ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ( فاطمه ڀٽو )

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ( فاطمه ڀٽو )​

    [​IMG]
    ناز قربان علي مگسي

    29 مئي جو ڏينهن هونءَ ته گرمي ۽ جهولن جو ڏينهن هجي ٿو پر اسان ڪارڪنن ۽ ڀٽو خاندان سان محبت ڪندڙن لاءِ هو ڏينهن ڄڻ نرم جهوٽو هجي ٿو. ان ڏينهن تي ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ۽ سالار انقلاب شهيد مير مرتضيٰ جي بهادر نياڻي جي سالگرهه جو ڏينهن آهي.
    فاطمه ڀٽو 29 مئي 1982ع ۾ افعانستان ۾ جنم ورتو پر فاطمه ڀٽو تي ڪڏهن به افغانستان جي ثقافت جو اثر نه ٿي سگهيو، افغانستان جيڪو باردن جي پليٽ ۾ ۽ طالبانن جو حامي رهيو آهي پر فاطمه ڀٽو تي ان ملڪ جو رنگ هميشه بي رنگ رهيو آهي. هن پنهنجي ڏاڏي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ والد شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي پنهنجي منزل ڏانهن وکون کنيون. هونئن به سياسي ڏاهپ ڀٽي خاندان کي ورثي ۾ ملي آهي ۽ فاطمه ڀٽو اڳتي نڪري ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا آهن، هن جمهوري جدوجهد ۾ اڃ وکون ئي مس کنيون آهن ۽ ايندڙ مستقبل سندس لاءِ اڃا به وڌيڪ ذهن جو بند دريون کولي سندس آجيان ڪندو.
    اڄ هن جون 28 هون جنم ڏينهن آهي، هن 28 بهارن ۾ کوڙ ساريون ڪربلائون پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن ۽ انهن درن جي ڊگهن داستانن کي ياد ڪندا هڪ نئين عزم سان اڳتي وڌڻ جي همت ساريندي اسين سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي واڌاين سان گڏ آشيرواد ڏيون ٿا ته هو اڃا به سياسي ميدان ۾ چوٽيون چڙهي ۽ سياسي ميدان ۾ پنهنجي شهيد والد ۽ شهيد ڏاڏي جي نقش قدم تي هلندي جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪري ۽ پنهنجي انقلابي پيءُ جي لاڏلي نياڻي جي ناتي مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪري جيڪا جدوجهد عوام جي دلين ۾ جايون جوڙي ان موقعي تي هو پاڻ به عهد ڪري ته ڀٽو ازم کي عام ڪندي ۽ تازو پنهنجي لکيل ڪتاب “Songs of Blood and Sword” عوام آڏو آڻي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. جنهن جو سڄي ايشيا ۽ يورپ سميت دنيا جا عظيم ڏاها ڪتاب جون تعريفون ڪندي فاطمه ڀٽو جي ذهانت جا گيت ڳائي رهيا آهن، سندس 28هين جنم ڏينهن جي موقعي تي هو پاڻ عهد ڪري ته ڀٽو ازم کي عام ڪندي ماڻهن جي گهرن ۽ درن تائين وڃي جيڪو سندس فرض ۾ آهي ۽ اڄ جڏهن فاطمه ڀٽو جو جنم ڏينهن آيو آهي ته دل ۾ به مير صاحب سان گهاريل ڏينهن جون الائي ڪيتريون يادون دل تي تري آيون ۽ دل چاهيو ته سندس لاڏلي نياڻي جي جنم ڏينهن تي ٻه لفظ لکي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪجي ۽ ان عظيم گهرائي کي ڀيٽا ڏجي.

    بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ( فاطمه ڀٽو )

    جي ادا شهيدن جا ٻچا به ته اهڙا ئي ٿيندا نه بهترين ونڊ آهي..............................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو