پٽاٽي جي غذائي اهميت حبيب الله راهو پٽاٽو دنيا جي هڪ اهڙي مڃيل ڀاڄي آهي، جيڪا پوري دنيا ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ کاڌي وڃي ٿي. پر هن ڀاڄي جي ٻوٽي جو تعلق زهريلي ٻوٽن جي خاندان ۾ شمار آهي. دنيا ۾ پٽاٽي جي پوک سان لاڳاپيل صنعت جو اندازو کربين ڊالرن ۾ لڳائي سگهجي ٿو. پٽاٽي مان نشاستو، سنيڪ(پائوڊر) ۽ مختلف قسمن جون شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. مثال طور: چپس، پائوڊر جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ پٽاٽي جو ايترو گهڻو استعمال ڪونه ٿو ٿئي. جيترو يورپ ۽ آمريڪي رياستن ۾ استعمال ٿئي ٿو. دنيا ۾ هن جي ڪُل پيداوار 300 ملين ٽن کان به گهڻي آهي. هي ڀاڄي چانور، ڪڻڪ جي گهٽتائي جو پورائيو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪري ٿي. پٽاٽو 1400 سؤ سالن کان انساني غذا جو هڪ اهم ذريعو رهيو آهي. يورپ وارن کي پٽاٽي جي باري ۾ 450 سال اڳ خبر پئي هئي. اهڙِي طرح 16 صدي ۾ برصغير ۾ پٽاٽي جي پوک جو رواج نه هو ۽ نه ئي پوکيو ويندو هو. 16 صدي جي شروعات ۾ سڀ کان پهرين پرتگال جا ماڻهو هتي پٽاٽو کڻي آيا ۽ ان وقت کان پٽاٽي جي پوکي جي شروعات برصغير ۾ عام جام ٿي وئي. اسان جي ملڪ ۾ پٽاٽي جي گهرج سالياني في ماڻهو 13 ڪلو گرام آهي. جڏهن ته يورپي ملڪن ۾ سالياني پٽاٽي جي گهرج تي ماڻهو 170 ڪلو گرام آهي. ملڪ جي اڄين جي مارڪيٽ ۾ ٻن قسمن جو پٽاٽو وڪرو ڪيو وڃي ٿو، جن ۾ اڇو ۽ ڳاڙهو مشهور آهي. اڇو پٽاٽو جابلو علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو. جنهن مان اعليٰ قسم جي چپس تيار ڪئي وڃي ٿي. هن جا ڪيترائي قسم آهن جن ۾ ڊيزائري، ولجا، پيٽرونس، ڊائمنڊ الٽيمس پارس 70 هنزه ۽ ٻيون ڪيتريون مشهور آهن. سائنسدان هر سال پٽاٽي جي ڪانه ڪا نئي جنس متعارف ڪرائيندا رهندا آهن. زرعي ماهرن جي نظر ۾ پٽاٽو هڪ بادي غذا آهي پر جيڪڏهن پٽاٽي کي لوڻ ۽ مرچن سان گڏ استعمال ڪيو وڃي ته پٽاٽي جا بادي اثرات ختم ٿي وڃڻ ٿا. طب جا ماهر پٽاٽي لاءِ پنهنجي تحقيق ۾ اهو ثابت ڪري چڪا آهن ته پٽاٽو جگر، جيري ۽ يرقان جي بيماري لاءِ به فائديمند آهي.ان کان علاوه پٽاٽي کي کاڌي طور واپرائڻ سان جسم مان ڪيترائي زهريلا مادا خارج ٿين ٿا. ڪچو پٽاٽو ڪڏهن به نه کائڻ گهرجي. چاڪاڻ ته ڪچي پٽاٽي ۾ هڪ خاص قسم جو زهر ”سولائن“ ٿئي ٿو، جيڪو انسان جي جسم ۾ فالج جي بيماري جو باعث ٿي سگهي ٿو. پٽاٽي کي جڏهن به زمين مان ڪڍيو وڃي ته چڱي طرح ڌوئي صاف ڪيو وڃي ڇو ته زمين مان ڪڍڻ مهل پٽاٽي تي ڪيترن ئي قسمن جا زهريلا جراثيم موجود هوندا آهن. پٽاٽي کي کل سميت ڀاڄي طور ڪتب آندو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته پٽاٽي جي کل ۾ ”ڪلوروجينڪ ايسڊ“ ملي ٿو. جيڪو ڪينسر جي خلاف قوت مدافعت رکي ٿو. ان کان علاوه باربي ڪُيو(ڪوئلن تي پچايل شيءَ) گوشت جا تڪا ۽ ڀڃيل گوشت ۾ موجود ڪينسر جو سبب بڻجندڙ ڪيميائي جزو” بيٽا اي پارين) کي جذب ڪري ان کي جسم ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ٿو. پٽاٽي ۾ پوٽيشم جو خاص مقدار موجود هوندو آهي. اوون ۾ پچايل يا تريل پٽاٽن ۾ 1137 ملي گرام پوٽيشم موجود هوندي آهي. جيڪا روزاني ضرورت جي هڪ چوٿائي حصي جي برابر آهي. پوٽيشم انسان جي جسم ۾ لوڻ جي ستعمال سان جيڪي خراب رطوبتون پيدا ٿين ٿيون انهن کي ختم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڏئي ٿو. اهڙي طرح جيڪي ماڻهو بلڊپريشر جي مرض ۾ مبتلا هوندا آهن، اُهي پٽاٽو واپرائي پنهنجي دوائن جي خرچ کي گهٽائي سگهن ٿا. اهڙن ماڻهن جي تعداد 80 سيڪڙو آهي. يورپي ملڪن ۾ جتي ماڻهو پنهنجي غذا ۾ مڇي ۽ پٽاٽو ۽ ٻيون ڀاڄيون غذا طور تي استعمال ڪن ٿا. اهي شگر جي بيماري جي خطرن کان ڪافي محفوظ رهن ٿا ۽ ٻين ڪيترن ئي خطرناڪ بيمارين کان محفوظ رهن ٿا. پٽاٽي ۾ موجود ” وٽامن سي“ انسان جي جسم ۾ وڌندڙ شگر جي مقدار کي رت جي شريانين ۾ جذب ٿيڻ کان روڪي ٿو. اندازن موجب 200 گرام پٽاٽي ۾ 27 ملي گرام ”وٽامن سي“ موجود هوندو آهي. جيڪو روزاني ضرورت جو 45 سڪيڙو آهي. غذائي ماهرن موجب اسان کي پنهنجي توانائي جي ضرورت جو 48 سڪيڙو حصو اناج وارين غذائن مان حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته کنڊ مان 7 سيڪڙو، سڻڀ مان 20 سڪيڙو بغير سڻڀ وارن شين مان 10 سيڪڙو ۽ پروٽين مان 11 سيڪڙو توانائي حاصل ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته پٽاٽي ۾ هڪ خاص قسم جو نشاستو ملي ٿو، جيڪو شگر جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهن جي لاءِ فائديمند آهي ان جو سبب اهو آهي ته اهو خاص قسم جو نشاستو دير سان هضم ٿئي ٿو. اهو جيتري دير ۾ هاضمي جي نظام مان گذري ٿو. اها ڳالهه عام ڊاڪٽر نه ٿا ڄاڻن جنهن جي ڪري اهي شگر جي مريضن کي پٽاٽي مٺيون شيون کائڻ کان منع ڪن ٿا. وڌيڪ نشاستو دير سان هضم ٿي ڪري رت ۾ گلوڪوز جي مقدار کي وڌڻ کان روڪي ٿو. ڪجهه ماڻهو سگر جي مرض کي مرض ئي نه ٿا سمجهن بلڪه غذا ۾ مناسب تبديليون آڻي ڪري ان کي ڪنٽرول ڪندا رهندا آهن. پٽاٽو شگر جي مريضن جو وزن گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏي ٿو ۽ وزن گهٽ هئڻ سان انسولين جو مقدار به بدن ۾ خارج ٿئي ٿو. پٽاٽو کائڻ سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته توهان کاڌو کائي ڇڏيو آهي ۽ توهان کي جلدي بک محسوس نه ٿيندي. جيڪڏهن اسان پٽاٽي کي غذا جي طور تي استعمال ڪرڻ تي اطمينان حاصل ڪرڻ جي پيماني تي غور ڪيون ته اسين ڊبل روٽي جو 100 نمبر، مڇي جو 225 نمبر ۽ پٽاٽي کي اُٻاري ڪري ڀاڄي جي طور تي پنهنجي پليٽ ۾ ضرور شامل ڪيون ان ڳالهه جي ضرورت ۽ اهميت ان وقت تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي. جڏهن توهان جو ”بار بي ڪُيو“ شيون ۽ وڌيڪ پڪل تِڪا ۽ ڪباب وغيره پنهنجي غذا ۾ شامل ڪندا آهيون. اتي پٽاٽي جي ڇلڪي سان گڏ استعمال ڪرڻ وڌيڪ مفيد آهي. پٽاٽي کي اُٻارڻ سان ان ۾ موجود وٽامن سي جي مقدار ۽ فوليٽ جي چوٿائي مقدار ۽ پوٽيشم جي 40 سيڪڙو مقدار پاڻي ۾ ملي ڪري ضايع ٿي وڃي ٿي. پٽاٽي کي اُٻارڻ کان علاوه اسٽيم يا اوون جي ذريعي پچايو وڃي ته اهڙن نقصانات کي گهٽائي سگهجي ٿو. ان لاءِ پٽاٽي کي آخر ۾ پچائڻ گهرجي ايئن ڪرڻ سان يا پاڻي ٻوڙي رکڻ سان به ان جي غذائيت تي اثر پوي ٿو. پٽاٽي کي اٻارڻ يا پڇائڻ کان پهرين سٺي طرح نرم برش جي مدد سان ڌوئي ڪري پچائجي. پٽاٽي جي کائڻ سان آنتن ۾ مفيد بيڪٽريا جنم وٺن ٿا ۽ انهن سان ”الڪلي“ جي ذخيري ۾ واڌ اچي ٿي ۽ تيزابيت جي گهٽ ٿيڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي. اهڙي جسم ۾ تيزابي اثرن تي قابو پائڻ جي لاءِ پٽاٽو کائڻ سان گهڻو فائدو ٿئي ٿو. هي تيزابيت جي خلاف قوت مدافعت پيدا ڪرڻ وارو قدرتي ”الڪلائيڊ“ آهي. جيڪڏهن اهڙا ماڻهو جيڪي جنسي بيمارين جو شڪار آهن يا انهن ۾ مبتلا آهن، اهڙن ماڻهن کي پٽاٽي کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جيڪي جنسي اجل جو شڪار آهن. سولائن جنسي عضون ۽ اعصابي نظام تي اثرانداز ٿئي ٿو. پٽاٽي کي گوشت سان گڏي پچائي کائڻ سان ”سولائن“ جي زهريلي اثر ۾ اضافو اچي ٿو. جنسي عضون ۾ ان جي کائڻ سان خدشو پيدا ٿئي ٿو. جڏهن ته پٽاٽي کي اڪيلو کائڻ سان يورڪ ايسڊ ۽ لائم جو نيڪال جسم مان ممڪن ٿئي ٿو. يورپ ۾ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن پٽاٽي جي ڪريم ٺاهي ڪري ”اسڪروي“ جو خاتمو آندو آهي. هيءَ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ هڏيون ڪمزور ٿي وينديون آهن ۽ ڏند لڏڻ لڳندا آهن. حقيقت ۾ هيءَ بيماري ”وٽامن سي“ جي گهٽتائي جي ڪري ٿئي ٿي. پٽاٽي جا ڇلڪا ڌوئي گرم ڪري پيئڻ سان جسم مان تيزابيت گهٽجي وڃي ٿي. کاڌو کائڻ کان پهرين تازي پٽاٽي جو جوس 1-2 چانهه جي چمچي پيئڻ سان هڏن مان سور گهٽبو رهي ٿو. پٽاٽو معدي جي السر ۽ آنڊي جي بيمارين لاءِ مفيد آهي ۽ جسم مان زهر خارج ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏي ٿو. پٽاٽي جو اڌ ڪپ پاڻي ۾ ڏينهن ۾ 3 ڀيرا کاڌي کائڻ کان پهرين استعمال ڪيو وڃي ته معدي ۾ آنڊن جي بيمارين کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو. هن کي ڪدوڪش ڪري وارن ۾ لڳائڻ سان وارن ۾ ڪافي مضبوطي پيدا ٿئي ٿي. ڪچي پٽاٽي ۾ وٽامن سي جي موجودگي ۽ قدرتي نشاستي سان گڏ وارَن جي لاءِ اهم غذا ثابت ٿئي ٿي. هن جو پاڻي ڪڍي ڪري پنج ڀيرا ڳاڙهو ڪري گيلسرين ملائي ڪري سوڄ واري جڳهه تي مرهم جي طور تي لڳائڻ سان آرام ملي ٿو. هن کي ڏينهن ۾ 3-4 ڪلاڪن کان پوءِ 4-5 دفعا لڳايو. بشڪريه عبرت