هڪڙي ڏينهن وتايو ٿڪجي ڪنهن ٻَير جي وڻ هيٺان اچي سُتو. مٿي ٻَيرن کي ڏسي چوڻ لڳو ته هي وڻ به انبن جي وڻ جيڏو آهي. ان جو ڦر- ٻَير ننڍو خلقيو اٿس پر انبن جي وڻن ۾ انب هن کان گهڻو ڳؤرو آهي. وري دل ۾ تنهن کان به عجب جي هيءَ ڳالهه آيس ته ڇانهين جيڪا وڻن ۾ پيدا ٿيڻ گهربي هئي. ايتري ۾ هڪڙو ٻَير اچي ٽڪڻ تي ڪريس ته مٿو کنهڻ لڳو. چوڻ لڳو ته آءٌ ڀُليو آهيان، مٿان ڌڪ هڻڻ ۾ هي ننڍڙو ٻير به قهري ٿو ڏسجي، چڱو جو انهيءَ وڻ ۾ ڇانهين نٿي ٿئي! نه ته وتايو ڪنهن کان موڪلائي به ڪين سگهي ها۔ حوالو : سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ڪتاب وتايو فقير تان ورتل
جواب: وتايو فقير ۽ ڇانهين بلڪل سائين۔۔ اسان انسانن جي سوچ ته الائي جي ڇا ٿي چئي پر جڏهن الله جي مصلحتن کان واقف ٿيون ٿا ته پنهنجو مٿو ايئن کنهائي پشيماني ظاهر ڪيون ٿا جيئن عقل واري وتائي فقير ڪئي۔۔
جواب: وتايو فقير ۽ ڇانهين اهڙيون ڏاهپ ڀريون ڳالهيون، دنيا ۾ ڦهليل آهن ۽ دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ اهڙا ڪردار موجود آهن جن سان کوڙ ساتريون اهڙيون ڏاهپ جهڙيون ڳالهيون منسوب ٿيل آهن، اهو ساڳيو قصو هت عربي زبان ۾ به آهي ته وري اهو ساڳيو قصو انگريزي زبان ۾ به موجود آهي ۔۔۔ لوڪ ادب جا اهي قصا سموري دنيا ۾ ٻڌندي ٻڌائيندي اڳتي وڌندا رهنٿا ۽ هر ٻوليءَ وارا انکي پنهنجي ڪنهن ڪردار سان منسوب ڪري ڇڏنٿا ۔۔۔ هي سبق آموز ڪهاڻي پڻ وتايي سان منسوب ٿيل ڏسجي ٿي ۔۔۔ خئير اسانجو ڪم ٻيرن کائڻ سان آهي ۔۔ تمام سهڻي ۽ سبق آموز آکاڻي آهي ۔۔۔ بيشڪ قدرت واري جيڪا به شئي خلقي آهي، پنهنجي پنهنجي وزن سان خلق ڪئي آهي، انڪري اسانکي انهن شين کي جيئن جو تيئن قبول ڪرڻو پوندو ۔۔۔ ٻي صورت ۾ اسين فطرت جي خلاف ڪم ڪنداسون ته گهاٽي ۾ پونداسون ۔۔۔ ها ڪجهه شيون جيڪي فطري آهن انهن کي پالش ڪري يا نظم ۾ آڻي سماج جي ڪم آڻڻ پڻ انسان جي وس ۾ ڏنو ويو آهي ۔۔۔مثال؛ ڪڻڪ جو داڻو سڌو سنئون کائي سگهجي ٿو پر اسين ان جو اٽو ڪري، ماني پچائي کائي سگهونٿا ۔۔۔ جيئن ڪنهن وڻ ۾ پيوندڪاري ڪري اسين سٺو فصل حاصل ڪري سگهونٿا ۔۔۔ مطلب ته فطرت پنهنجي جاءِ تي اٽل ۽ مضبوط آهي پر ڪٿي ۽ ڪنهن جاءِ تي انسان کي سگهه آهي ته هو ان ۾ ڪجهه تبديليون ڪري پنهنجي ڪتب آڻي سگهي ۔۔۔ والله علم بالغيب ۔۔۔