السلام عليڪم
حق موجود
دوستو هن جهوني کي به ڪجهه پڇڻو آهي جي مدد ڪندا ته اوهان جي مهرباني جي نه ته هي جهونو ڇڙٻن ۾ ئي دم ڏئي ويندو ڇو ته اڄ مهنجي گهر هڪ جهوني آئي سو مان گهر نه هيس پوء ته مون واري ڪراڙي ۽ هن ملي ڪري مهنجي ڪمپيوٽر جي اٿل پٿل ڪئي جو بس ڪجهه نه پڇو پوء جهوني کي ڏاڍيون ڇڙٻون پيون ۔ سو ادا الله جو نالو اٿو سڀني وس وارن کي مون کي اهو ٻڌايو ته مان پهنجي ڊي اي ايف ڊرائيو کي ڪيئن لاڪ هڻان جو انهن کي ڪوبه کولي نه سگهي مون کان علاوه يا مهنجي پر ميشن کان علاوه ۔
ياد رهي ته مان ونڊوز سيون يوز ڪندو آهيان ۔ مهرباني اوهان جي اميد ته جهوني جي آهُن تي ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور رحم ايندو