عوام جي دلين تي حڪمراني ڪندڙ طلسماتي شخصيت ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل ننڍي کنڊ جي مسلمانن پنهنجن انهن عظيم اڳواڻن کي ڪڏهن به نه وساريو آهي، جن ملڪ ۽ عوام جي بي لوث خدمت ڪئي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن عظيم اڳواڻن مان آهي جنهن کي قوم وساري نٿي سگهي. ذوالفقار علي ڀٽو دراصل عوام جي دلين تي حڪمراني ڪندڙ اها طلسماتي شخصيت آهن جنهن کي تاريخ ۾ هميشه ياد ڪيو ويندو. 4 اپريل 1979ع جو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو جڏهن هڪ ڊڪٽيٽر عالمي سازش جو آله ڪار بڻجي عوام جي محبوب شخصيت ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهو ڏئي غريبن جي همدرد، عوامي قائد، مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي سڄڻ کي هميشه لاءِ اسان کان جدا ڪري ڇڏيو. ليڪن اڄ به شهيد ڀٽو عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ زنده رهندو. دراصل شهيد هميشه زنده رهندا آهن. پاڪستان جي ٽٽڻ کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان جو پهريائين پاڻ صدر ۽ بعد ۾ وزيراعظم بڻيو. ذوالفقار علي ڀٽو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن جي شخصيت پُرڪشش ۽ مقناطيسي هئي ۽ هُو هر ملندڙ شخص کي پنهنجو مداح بڻائي ڇڏيندو هو. سندس حافظو بي حد تيز هو ۽ ملندڙن جا نالا، ساڻن ڪيل ملاقاتون ۽ واقعات کيس چٽي طرح ياد رهندا هئا ۽ اڪثر ٻيهر ملاقات وقت ملندڙ شخص کي سندس نالو وٺي سڏيندا هئا. ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي زندگي ۽ ملڪ لاءِ خدمتون اڻ ڳڻت آهن. اهو ممڪن ڪونهي ته سڀ ڳالهيون هڪ وقت ئي بيان ڪجن. 1971ع جي جنگ ۾ پاڪستان جي شڪست بعد جڏهن هندستان تي سازش تحت بنگلاديش قائم ٿيو ۽ نوي هزار پاڪستاني فوجي هندستان جي قيد ۾ هئا ته اها ڀٽو صاحب جي عظيم شخصيت هئي جنهن ماڻهن ۾ حوصلو پيدا ڪيو ، جنگي قيدي آزاد ڪرايا، 1973ع جو اسلامي دستور متفق طور قبول ڪرائي نافذ ڪيو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا، نه صرف ايترو پر عوام ۾ پنهنجن حقن وٺڻ جو شعور پيدا ڪيو. دراصل ذوالفقار علي تاريخ جي وسيع مطالعي، سياسي شعور ۽ عالمي سياست کان واقفيت سبب منفرد فڪر جو اڳواڻ هو. عالمي طاقتن جي چالبازين ۽ آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن خاص ڪري اسلامي دنيا کي اقتصادي غلامي ۾ جڪڙڻ جي منصوبي بندي کان باخبر هو. کيس اها ڄاڻ هئي ته عالمي طاقتون ٻين ملڪن تي روائتي انداز ۾ قبضو ڪرڻ جي بجاءِ ٻين طريقن سان جديد نو آبادياتي نظام قائم ڪرڻ چاهين ٿيون. ترقي يافتا ملڪن ۾ حالات مطابق پنهنجون پاليسيون تبديل ڪري ڪڏهن اطاعت گذار بادشاهن ۽ مطيع ۽ فرمانبردار سياستدانن جي حڪومتن جو ساٿ ڏيڻ عالمي طاقتن جي پاليسين جو اهم عنصر رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو پهريون وزير خارجه هو جنهن آزاد خارجه پاليسي جو بنياد رکيو. انهيءَ ڪري کيس آزاد خارجه پاليسي جو معمار چيو وڃي ٿو. پاڪستان کي دنيا جي عظيم طاقت چين جي ويجهو آڻڻ ۾ به ڀٽو صاحب تاريخي ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ سان گڏوگڏ ذوالفقار علي ڀٽو افريڪي ۽ ايشيائي استحڪام لاءِ جدوجهد ڪئي. اڄ ذوالفقار علي ڀٽو جو خواب حقيقت بنجي چڪو آهي ۽ هاڻي پاڪستان دنيا جي ستين ۽ عالم اسلام جي پهرئين ايٽمي طاقت بنجي چڪو آهي. ٽيپو سلطان شهيد جيان ذوالفقار علي ڀٽو شهيد به چوندو هو ته ”گدڙ بڻجي هزار سال جيئڻ کان بهتر آهي ته شينهن بڻجي هڪ ڏينهن زنده رهجي“. ڀٽي شهيد پنهنجي زندگي قربان ڪري ڇڏي ليڪن هڪ جابر ڊڪٽيٽر اڳيان نه جهڪيو. سندس چوڻ هو ته ”آئون ڏيکاريندس ته هڪ عوامي رهنما ڪيئن زنده رهي ٿو ۽ مري ٿو“. هن موت کي ترجيع ڏني ليڪن هڪ ڊڪٽيٽر کي جان بچائڻ لاءِ اپيل نه ڪئي. دنيا سندس زندگي بچائڻ لاءِ اپيلون ڪيون. لاتعداد ملڪن جي سربراهن، وزيراعظمن، بادشاهن، مذهبي رهنمائن سندس زندگي بچائن لاءِ حڪومت پاڪستان کي اپيل ڪئي. پاڪستان جي عظيم دوست ملڪ ترڪي جي وزيراعظم بُلنت ايجيوت، پاڪستان جي ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق کي اپيل ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽي کي ترڪي حڪومت جي حوالي ڪيو وڃي ۽ هو هر قسم جي گارنٽي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم بُلنت ايجيوت چيو ته عدنان ميندرس کي شهيد ڪري ترڪي جي فوجي جنتا وڏي غلطي ڪئي هئي ۽ ترڪ قوم کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. انهي ڪري تُرڪي حڪومت نٿي چاهي ته پاڪستان به ساڳي غلطي ڪري. ليڪن ضياءَ الحق جي خوشامدي صلاحڪارن کيس ڊيڄاريو ته قبر هڪ آهي ۽ ڄڻا ٻه آهن. پس پرده عالمي طاقتن جي به خواهش هئي ته ايشيا جو عظيم انقلابي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو جو خاتمو آندو وڃي . جنرل ضياءَ الحق غير ملڪين جي اشارن تي هلي ذوالفقار علي ڀٽي کي شهيد ڪرايو. ليڪن شهيد ته مرندا نه آهن. محترمه بي نظير ڀٽو شهيد صحيح چيو هو ته ڀٽو زنده آهي، ڀٽو ڪالهه به زنده هو، ڀٽو اڄ به زنده آهي. ڀٽو زنده آهي. ڀٽو هميشه زنده رهندو. شهيد هميشه زنده آهن ۽ مرڻا نه آهن. هن وقت ڀٽو خاندان پنهنجي چئن شهيدن جو نذرانو ڏئي چڪو آهي. ايڏي وڏي قرباني اڄ سوڌي دور حاضر جي ڪنهن به سياسي پارٽي جي خاندان نه ڏني آهي. بينظير شهيد شهادت کان اڳ چيو هو ته سڀ کان وڏو انتقام جمهوريت جو قيام آهي. الله جو شڪر آهي ته خون شهيدان رائگان ڪو نه ٿيو آهي. اڄ پاڪستاني قوم چوٿون دفعو پاڪستان پيپلزپارٽي کي اقتدار سان نوازيو آهي. بشڪريه عوامي آواز