پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي مانَ ۾ ڏنل آجياڻو رپورٽ: علي محمد ميمڻ مشهور تعليمي ماهر، ڪراچي يونيورسٽي ۾ قائم شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي اڳوڻي ڊائريڪٽر پروفيسر محمد سليم ميمڻ کي ڪراچي يونيورسٽي ۾ آرٽس فئڪلٽي جي ڊين جي اهم عهدي تي ترقي ملڻ ۽ سنڌ لاءِ سندس ڪيل خدمتن جي مڃتا طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ شاخ پاران تاريخ 25 فيبروري تي سندس مان ۾ روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ تعليمي ماهرن، سينيئر سرڪاري آفيسرن، سگا جي مرڪزي عهديدارن، پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي دوستن، مداحن ۽ شاگردن کانسواءِ سچل ڳوٺ واسين، روشن تارا اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان سادي مگر پروقار تقريب ۾ معزز مهمان محمد سليم ميمڻ پنهنجي گهر واري محترمه شبنم موتي جنرل سيڪريٽري سگا خواتين شاخ ڪراچي سان مقرر وقت تي پهچي اسانجي نوجوانن کي اهو پيغام ڏنو ته مهذب قومون ۽ فرد وقت جي پابنديءَ کي ڪيڏي نه اهميت ڏين ٿا. سانجهي نماز کان پوءِ تقريب جي باقاعدي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن جي سعادت روشن تارا اسڪول جي شاگردياڻي سعيده ميمڻ حاصل ڪئي. تقريرون شروع ٿيڻ کان اڳ پروفيسر محمد سليم ميمڻ، سندس گهرواري، اڳوڻي صوبائي وزير روينيو ۽ صحت جناب عبدالحڪيم بلوچ، سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو سنڌ جي عهدي تان تازو رٽائر ٿيندڙ اشفاق احمد ميمڻ کانسواءِ سگا مرڪز جي عهديدارن کي گلدستا پيش ڪيا ويا. سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب ۽ سگا سميت مختلف پليٽ فارمن تان سنڌي سماج لاءِ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي خدمتن بابت ڳالهائڻ لاءِ سڀ کان پهرين سچل ڳوٺ جي نامور سماجي اڳواڻ، يونين ڪائونسل 12 جي نائب ناظم ۽ سگا سچل ڳوٺ جي وائس چيئرمين تاج محمد وساڻ کي سڏيو ويو جنهن سچل ڳوٺ قائم ٿيڻ جي پسمنظر ۽ هن ڳوٺ کي سنڌ صوبي جي هڪ ماڊل وسندي طور آباد ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل جدوجهد تي تفصيلي روشني وجهندي چيو هن ڳوٺ جي تعليمي ادارن مان فارغ ٿيل نوجوان هاڻي انهن تعليمي ادارن جو رخ ڪري رهيا آهن ۽ اتي کين داخلائن جا ڪجهه مسئلا درپيش آهن جن لاءِ پروفيسر محترم محمد سليم ڀرپور سهڪار ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي ڊين جهڙي اهم عهدي تي مقرر ٿيڻ کانپوءِ هو سنڌي شاگردن کي داخلائن جي حوالي سان پيش ايندڙ مسئلن ۽ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪندو. ان کانپوءِ سچل ڳوٺ ڊولپمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين محترم ربنواز ڀٽو، سگا جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل محترم ولي محمد روشن، مرڪزي وائس چيئرمين محترم رفيق احمد جعفري، ريڊيو پاڪستان ڪراچي اسٽيشن جي اڳوڻي نيوز ڊائريڪٽر نثار احمد ميمڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ پروفيسر محمد سليم ميمڻ جي شخصيت، سنڌي ٻولي، ادب ۽ سنڌي سماج لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي. محترم ربنواز ڀٽو ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائڻ تي محترم سليم ميمڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. ولي محمد روشن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ فوجي آمر جڏهن سگا تي پابندي مڙهي تڏهن پروفيسر محمد سليم ميمڻ ۽ سندس ساٿين مهراڻ فائونڊيشن قائم ڪري سنڌ جي عوام لاءِ علمي ۽ سماجي خدمتن جو مشن جاري رکيو. هن چيو ته پروفيسر سليم ميمڻ پهريون سنڌي آهي جيڪو ڪراچي يونيورسٽي جي ڊين جي اهم عهدي تي پهتو آهي ۽ اهو سندس اڻ ٿڪ محنت ۽ سچائيءَ جو ئي نتيجو آهي. هن چيو ته هو سالن کان سليم ميمڻ کي سڃاڻي جڏهن اسان سڀني گڏجي سگا جي پليٽ فارم تان سنڌ واسين جي خدمت لاءِ پنهنجو مشن شروع ڪيو هو. نثار احمد ميمڻ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته هو 1970ع کان محترم محمد سليم کي سڃاڻي. هو دوستن جو دوست آهي جڏهن هو ڪنهن ڪم کي صحيح سمجهندو آهي ته هو اهو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ان جي پوئواري ڪندو رهندو آهي. هن چيو ته پروفيسر محترم محمد سليم هڪ (assertive) ماڻهو آهي ۽ کيس انتظامي معاملن جو ججهو تجربو آهي ان ڪري هو ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسانيءَ سان مسئلي جو حل ڪڍي وجهندو آهي. سگا جي مرڪزي وائس چيئرمين رفيق احمد جعفري ڳالهائيندي چيو ته سليم صاحب پنهنجي ذات ۾ خود هڪ ادارو آهي هن چيو ته منهنجو 1978ع کان محترم محمد سليم ميمڻ سان ساٿ هلندو ٿو اچي. آئون ذاتي طور سڃاڻان ته سليم صاحب هيمشه خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌندو رهيو آهي. ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي سربراهه عابد مظهر چيو ته سليم صاحب سندس استاد آهي ۽ هن کانئس گهڻو ڪجهه سکيو آهي. اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پروفيسر محترم محمد سليم ميمڻ هڪ پياري شخصيت جو مالڪ آهي ۽ هو هڪ ڊگهي جدوجهد کانپوءِ ان منزل تي پهتو آهي. هن چيو ته سنڌي قوم لاءِ سماجي ۽ تعليمي شعبن ۾ پروفيسر محترم محمد سليم جي ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. ان موقعي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي پروفيسر محمد سليم ميمڻ چيو ته هو ڪڏهن سوچيندو هو ته ڪراچي يونيورسٽي جي ڊين جو عهدو ماڻي رٽائر ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته هو اهو سمجهندو هو ته ڊين جو عهدو ماڻڻ سندس ڪيريئر جي ڄڻ هاڻي شروعات ٿي آهي. ڇاڪاڻ ته آئون سنڌ جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿو ۽ مون اهو جذبو سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر محترم محمد سليمان شيخ کان سکيو آهي. هن چيو ته اسان تي سنڌ ڌرتيءَ جو قرض آهي. ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي جو حيدرآباد منتقل ٿيڻ ۽ اتي شروعاتي دور ۾ پيش ايندڙ مسئلن جو پسمنظر بيان ڪندي، پروفيسر محمد سليم ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ دوران کيس سنڌي يونيورسٽي جي باني وائيس چانسلر مرحوم علامه آءِ آءِ قاضي کي ڏسڻ جو موقعو نصيب ٿيو ۽ هو علامه جي شخصيت کان بيحد متاثر ٿيو ۽ دل ئي دل ۾ علامه ٿيڻ جو خواب ڏٺو جنهن جي ساڀيان لاءِ هن ڊگهو عرصو جدوجهد ڪئي. ان موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت ۾ تقرير ڪندي بورڊ آف روينيو سنڌ جي اڳوڻي سينئر ميمبر ۽ مشهور سماج سڌارڪ اشفاق احمد ميمڻ چيو ته سليم صاحب کي ان اهم منزل تي ڪنهن نوازيو نه پر هو ڊگهي ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ پهتو آهي جيڪو سندس حق ٿئي ٿو. هن چيو ته سليم صاحب ان عهدي تي سنڌي ماڻهن جي جلسن يا جلوسن سبب نه پر ميرٽ سبب رسيو آهي. بشڪريه عوامي آواز