مست
سينيئر رڪن
ڏُکَن جا سَتايل ، سُکَن لاءِ سِڪَن.
ڇڏي گـهر اباڻو ، ٿِيَــــا بي وطــــن.
هي مـــارو ســـُڃاڻو ته پَنهنجا آهن.
مدد لاءِ اسان جي، پَــياَ راهه تَڪَـن.
ســُـکـيا ۽ سـَـتابا وطـــن تـــي هُــئا،
ٽُــڪَــرَ لاءِ اڄ ٿا، هِي دَڙڪا جَـــهلن.
مـِـليو مـَـوت، دڙڪـا ۽ زَخَم به مليا،
مِليو ڪين هُن کي، هِي ڪَارڊ وَطن.
هي ويـلـو ته ان جي مرڻ جو نه هو،
ڇڏيو هن کي ماري، اسان جي ٿُڏَن!
هي ڪهڙو نظارو، اکين کي مِليو؟
بنا اڄ ڪَفن جي، ٿِيو ڪو دفـــن!
هِي ويـــلو تــَـماشـــو ڏســـڻ جو نه آ،
اچِي سڀ ته زخـمن، تي مـرهم رکن.
ڪئي مست ڪوشش، ڏُکَن کي لِکان
لِکي ڪينَ سگهندين، چيو هي ڏُکــن.
ڪجهه وقت اڳ هي شاعري ٻوڏ جي اچڻ بعد ڪئمپن ۾ ٿيل موتن ۽ وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ وقت زخمي ٿيندڙ ۽ گذاري ويندڙ ماروئڙن جي درد ۾ لکي هئي.. اڄ موقعو مليو ته ان کي پورو ڪري اوهان سان ونڊ پيو ڪريان.