سائين نثار ابڙو صاحب کي مان سنڌ سلامت جو ايڊيٽر ٿيڻ تي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو ۽ ان خوشي جي موقعي تي مان سائين کي هي حقير تحفو پيش ڪري رهيو آهيان اميد آهي ته هي محبت جا گل سائين جن قبول ڪندا .
هن فورم جا ٻه مُک ڪردار، نثار احمد ناز ۽ نثار ابڙو.. صرف شاعر ۽ ڪهاڻيڪار نه پر فورم کي هلائڻ ۾، ميمبرن کي متحد ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ سندن جو ڪردار سربراه وارو رهيو آهي. انهن ٻنهي جي موجودگي سان هتي ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو آهي، اسان لاءِ سائين جن معلم آهن. مون سائين وارن جي پوسٽ تي جڏهن به ڪا ڳالهه لکي آهي يا پُڇي آهي ته ان ۾ صرف منهنجي پنهنجي اصلاح ٿي آهي. ادا عظيم جو سوال پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته جڏهن اڳ ۾ ڪجهه ايڊيٽر موجود آهن ته پوءِ سائين کي ايڊيٽر بنائڻ بجاءِ انهن کي ڪجهه مٿاهون عهدو ڏيڻ گهرجي ها. ۽ هونئن به سائين نثار ابڙو کي ڪنهن عهدي جي ضرورت نه آهي، سائين اسان جي قومي، ادبي، اخلاقي، روحاني ، سماجي ۽ هر حوالي سان تربيت ۽ اصلاح ڪندا رهن ٿا.
جيڪڏهن نثار ابڙو کي ايڊيٽر ٿيڻ تي ڪو اعتراض ڪونهي ته پوءِ اسان به خوش آهيون، پر منهنجي دِلي خواهش اها هئي ته نثار ۽ نثار ارباب محفل آهن، انهن کي انهن جي علمي رُتبي جي حوالي سان رهنما قسم جو عهدو ڏنو وڃي نه ڪي ايڊيٽنگ جو ڪم.
اها راءِ منهنجي خالص ذاتي ۽ جذباتي رشتي هئڻ جي حوالي سان آهي، ان ۾ ڪنهن کي ناراض ٿيڻ نه گهرجي.
اڄ صبح آفيس ۾ گهرندي ئي روز جي عادت مطابق جڏهن سنڌ سلامت کولي ديدار ڪيو ته، ڍير ساتريون مبارڪون ۽ دوستن جا محبتي رسالا پڙهڻ ۽ ڏسڻ لاءِ گل نصيب ٿيا ...
اسانجي هن فورم تي موجود سڀ دوست انتهائي پرخلوص ۽ محبتي انسان آهن، جن وٽان اميد به اها ئي هئي ۽ آهي ته هو هر ڏکي سکي وقت ۾ هڪ ٻي کي همٿائيندا ۽ اخلاقي مدد ڪندا رهن ...
دوستو! ڪجه ڏينهن اڳ ڀاءُ رشيد حڪم ڪيو ته آءُ ڪجه وقت ڪڍي، ڪنهن هڪ اڌ حصي ۾ دوستن جي لکڻين کي ٿورو درست ڪريان يا وري ڪا غلطيءَ سان ڪا غلطي هجي ته انکي ٺيڪ ڪريان، ڇاڪاڻ ته شايد موجود ڪي ايڊيٽر دوست ڪنهن ڪم سانگي رڌل آهن ...
مون ادي رشيد جي حڪم کان ڪنڌ ڪڍرائي ڪين سگهيس، جڏهن ته منهنجي سر تي به نوڪري ۽ ٽوڪريءَ وارو بار ضرور آهي ۽ اهو به اهڙي اداري ۾ جت 24 ڪلاڪ ڪم آهي ۽ حقيقت ڄاڻو ته رات اڌ رات جو گهر مان به ويٺي گراهڪن کي منهن ڏيڻو هوندو آهي ... ڳالهه کٽائڻي ته هي ايڊيٽنگ جو ڪم ڪو ڏکيو به ڪونهي جي وقت هجي ۽ ڪجهه ٻوليءَ جي ڄاڻ هجي ۽ اداري جي اصولن جي به خبر هجي ۽ وري ڪمپيوٽر به ڪم ڪندو هجي ... ۽ ڏکيو به آهي جي انهن مٿين سهولتن مان ڪا هڪ اڌ کٽل هجي ته ...
بهرحال، ڪوشش ڪبي ته ڪي گهڙيون، دوستن جي لکڻين کي چـڱي نموني پڙهجي ۽ ڪٿي ڪا هڪ اڌ حرف ونحو جي حوالي سان غلطي هجي ته درست ڪري وٺجي ...
جيتوڻيڪ هي ڪو اعزاز ته آهي ڪونه مورڳو هڪ ذميواري آهي ۽ مون ادي رشيد کي چيو هو ته يار! جي ڪڏهن ڪنهن مصروفيت ڪري ڪٿي ڪو ليک پڙهڻ کان رهجي وڃي ته معاف ڪجو ...
سنڌ سلامت جي دوستن کي پڻ منٿ ڪبي ته هو پنهنجين لکڻين کي هڪ ٻه دفعو ور ور ڪري ڏسي وائسي موڪلن ته ڪيتري حد تائين ايڊيٽنگ جي ضرورت به شايد نه پوندي ...
آءُ ٿورائتو آهيان اوهان سڀني دوستن جو جن اهڙن سٺن (۽ ممڪن حد تائين منهنجي حيثيت کان به گهڻن وڏڻ لفظن سان) پڪاريو آهي ...
ٿورائتو آهيان ادي رشيد ۽ ڀاءُ نثار ناز جو، جو هو هر وقت رهنمائي ۽ همٿ افزائي ڪندا رهنٿا ...
ٿورائتو اوهانجي پيار ۽ خلوص جو ....
ادي علي علي ڪجه ڏينهن اڳ هڪ گيت موڪليو هو ادي عابده جي آواز ۾
ميرا خاموش رهه ڪر بهي، سب ڪڇ سنا دينا
زبان سي ڪڇ نه ڪهنا بس آنسو بها دينا ..
hall chari
نهايت تعجب ٰ! جي ڳاله آهي خود ايڊيٽر کي خبر نه آهي هن فورم جي ڪهڙي آهي انهن جا افراد ڪهڙا آهن
مان فقط پنهجي معلومات خاطر پڇان ٿو مان پاڻ انهي توهان واري ڳاله مطابق انهي جذبي سان هن فورم تي اچان ٿو .
ناراض نه ٿيندا .
khil sahi
ادا نثار ابڙو جن درست فرمايو ته سنڌ سلامت فورم تي ايڊيٽر ٿيڻ ڪو اعزاز ته نه آهي پر هڪ ذميداري آهي ... مان سندن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن اهڙي ذميداري نڀائڻ لاءِ حامي ڀري...
جيتري قدر ادا عظيم جو سوال آهي ته ان جي جواب ۾ مان اهو چوندس ته انٽرنيٽ تي فورم هڪ سائبر اوطاق وانگر هوندو آهي جيڪو هر وقت کليل ۽ هر ماڻهون کي اچڻ لاءِ دعوت ڏيندو آهي...
هتي انتهائي قابل، محنتي ۽ ڄاڻو ماڻهون اچي پنهنجي ڄاڻ بهتر نموني بغير ڪنهن غلطي يا ڪنهن دوست جي دل آزاري جي ونڊيندا آهي پر ان جو مقصد اهو به نه هوندو آهي ته فورم صرف اهڙن ماڻهن لاءِ هجي پر هر ان ماڻهون کي به فورم تي دعوت هوندي آهي جيڪو ڏنل معلومات حاصل به ڪري سگهي ۽ موٽ ۾ پنهنجي وس آهر جواب، تنقيد ۽ رايا پڻ موڪلي سگهي...
انٽرنيٽ تي سنڌي فورمن جي تمام گهڻي گهٽتائي آهي ان جو گهڻو سبب انگريزن جو ڏنل ڪي بورڊ آهي جنهن تي ڪو به سنڌي اکر لکيل نه هوندو آهي... نتيجي طور تي فورم تي ايندڙ ڪيترائي ميمبر نه صرف صورتخطي جون غلطيون ڪندا آهن پر پنهنجن خيالن کي لفظن جو روپ ڏيڻ ۾ به گهٽ ڪامياب ٿيندا آهن... ۽ انٽرنيٽ فورم جيئن ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڏٺو ويندو آهي ان ڪري انتظاميه جي اها ذميداري ٿي ٿئي ته هو پنهنجي مٺڙي سنڌي ٻولي جي لفظن کي درست حالت ۾ دنيا تائين پهچائي...
گهڻي قدر اها ذميداري فورم تي موجود ايڊيٽر جي ٿيندي آهي ته هو فورم تي ايندڙ هر تحرير تي نظر رکي ۽ ان کي درست ڪري.... اهڙي ذميداري ڪو هڪ ماڻهون ان لاءِ پوري ڪري نه سگهندو آهي ته هو هر وقت نيٽ تي موجود نه هوندو آهي ٻيو ته فورم ڪو ادا علي علي جي ڀوري مينهن به نه آهي جو روزانو هن کي کير ڏئي.... ان لاءِ انتظاميه باقائدا هڪ ٽيم ٺاهيندي آهي جيڪا فورم تي نه صرف ايڊيٽنگ جو ڪم ڪري پر فورم کي ايندڙ نون چيلينجن ۽ جديد سافٽويئرن ۽ خواه مخواه جي سپيمز ۽ نه وڻندڙ ماڻهن جي غلط حرڪتن کان بچائي...
هوئن ته سنڌ سلامت تي ايندڙ سمورا ساٿي هاڻي سنڌي زبان کي لفظن جي روپ سان فورم تي ڳنڍڻ سکي ويا آهن ۽ ڏٺو وڃي ته سمورا دوست به ايڊيٽر آهي جو اهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي تحرير کي ته ايڊٽ ڪري ئي سگهن ٿا پر ان باوجود ڪجهه دوستن جي مٿان ٻين ساٿين جي تحريرن کي درست ڪرڻ جي اضافي ذميداري پڻ ڏني ويندي آهي... انتظاميه کي اهو حق حاصل آهي ته هو ڪنهن به رڪن کي ايڊيٽر، سپر ايڊيٽر، نائب منتظم يا منتظم بڻائي سگهي ٿي...
۽ انتظاميه جي هر ممڪن ڪوشش هوندي آهي ته سنڌ سلامت فورم تي ايندڙ سڀني رڪنن کي غلطين کان صاف ۽ وڻندڙ تحرير پهچائي ته جيئين سموري ساٿ کي بهتر نموني مقصد ۽ منزل جي طرف وٺي هلي سگهجي...
سائين رشيد صاحب
ناراض نه ٿيو مان پنهجي ڄاڻ وڌائڻ خاطر سوال پئي پڇيم باقي واقعا هتي هڪ ڄڻي جو ڪم نه آهي پر سائين مان عهدي تي اعتراض نٿو ڪيا مان به ته سائين نثار کي مبارڪباد ڏني هئي
ڀلي توهان 10 ايڊيٽر ٺاهيو مونکي ڪو اعتراض نه آهي اگر توهان جي دل آزاري ٿي هجي ته مان حقير کي معاف ڪندا .
واقعا فورم تي گهڻي انتظاميه جي ضرورت هوندي آهي ڇوته 24 ڪلاڪ ڪم آهي
سنڌ سلامت سڀني سنڌ واسين جو آهي، ۽ هي ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت ناهي، ۽ هڪ محبتن ڀريو ميدان آهي جتي سهڻا سنڌي هِت ۽ هُت جو ڳالهيون هڪٻئي سان ونڊيندا رهندا آهن باقي مٺا فورم جا منتظمين هيٺ ڏجن ٿا.
1. ادو عبدالرشيد سمون (منتظم اعلي)
2. ادو علي عباس عرف علي علي (نائب منتظم)
3. سائين نثار ناز (سپر ايڊيٽر) ٻين ايڊيٽرن جي مقابلي ۾ هن کي ڪجهه وڌيڪ حق حاصل آهن.
4. ادا نثار ابڙا (ايڊيٽر)
3. ادو مگسي (ايڊيٽر)
4. راجا عبدالوهاب قمبراڻي*.بلوچ ڀائي. يعني مان پاڻ بنفسِ نفيس.
ادا اگر ٻي ڪا معلومات گهرجي ته حڪم ڪيو.