نفسياتي بيمار ۽ بيماريون مقصود گل مهانگائي جي طوفان ۾ لڙهندڙ ۽ ٻڏندڙ اسان جو عوام سوالن ۽ جوابن جي ور چڙهي پنهنجو مٿو وڃائي چڪو آهي. پر سندن سوالن ۾ ڪو به اهڙو جواب ملڻ جي ڪا به اميد نظر نٿي اچي جنهن کي صحيح چئي سگهجي. اسان جي هڪ ماهر نفسيات پنهنجي هڪ تجزيئي ۾ لکيو هيو ته اسان جو عوام جيڪو گهڻو ڪري بک، بيماريءَ ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل آهي انهيءَ جي نفسياتي مريض ٿيڻ جا امڪان گهڻا آهن. مون انهيءَ نفسياتي ماهر جي توجهه ڇڪائي سوال ڪيو هو ته هي انتهاپسند تنظيمن جا خودڪش بمبار دهشت گرد، هي پسئن جي روز ۽ ڏنڊي جي طاقت تي دشمنيءَ ۽ بالا دستيءَ جي حوالي سان ماڻهو مارائيندڙ وڏيرا ۽ بااثر ماڻهو... هي ڀنگ جي لالچ ۾ ماڻهو ۽ ميراث اغوا ڪرائيندڙ پاٿاري دار ۽ هي غيرت جي نالي ۾ عورتن جو استحصال ڪندڙ، عورتن جا مٿا ڪوڙيندڙ ۽ عورتن کي بي گناهه قتل ڪندڙ ماڻهو، ذهني ۽ نفسياتي مريض نه آهن.....!؟ نفسياتي ماهر منهنجي سوال جي جواب ۾ چيو هو ته ”مون ڪنهن پراڻي تحرير ۾ پڙهيو ته چرين جا 172 (هڪ سو ٻاهتر) قسم آهن انهن ۾ اهي سڀ شامل آهن جن جي تو ڳالهه ڪئي آهي.“ وڌيڪ وضاحت ڪندي ماهر چيو هو ته هر شئي جي اڻ هوند ۽ حد کان گهڻي هوندي به ماڻهوءَ کي چريو ۽ نفسياتي مريض بڻائي وجهندي آهي. ماهر چيو هو ته گهڻي بک، گهڻو ڍئو، گهڻي سڃائي ۽ گهڻي دولت، گهڻو اوجاڳو ۽ گهڻي ننڊ، گهڻو کلڻ ۽ گهڻو روئڻ، ۽ اهڙي قسم جون سڀئي شيون تمام ٿوريون ۽ تمام گهڻيو هونديون ته اهي ٻنهي حالتن ۾ انسان جي سوچن تي ضرور اثر انداز ٿينديون آهن ۽ جڏهن انسان پنهنجي سوچن جو توازن وڃائي ويهندو آهي ته پنهنجي وس ۾ ناهي رهندو. ماهر وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ايتري قدر جو گهڻو علم يا گهڻي عبادت به انسان کي پنهنجي آپي ۾ رهڻ ناهن ڏينديون؟ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۽ مون ماهر کان تعجب ۾ پڇيو هو ته اهو وري ڪيئن...!؟ ۽ ماهر مرڪندي وراڻيو هو ته غرور ۽ لالچ ٻه اهڙيون شيون آهن جيڪي انسانيت توڙي فرشتن ٻنهي کي نفسياتي بيمارين جي طرف وٺي وينديون آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شيطان مقرب فرشتو هو پر کيس پنهنجي عبادت جي فراوانيءَ جي ڪري اهڙو غرور پيدا ٿيو جو پنهنجي مالڪ سان مقابلي جي لاءِ تيار ٿي بيٺو ۽ اهڙو ته نفسياتي مرض ۾ مبتلا ٿيو جو وري کيس مولا کان معافي وٺڻ ۽ مغفرت گهرڻ جو حيلو وسيلو ئي هٿ نه آيو. اهڙي طرح اورنگ زيب، عالمگير جي درٻاري قاضين کي جڏهن لالچ لوساٽي وڌو، تڏهن سندن ڪتابي علم بي معنيٰ ٿي ويو، ۽ علم ۽ قصد جا صاحب، نفسياتي مريض بڻجي ويا تڏهن ته سرمد غريب کي بنا ڏوهه بي علم قاضين قتل جي فتويٰ ڏئي مارايو. موضوع جي طرف موٽندي ماهر چيو هو ته اسان جي ملڪ ۾ ٽن قسمن جا نفسياتي مريض آهن، هڪڙا بک ۽ بيروزگاريءَ جا ستايل ۽ مهانگائي ۽ بدامنيءَ جي باهه ۾ ٻرندڙ، هن درد ۾ اسان جي ملڪ جو غريب هيٺيون طبقو ۽ ٻيو سفيد پوش وچون طبقو شامل آهي. جيڪو ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا رهي رهي ذهني بيمارين ۽ خودڪشين جي طرف وڌي ٿو وڃي. ٻيو طبقو وري تشدد پسند ۽ ظالم طبقو آهي جيڪو جنون جي حد تائين ظلم ۽ تشدد جي طرف راغب هوندو آهي هن طبقي ۾ خودڪش دهشت گرد، ڌاڙيل ۽ غيرت جي نام نهاد نالي ۾ ظالم ماڻهو اچي وڃن ٿا. جيڪي مڪمل طرح نفسياتي مريض بڻجي چڪا هوندا آهن. هن طبقي ۾ اهي ماڻهو به شامل آهن جيڪي اهڙن فردن يا گروهن جي سرپرستي ڪندڙ هوندا آهن. دهشت گرد تنظيمن جا اڳواڻ ۽ سرواڻ پاٿاريدار وڏيرا، ڌاڙيلن جا سربراهه ۽ سرگنا ۽ جوئا جي ٽڪرين جا نگهبان به هن گروهه ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا. ٽيون طبقو جيڪو غرور، لالچ جي گهوٽالي ۾ اچي نفسياتي بيماري جي طرف وڌيو آهي يا وڌي رهيو آهي انهيءَ ۾ اسان جي معاشري جا سفيد ڪالر مڙئي، فرد ۽ گروهه اچي وڃن ٿيا. انهن ۾ اقتدار جا عاشق، شاطر سياستدان، زرد صحافت جا حامي ۽ لالچي سماجي اڳواڻ شامل آهن، جيڪي صرف پئسي ڪمائڻ جي ڍنگ ۽ ڍونگ ۾ ڦاسي ٻنهي هٿن سان عوام کي لٽڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا، اهڙن فردن ۽ گروهن ۾ رشوتي ڪامورن ۽ فتويٰ فروش ملن سان گڏ، عوام جي نالي ۾ عوام کي لٽيندڙ ۽ فريندڙ فرد، ادارا ۽ تنظيمون به شامل آهن جيڪي صرف مال ميڙڻ واري مشن تي محمور آهن. اهڙن ماڻهن جو مول مقصد جائز يا ناجائز طريقي سان پئسو گڏ ڪرڻ عيش ڪرڻ ۽ بئنڪن سان گڏ پيٽ ڀرڻ هوندو آهي. منهنجا مٺڙا ۽ اندر جا اگرا اهڙا انسان مٺي زهر جون پڙيون کيسن ۾ کنيو عوام جي زندگيءَ کي زهر بڻائڻ واري منشور تي عمل پيرا هوندا آهن. بهرحال نفسياتي ماهر ٻڌايو ته پئسي جي لالچ ۽ ڪرسي نشينيءَ جو نشو هڪ اهڙي شئي آهي جيڪو ماڻهو کي نفسياتي مريض بڻائڻ ۾ دير ناهي ڪندو. بهرحال اسان پنهنجي ملڪ جي اڳواڻن، سرڪردن ۽ سرواڻن کي مودبانه گزارش ڪنداسين ته هن دور ۾ نفسياتي مرضن جا جيڪي محرڪ جزا آهن انهن کي روڪڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته جئين اسان جي ملڪ مان نفسياتي مرضن جو خاتمو ٿي سگهي...!! چوڻ وارا چون ٿا، آمرانه، طرز حڪومت ۾ ته اهڙا جراثيم جنم وٺندا ۽ وڌندا ويهندا آهن جيڪي ذهني ۽ نفسياتي مريضن کي وڌائيندا آهن. پر عوامي دور حڪومت ۾ ته اهڙن نفسياتي مرضن کي ضرور ماري مات ڪرڻ جو اهتمام ۽ انتظام هئڻ گهرجي. ماهر نفسيات اهو به ٻڌايو ته جيڪڏهن مهانگائي، بدامني، ظلم ۽ تشدد کي عوامي حڪومت ڪنٽرول ڪري ضابطي ۾ آڻي ته گهڻي حد تائين نفسياتي مريضن جي تعداد ۾ ڪمي اچي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته اهي عنصر آهن جن جي ڪري انسانن کي گهڻو ذهني عذاب ملي سگهي ٿو. انڪري عوامي حڪومت جي اڳواڻن ۽ سرڪردن سرواڻن کي گهرجي ته امن، سڪون، روزگار، اجهي، ڪپڙي ۽ اٽي جو انتظام ڪري غريبن کي ذهني شانتي ڏئي، نفسياتي مريض ٿيڻ کان بچائڻ جي هرممڪن ۽ مناسب ڪوشش ڪئي وڃي. هونءَ به پيپلزپارٽي پنهنجي منشور ۾ روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري کي وڏي اهميت ڏني آهي. شهيد ڀٽي کان پوءِ محترمه شهيد راڻي ۽ هاڻوڪن سرواڻن به پنهنجي اليڪشني تقريرن ۾ وڏي واڪيءَ اٽي، لٽي ۽ اجهي جا نعرا هڻي عوام سان عهد ڪيو هو ته اسان جي حڪومت ملڪ مان غربت، بک ۽ بيروزگاري کي تيلي ڏئي تباهه ڪندي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ غريبن کي گهڻو ڪجهه مليو ٻيو نه ته پيار ۽ پنهنجائپ واري احساس غريب عوام کي گهڻي ذهني آسودگي عطا ڪئي هئي. شهيد راڻيءَ جي شفيق رويي ۾ عوام کي جهڙي تهڙي حال تي مطمئن ۽ خوش رکيو. اسان جي هن دور ۾ به غريبن جي گهڻي سرپرستي ٿي آهي، پر خبرناهي ڇو عوام کي پهريون وارو پنهنجائپ ۽ پيار وارو احساس نه ملي سگهيو آهي. شايد غريبن جو جهول ڦاٽل آهي جنهن ڪري اهي ڪجهه سنڀالي نٿا سگهن. !؟ بشڪريه عبرت