جواب: سلام ادا سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار۔۔۔ ادا توهان جو اصلي نالو ته الائي ڇا آهي پر توهان جو نالو ”جاڳرتا” جڏهن پڙهون ٿا ته ان جي اونهي مقصد کي ڏسي دل کي لڳي ٿو ته انشاءَ الله سنڌ سلامت تي اوهان جو اسان دوستن سان سٺو وقت گذرندو۔۔۔ توهان کي گذارش آهي ته پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجو تعارف ڪرايو، ڪٿان جا آهيو! سنڌ سلامت بابت اوهان کي ڄاڻ ڪيئن پئي؟ هي محفل اوهان کي ڪيئن لڳي؟؟ ان بابت معلومات ۽ پنهنجا ويچار اسان سان ضرور ونڊ ڪجو۔۔۔ مهرباني ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ سلامت تي ڀليڪار
جواب: سلام ادا اسد مست منهنجي پاران به جاڳرتا آئي ڊي واري همراهه کي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ، دُعا آهي شال پاڻ پنهنجي خوبصورت نان جيان ساري سنڌ سلامت جي محبتي دوستن کي جاڳرتا جي باري ۾ سدائين آگاهه ڪندا رهندا۔ ۽ جاڳرتا ڦهلائيندا رهندا۔
جواب: سلام اها به خبر ناهي ته جاڳرتا ۔۔۔ مذڪر آهي يا مونث ۔۔۔ پر کيس ڀليڪار ضرور چئبي ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ جاڳرتا اسان سڀني کي دوست ڪري پڪاريو آهي ۽ دوست اهو جو نڀائي ۽ جي نه نڀائي ته ڪهڙو دوست ۔۔۔ دوست سڏائي سڀڪو، جاني زباني، ٿئي آساني، ڪم پوي ته ڪل پوي ۔۔۔ اسانجو ڪم بس ايترو آهي ۔۔۔ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ۔۔۔ ممڪن هي دوست ان ڪم ۾ اسانجو ٻانهن ٻيلي ٿئي ۔۔۔ وقت ٻڌائيندو ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ۔۔۔
جواب: سلام ادا جاڳرتا ، اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون اميد آهي ته توهان سان سٺو ساٿ گذرندو ادا اسان کي اوهان جي لکڻين جوا نتظار رهندو سدائين گڏ