۔ اوهان سنڌ جي بهترين شاعر شمشير الحيدري جو هي شعر ونڊڪري بهترين موضوع کوليو آهي۔۔
عاشق هجي يا وري ڪو شاعر، پر سندس نظر ۾پرينءَ جي نيڻن جي وڏي اهميت هوندي آهي، نيڻ ئي سندس ڪاوڙ ظاهر ڪندا آهن، نيڻ ئي سندس پيار ظاهر ڪندا آهن، سندس شڪوو شڪايت، سندس دل جو حال سڀ ڪجهه نيڻن مان ڄاڻي سگهجي ٿو۔۔۔
تڏهن ته مست چوي ٿو۔۔
نـــيڻ تنهنجا سڄڻ، ٿا گهڻو ڪجهه چون،
نـــيڻ تنهنجا ته دل کي ڪهيو ٿا ڪهن،
تنهنجي دل جي ڪٿا کي ٿو سمجهي پوان،
نــيڻ تــنهنجا جو منهنجي نـــظر سان مــلن۔
مون ته سمجهيو فقط مست گـهايل آهي،
نـــيڻ تــنهنجا به تـنهنجي تڙپ پيا ڏســــن۔
مطلب ته نيڻن جو موضوع شاعر جي دل وٽان هوندو آهي۔۔۔
خاص ڪري نثار جي مهرباني جو جتي به آهن ته ڪچهري کي قائم ٿا ڪري وٺن پو اها سنڌ سلامت هجي يا سچل ڳوٺ هجي۔
اکين جي ڳاله نڪتي آهي جيڪا سنڌ جي هڪ سهڻي شاعري شمشير الحيدري جي شاعري سان ته مان به شيخ اياز جو هڪ شعر واڌارو ڪندس
سيرون ڪيون ساھ ۾، لڳي تنھنجي لھر،
نيڻين وھي نھر، ڳاتم تنھنجون ڳالھڙيون
يار مست! تو وارو اهو نيڻن تي چيل گيت به اصل ٽاهوڪو آهي،
گهرائي ۽ سادن لفظن جو استعمال،
اصل ۾ ڪري وڌو اٿي ڪمال،
ڏسجي پيو اوهانجي اندر جو جمال۔
بيشڪ دوست! اکڙين جو ذڪر يا نيڻن جو ذڪر ايندي ئي ماڻهون مست ٿيو وڃي، هاڻ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته اوهان پنهنجو تخلص مست ڇو رکيو آهي ۔۔۔؟
مون ته سمجهيو فقط مست گـهايل آهي،
نـــيڻ تــنهنجا به تـنهنجي تڙپ پيا ڏســــن۔