دال گوشت جي برابر ۽ بهترين غذا

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دال گوشت جي برابر ۽ بهترين غذا​

    ڪنول علي جمالي

    دالين جي پيداوار ننڍي ملڪن ۾ گهڻي تعداد ۾ ٿيندي آهي پر اهي مهانگيون هئڻ سبب انهن ملڪن جا غريب ماڻهو کائي نه سگهندا آهن. دالين کي گوشت جي برابر سمجهيو وڃي ٿو. جنهن ۾تمام پروٽين ۽ وٽامن موجود آهن. جيڪي اسان کي صحتمند رکن ٿا دالين ۾ سڀ کان وڌيڪ دال چڻن جي کاڌي ويندي آهي. جنهن ۾ پروٽين تمام گهڻي هوندي آهي جيڪا اسان جي جسم جي نشونما ڪري ٿو چڻن جي دال شگر واري مريض لاءِ مفيد آهي ۽ منڱن جي دال هڪ بهترين غذا آهي منڱن ۾ وٽامن اي بي سي اي ۽ ڪلشيم معدنيات آئرن پوٽاشيم ۽ پروٽين موجود آهن. هن دال جي استعمال سان ڪولسٽرول ڪنٽرول ۾ رهي ٿو اها هڪ هلڪي غذا آهي. جيڪا جلد هضم ٿي وڃي ٿي انهي لا ءِ هي دال ٻارن ۽ مريضن لاءِ مفيد آهي ۽ مٽر جي دال ۾ ڪاروبوهائيڊريٽ پروٽين روغن ان سان گڏگڏ معدني جزا، وٽامن، ڪيليشم، فولاد، سوڊيم، پوٽاشيم حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو آهي. ان کان علاوه ڪاروبوهائڊريٽ، شگر، فائبر، سوڊيم، وٽامنز، سڻڀ، امينو ايسڊ جا جزا شامل آهن.

    هن دال کي وڌيڪ کائڻ سان گردن ۾ پٿري ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. هن دال ۾ هڪ پيورين (Purine) نالي جزو هوندو آهي جيڪو عام طور تي ٻوٽن ۾ موجود هوندو آهي. ان لاءِ هن دال کي گهڻي واپرائڻ سان انساني ۽ جانور جي صحت لاءِ هاڃيڪار آهي. ماهرين جو چوڻ آهي ته انساني جسم جي نشونما لاءِ بهترين عذا جو وقت صبح جو سٺو ناشتو آهي. صبح جو اسان کي متوازن غذا وٺڻ سان سڄو ڏينهن بهتر رهي ٿو. صبح جي ناشتي لاءِ پروٽين، سڻڀ، ڪاروبوهائڊريٽ ۽ معدنيات جزا ضروري آهن. جيڪي دالين ۽ ڀاڄين ۾ گهڻي مقدار ۾هوندا آهن.

    انساني جسم ۾ رت جي کوٽ هڪ عام بيماري آهي ۽ اها بيماري اڪثر غريب ملڪن ۾ تمام گهڻي آهي، جتي غربت سبب ماڻهو معياري کاڌو نٿا کائي سگهن. پاڪستان ۾ به ساڳئي صورتحال آهي. جتي آبادي جو اڌ حصو مڙئي پيٽ جي پورائي ڪري ٿو، شايد انهن کي اها به خبر ناهي ته معياري کاڌو هوندو ڇا آهي. انهن کي ته دال به نصيب ناهي ٿيندي. انهن ۾ کوڙ سارا وٽامن ۽ پروٽين موجود آهن. انساني جسم ۾ رت جي کوٽ ڪيترن ئي بيمارين کي جنم ڏئي ٿي. رت جي کوٽ (Anaemia) سان رت ۾ موجود ڳاڙهن جذن (Red blood cells) جو تعداد گهٽجي ويندو آهي. جسم ۾ وٽامن جي گهٽجڻ سان آر بي سي گهٽجي ويندا آهن يا انهن جي ٺهڻ جو عمل گهٽ ٿي ويندو آهي. آر پي سي آڪسيجن کي ڦڦڙن کان جسم جي ٻين حصن ۾ کڻي ويندا آهن ۽ رت جي کوٽ سان هائپواوڪسيا جو مرض ٿي پوندو آهي. رت جي کوٽ سان ماڻهو ڪمزور ٿي پوندو آهي. ڊائريا به ٿي پوندي آهي. دماغي توازن متاثر ٿي سگهي ٿو. (Muscle) ڪمزوري ٿي سگهن ٿا. جسم پيلو ٿي ويندو آهي. وزن گهٽ ٿي ويندو آهي. انهي لاءِ ماڻهو کي ڀاڄيون، داليون، گوشت، بيضا، کير، مڇي ۽ ٻيون شيون کائڻ گهرجن جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ وٽامن ۽ پروٽين موجود هوندا آهن. ***
    بشڪريه عبرت
     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: دال گوشت جي برابر ۽ بهترين عذا

    بهترين آهي.........
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دال گوشت جي برابر ۽ بهترين غذا

    ادا ممتاز اوهان جي مهرباني

    اوهان ڄاڻ سان ڀرپور هڪ ليک اسان سان ونڊ ڪيو

    اڳي دال سستي هوندي هئي ۽ جيڪي ماڻهون گوشت يا مڇي خريد ڪري نه سگهندا هئا اهي دال واپرائيندا هئا۔ پر يار هاڻي ته ڪابه دال 100 روپئي کان گهٽ ڪونهي۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دال گوشت جي برابر ۽ بهترين غذا

    ادا هاڻي مڱن جي دال به 170 روپيا في ڪلو ٿي وئي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو