ويسر ڇو ٿيندي آهي؟ ڊاڪٽر علي اڪبر ڀنڊ اڄڪلهه ته هر ڪو ننڍو توڙي وڏو دماغ جي ڪمزوري يا ويساري جي شڪايت ڪندي نظر ايندو. حقيقت ۾ اها شڪايت چاليهه يا پنجاهه سالن جي عمر جي ماڻهن ۾ عام طور تي ذهني پريشانين ۽ سوچڻ جي ڪري ٿئي ٿي پر ستر کان اسي سالن جي ڄمار ۾ اها وري عمر جي وڌي وڃڻ ڪري دماغي ڪمزوري سبب ٿئي ٿي. جنهن کي طب جي زبان ۾ (Senile Dementia) چئبو آهي. انهيءَ ڪري ته سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”بابا اسي مت کسي“ ڇا لاءِ جو انساني جسم ۾ ٻه قسمن جا اهڙا ريشا آهن جيڪي عمر جي وڌڻ سبب گهٽجڻ شروع ٿي ويندا آهن انهن ۾ هڪ ته گوشت جا ريشا ۽ ٻيو وري دماغ جا جيو گهرڙا. هاڻي اهو ڏسجي ته اهي تبديليون انهن جيو گهرڙن ۾ اچن ڇو ٿيون؟ عمر جي وڌڻ سان جسم تي خاص تبديليون نظر اينديون آهن جن کي اڃا تائين ڪير به روڪي نٿو سگهي اهو سڄو عمل جسم ۾ موجود هڪ حياتياتي گهڙيال هجڻ ڪري ٿئي ٿو، جنهن کي (Biological Clock) چئبو آهي. جيئن ئي عمر وڌندي آهي جسم جي واڌ رڪجي وڃي ٿي. منهن تي گهنج پئجي وڃن ٿا. وار اڇا ٿيڻ شروع ٿين ٿا. مردانه ڪمزوري ۽ ويسارپ جو مرض شروع ٿيو وڃي ٿو. هي عمل هر ماڻهو جي مشاهدي ۾ اچي ٿو جيڪو 30 سالن کان شروع ٿي 75 سالن جي عمر ۾ پنهنجي عروج تي پهچي ٿو. پوڙها ماڻهو آهستي آهستي ڏڪي ڏڪي هلن ٿا. آواز جيڻو ٿئي ٿو ۽ هٿ ڏڪڻ شروع ٿين ٿا. اهي ڳالهيون هزارين سالن کان وٺي انسانن ۾ ڏٺيون ويون آهن. جيئن ته قديم يوناني ڏاهي ارسطو مطابق ”پوڙها وري ٻار ٿي پون ٿا“ دماغ تي پوڙهائپ جون نشانيون هن طرح سان ٿين ٿيون مثلن حواس خمصه جو ڪمزور ٿيڻ، ٻڌڻ، سمجهڻ، ڪم ڪرڻ جي صلاحيت، يادگيري، فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ برداشت جي قوت جو گهٽجي وڃڻ. هي نشانيون 40 سالن جي عمر کان شروع ٿي 80 سالن جي عمر تي پنهنجي عروج تي پهچن ٿيون. دماغ جو وزن جواني ۾ اٽڪل 1375 گرام ٿئي ٿو. جيڪو 70 سالن جي عمر ۾ گهٽجي 1232 گرام ٿئي ٿو ائين اٽڪل 150 گرام دماغ ڳري وڃي ٿو. ائين به نه آهي ته هر ماڻهو ۾ اهي سڀ نشانيون موجود هجن يا دماغي ڪمزوري هر ماڻهو ۾ ٿئي، بهرحال ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن جو دماغ 120 سالن تائين به تندرست ۽ صحيح ڪم ڪندي ڏٺو ويو آهي. جيئن مشهور سائنسدان گليلو پنهنجي تحقيق جو ڪم ئي 80 سالن جي ڄمار کان پوءِ شروع ڪيو. حيرت انگيز طور تي دماغ جي ڪمزوري جابلو علائقن جي رهڻ وارن ماڻهن ۾ گهٽ ڏٺي وئي آهي. جيئن ڪشمير ۽ پيرو ملڪ جي پهاڙي علائقن جي ماڻهن جون عمريون ته 120 سالن تائين پهچيو وڃن ۽ سندن دماغ به صحيح ڪم ڪندي ڏٺو ويو آهي. هاڻي اهو ڏسجي ته ويسر جي بيماري دراصل ڇا آهي ۽ ڪهڙي عمر ۾ شروع ٿئي ٿي. ويسر جي بيماري جا ٻه وڏا قسم آهن. هڪ ته پوڙهائپ کان اڳ واري دماغي ڪمزوري ۽ ٻيو پوڙهائپ شروع ٿيڻ واري دماغي ڪمزوري دماغ تي جيڪڏهن ڪجهه مخصوص قسم جي جراثيمن جو حملو ٿئي تڏهن به دماغي ڪمزوري ۽ ويسارپ جو مرض لاحق ٿي ويندو. هي جراثيم اڪثر ڪري بيمار جانورن جو گوشت واپرائڻ يا انهن جو دماغ استعمال ڪرڻ سان دماغ تي حمله آور ٿين ٿا ۽ ان کي مفلوج بڻائي ڇڏين ٿا. ان ۾ خاص طور تي ٻڪرين ۽ رڍن ۾ کر ۽ مهاڙي واري بيماري جنهن کي طب جي زبان ۾ (Sheep Scrapei Disease) چئبو آهي جنهن ۾ ٻڪرين ۽ رڍن جي منهن ۽ کرن تي ماتا جهڙا ڊامڪا ٿي پوندا آهن ۽ جانور کائڻ پيئڻ ۽ هلڻ کان لاچار ٿي پوندو آهي. نوجوان جيڪڏهن گهڻي نشي واريون دوائون شراب يا تماڪ جو استعمال ڪن تڏهن به دماغ ڪمزور ٿي پوندو آهي ۽ ويسارپ ٿيندي آهي
جواب: ويسر ڇو ٿيندي آهي؟ ادا ممتاز تمام سٺو معلوماتي مضمون آهي اوهان جي مهرباني جو اوهان اهڙي معلومات اسان سان شيئر ڪئي.
جواب: ويسر ڇو ٿيندي آهي؟ ويسر بابت معلومات پڙهي پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪيو پر ان ويسر جي بيماري مان جان ڪئين ڇڏرائجي ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ سدائين گڏ