علم ۽ ادب جو هڪ روشن ستارو غلام رباني آگرو جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه سنڌ ڌرتي هر دور ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ چاهي اها سياست هجي، علم و ادب هجي، فنون لطيفه هجي، موسيقي هجي. تمام وڏي قد ڪاٺ وارا سياستدان، اديب، داشنور، محقق، موسيقار ۽ راڳي پئدا ڪيا آهن. انهن نه صرف سنڌ يا بر صغير هندو پاڪ ۾ پنهنجو نالو مڃرايو آهي پر يورپ آمريڪا، وچ اوڀر، روس ۽ مشرق بعيد چين ۽ ٻين دور دوران ملڪن ۾ پنهنجي اهليت، قابليت ۽ خداداد صلاحيتن جو مظاهرو ڪري پنهنجي مقام ۽ مرتبي کي قائم ۽ دائم رکيو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ انور پيرزادو، تاجل بيوس، قمر شهباز، ايم ايڇ پنهور، ظفر ڪاظمي، سيف ٻنوي، سهراب فقير ۽ ٻيا پنهنجو وارو وڄائي ۽ مڃتا مڃرائي راهه رباني وٺي مالڪ حقيقي جي سڏ تي هيءَ فاني دنيا ڇڏي هليا ويا آهن ۽ پنهنجو نالو تاريخ ۾ زنده ڇڏي ويا آهن. الله تعاليٰ انهن جا درجات بلند ڪري. آمين. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌي علم ۽ ادب جو هڪ روشن ستارو غلام رباني آگرو 76 ورهيه جي عمر ۾ دل جي دوري پوڻ ڪري وفات ڪري ويو آهي. آگرو صاحب هڪ ٻهراڙي جي ڳوٺ مان نڪري ڪري ٻڙهي ڪري محنت ڪري ترقي مائيده سنڌي ادبي بورڊ ۾ شامل ٿي پنهنجي زندگي جو آغاز ڪيو ۽ محنت ڪري اڳتي وڌي ڪري سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿيو ۽ اڳتي هلي ان عظيم اداري جو چيئرمين ٿيو. علم ادب جا عظيم نقطا تخليق ڪري نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين پبليڪيشن ۾ شايع ڪرايا. آگرو کي سائين پير حسام الدين راشدي، پير علي شاهه راشدي، مخدوم طالب الموليٰ، جي ايم سيد، شيخ اياز، تنوير عباسي، نسيم کرل، رشيد ڀٽي وارن سان تمام گهرو تعلق رهيو ۽ انهن صاحبن سان ملي ڪري سنڌي ادب جي وڏي آبياري ڪئي. آگرو صاحب اڪيڊمي اديبات جو سربراهه به رهيو ۽ اسلام آباد ۾ ڪئي بين الاقوامي سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪرايون ۽ سنڌي اديبن کان مقالا پڙهايا، تقريرون ڪرايون ۽ اسلام آباد جي شهر خموشان ۾ وڏي هلچل ۽ رواني پيدا ڪرائي ۽ پنهنجي اعليٰ اهليت ۽ ذهانت جو داد ورتو. آگرو جي اهليت، قابليت ۽ وسيع تجربي کي نظر ۾ رکندي ذوالفقار علي ڀٽي وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ هن کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪري رکيو ويو جتي هن صاحب پنهنجي تجربي ۽ قابليت کي استعمال ڪندي تمام سٺا ۽ لائق سرڪاري نوڪرين ۾ کنيا ۽ نيڪي ڪمائي. آگرو مختلف وفدن ۾ شامل ٿي ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڏين ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪري ملڪ ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪيو. آگرو صاحب مسلسل ڪم ڪرڻ جو عادي هيو ۽ آخري وقت تائين ڪم ڪندو رهيو. تمام وڏن عهدن تي ڪم ڪرڻ کان پوءِ به سنڌ جي ماڻهن کي ظلم، ڏاڍ کان نجات ڏيڻ لاءِ محتسب سنڌ جو صلاحڪار ٿي ڪري مرڻ گهڙي تائين ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. اديب، دانشور، محقق ۽ تعليمي ماهر غلام رباني سنڌ جي ناليواري اديب، دانشور، محقق ۽ تعليمي ماهر غلام رباني آگرو76 سالن جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب ڪالهه حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، غلام رباني آگرو کي گذريل رات سندس قاسم آباد واري رهائش گاهه تي دل جي تڪليف ٿي جنهن بعد کيس لطيف آباد جي دل واري خانگي اسپتال حلال احمر پهچايو ويو. جتي هن فجر ويل دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سندس مڙهه قاسم آباد واري رهائش گاهه تي پهچايو ويو، سندس لاڏاڻي جي اطلاع تي اديب، دانشور، شاعر، دوست، صحافي ۽ مٽ مائٽ وڏي تعداد ۾ سندس رهائش گاهه تي پهچي ويا، مرحوم غلام رباني آگري، سوڳ وارن ۾ هڪ بيوه ٻه پٽ عزيز الرحمان، مجيب الرحمان ۽ هڪ نياڻي ڇڏيا آهن. غلام رباني آگري جو مڙهه ڪنڊيارو لڳ ڳوٺ محمد خان آگرو مٽيءَ ماءُ حوالي ڪرڻ لاءِ ڪالهه منجهند نيو ويو، غلام نبي آگرو ۵ نومبر 1933ع ۾ ڪنڊيارو جي ڳوٺ محمد خان آگرو ۾ جنم ورتو هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان ورتي جيڪو تعليم کاتي ۾ استاد هو، هن 1957ع ۾نوشهروفيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ ڪئي، جنهن کان پوءِ حيدرآباد جي ڪاري موري ڪاليج مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ آرٽس ۾ بي اي ڪئي. هن لکڻ جي شروعات1953ع ۾ ماهوار نئي زندگي جي جوائنٽ ايڊيٽر کان ڪئي، هو 1959 ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو، کيس 1976ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جو پروائيس چانسلر مقرر ڪو ويو. غلام نبي آگرو1980ع ۾ ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ هن ڪراچي مان نڪرندڙ سنڌي اخبار هلال پاڪستان ۾ سنڌي ڪلچر، پسمنظر تي مضمون لکيا 1954ع کان 1960ع تائين سندس ڪهاڻيون آبحيات جي صورت ۾ ٽي ڀيرا شايع ٿيون، غلام نبي آگرو 1984ع ۾ اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، کيس ۶ سالن کانپوءِ لاهور ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ فارڪلچر ۽ ريسرچ اداري جي اضافي زميداري ڏني وئي، کيس فيڊرل پبلڪ ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. هو 1996ع ۾ رٽائرڊ ٿيو، جنهن بعد حڪومت کيس تمغه امتياز جو اعزاز ڏنو ۽ صدر پاڪستان کيس حسن ڪاڪردگي جي اعزاز سان نوازيو، غلام رباني آگري سارڪ ملڪن ۾ پاڪستان ۽ ڍاڪا جي وفدن جي اڳواڻي پڻ ڪئي هن ٻه ڀيرا چين ۽ ايران وڃي وفدن جي اڳواڻي ڪئي، سندس لکڻيون، هندي، اردو پنجابي ۽ چيني ٻولي سميت ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، سندس لکيل ڪتاب”جهڙا گل گلاب جا “ سنڌي ادبي بورڊ پاران ٻه جلدن ۾ شايع ڪيا ويا، هو محتسب اعليٰ سنڌ پڻ رهيو، غلام رباني آگرو سنڌي لينگوج اٿارٽي جو چيئرمين پڻ رهيو. هن ڪيترائي ڪتاب پڻ لکيا غلام رباني آگرو جي وفات کان پوءِ سنڌ جي ادبي لڏي ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي آهي. سنڌ جي اديبن حميد سنڌي، نصير مرزا، زوار نقوي، انعام شيخ، ذوالفقار هاليپوٽو ۽ ٻين نامياري اديب، غلام رباني آگري جي لاڏاڻي کي ادبي دنيا جو وڏو خال قرار ڏيندي چيو آهي ته غلام رباني آگرو ادبي حوالي سان سنڌ ۽ سنڌ ٻولي جي وڏي خدمت ڪئي سندس لکڻين ۾ سنڌ جي ماڻهن جو درد سمايل هو کيس سنڌي ٻولي سان عشق هو، سندس ڇڏيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهجي. هن جو وڇوڙو سدائين دلين ۾ رهندو، غلام رباني آگري جي وڇوڙي جو نقصان نه صرف سندس خاندان جو آهي پر سنڌي ادب ۽ ٻولي جو پڻ وڏو نقصان آهي. ان موقعي تي ڪيترن سياسي، سماجي، سول سوسائيٽي جي ماڻهن مرحوم جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو بشڪريه عوامي آواز