ادا توهان جو مسئلو سان ياد آيو ته لڳي ٿو ته سائين حڪيم محمد يوسف کتري صاحب ڪافي مصروف آهن ڪافي ٽائيم کان فورم تي غير حاضر آهن ٿئي سگهي ٿو ته توهان جي مسئلي جي ڪري سائين ڪٿان ظاهر ٿئي
ادا سائين اوهانجي نڪ جو هڪ پاسو بند آهي يا ٻئي ۽ جي ٻئي بند آهن ته مسئلو سولو آهي، وقتي نزلي زڪام سان ائين ٿيندو آهي ۽ جي هڪ پاسو بند آهي ته مسئلو ڏکيو آهي ۽ اهڙي حالت تمام گهڻن ماڻهن سان هوندي آهي ۽ اهو هڪ پاسو به ڪڏهن سڄو ته ڪڏهن کٻو بند هوندو آهي، هاڻ ڏسجي ڪو حڪيم ۽ طبيب جو ان جو علاج ٻڌائي، باقي پاڻ سان به ساڳي حالت آهي ۔۔۔
تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا،
جانب! منهنجي جي ۾ آزار جا انواع،
صاحب ڏج شفا، ميان مريضن کي۔
ڀوتار سائين!۔۔ هي موسم جي اثر هيٺ ٿي سگهي ٿو، سردي جي موسم جي اثر کان بچڻ لاءِ رات جو اوجاڳو گهٽايو، هي مسئلو سڻڀي کاڌي کائڻ سبب به ٿئي ٿو، احتياط طور اوهان ماکي + ڪارا مرچ ملائي استعمال ڪريو۔۔۔ اهي وڏڙن جا ڏس آهن