سائين محترم علي شاه، اوهان جا لک ٿورا جو هن اڱڻ تي بنا ڪنهن دعوت جي اچي پهتا، ڪيترائي ڀيرا ڪيترن ئي فورمن تي هن اوطاق بابت دوستن کي دعوت عام ڏني وئي آهي، پر افسوس جو اسانجي سنڌ ۾ انٽرنيٽ جو استعمال محدود آهي ۽ مٿان وري بجلي جي بحران ته قوم جي چيلهه ئي چٻي ڪري وڌي آهي ۔۔۔ آ ته چوندو آهيان شابس آهي انهن دوستن کي جي سنڌ ۾ رهندي، انيڪ مسئلن سان منهن ڏيندي به نيٽ تي اچنٿا ۽ سنڌيت جي پرچار ڪنٿا ۔۔۔ کين سلام هجي ۔۔۔
اوهان جو پنهنجو نالو ايترو سهڻو آهي جو انکي گمنام نه هئڻ گهرجي، انڪري آ اوهانجي طرفان ادي رشيد سمي صاحب کي عرض ڪندس ته هو اوهانجو نالو تبديل ڪري پر اوهان مهرباني ڪري اهو ڏسيو ته اوهانجو نالو صرف علي شاه هجي يا اڃان ڪو ٻيو ۔۔۔؟
اچو ڙي! ســــورن واريون، ڪــــريون ســـور پچار،
ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار،
ڏنا جـــــي ڏاتــــار، مون جهولــــي پائــــي جهليـا۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت