’ترڪيءَ ۾ چار مسافر‘

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ’ترڪيءَ ۾ چار مسافر‘​

    ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
    سفرناما آئيني جيان آهن ۽ سفرنامن جي ذريعي اسين مختلف ملڪن جي سياسي، ثقافتي ۽ تاريخي حالتن کان واقف ٿيون ٿا. هر سياح جي سفرنامي لکڻ جو پنهنجو انداز هوندو آهي. اديب ۽ شاعر جي لکيل سفرنامي ۾ ادب ۽ شاعري جا شاهڪار نظر ايندا ته وري تاريخدان ۽ محقق جي سفرنامي ۾ تاريخي واقعن جو عڪس نظر ايندو. انهيءَ جي برعڪس سرڪاري ڪاموري جو سفرنامو ڪجهه مختلف نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر محبوب شيخ، اسان جي دوست جو ترڪي جو سفرنامو ”ترڪي ۾ چار مسافر“ ٻين سفرنامن کان ٿورو مختلف آهي. ڊاڪٽر شيخ بنان رک رکاءُ جي پنهنجي جذبات جي ترجماني ڪئي آهي ۽ ترڪي جون حالتون قلمبند ڪيون آهن. نه صرف ايترو پر تاريخي واقعن ۽ ترڪي جي سياست تي طبع آزمائي به ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو مون ڪوشش ڪئي آهي ته تاريخي واقعن، سن ۽ تاريخي ماڳ لکڻ ۾ ليکڪ کان جيڪي ڪميون پيشيون ٿي ويون آهن، انهن کي درست ڪري قارئين تائين صحيح معلومات پهچائجي. اهو سڀ ڪجهه مون ڊاڪٽر شيخ صاحب جي اجازت سان ڪيو آهي.
    دراصل ترڪي سان منهنجو تعلق تمام پراڻو آهي. آئون 1962ع آگسٽ جي مهيني ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪي ويو هئس. ترڪي زبان ۾ ٿيسز لکي تاريخ ۾ D.Litt جي ڊگري انقره يونيورسٽي ، مان 1967ع ۾ حاصل ڪيم. واپس موٽڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي شعبي تاريخ مسلم ۾ ليڪچرر جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي ابتدا ڪيم. 1972ع ۾ ٻيهر ريسرچ فيلو جي حيثيت ۾ استانبول ويس. اتي تحيقيق سان گڏوگڏ ٻه سال ڊپارٽمينٽ آف اردو ۽ پاڪستاني ڪلچر جو باني سربراهه مقرر ڪيو ويس. 1975ع ۾ پاڪستان اچڻ بعد مسلم هسٽري ڊپارٽمينٽ جو ايڪٽنگ چيئرمين ۽ ايريا اسٽڊي سينٽر جو انچارج ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويس. انهيءَ سان گڏوگڏ بحيثيت هيڊ، ڊپارٽمينٽ آف ماڊرن ترڪش لينگويج سنڌ يونيورسٽي ترڪي ٻولي به پڙهائيندو رهيو آهيان.
    1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي دور حڪومت ۾ پاڪستان جي سفارتخاني انقره ترڪي ۾ ايجوڪيشن ۽ ثقافتي ڪائونسلر مقرر ڪيو ويس. جتي ڊسمبر 1980ع تائين پنهنجا فرائض سرانجام ڏنم. دراصل ڀٽي شهيد جي دور حڪومت ۾ سنڌي اهل عِلم ۽ دانشورن کي لياقت مطابق حق مليا.
    جيئن ته ترڪن سان منهنجو والهانه تعلق رهيو آهي ۽ مون ويجهڙائي ۾ سندن مطالعو ڪيو آهي. ترڪ مسلمانن ۾ اها قوم آهي، جيڪا ڪڏهن به غلام نه رهي آهي. خلافت عثمانيه جو تابناڪ دور رهيو آهي. پندرهين ۽ سورهين صدي ۾ عثماني خليفا دنيا جا سپر پاور هئا ۽ ترڪن جو اقتدار ايشيا، يورپ ۽ آفريقا ۾ قائم هو. يورپ ان وقت مذهبي تنگ نظري، خانه جنگي ۽ جهالت ۾ غرق هو. انهيءَ جي برعڪس ترڪي ۾ قانون جي حڪمراني، انصاف، مذهبي رواداري ۽ صلاحيت جي بنياد تي هر فرد لاءِ ترقي جا رستا کليل هئا. اهو ئي سبب آهي جو ترڪن ۾ غلامانه ذهنيت رِتي برابر به ڪونهي. خلافت تحريڪ دوران هندستان جي مسلمانن خلافت عثمانيه کي بچائڻ لاءِ جنهن يڪجهتي ۽ محبت جو اظهار ڪندي لکين روپيا گڏ ڪري ترڪن جي مدد ڪئي هئي، اهو احسان اڄ به هنن نه وساريو آهي. زنده قومون ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندڙ دوستن کي هميشه ياد رکنديون آهن. اڄ به ترڪي ۾ پاڪستانين لاءِ ايترو ته احترام ۽ محبت آهي، جو ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسين يقيناً عظيم قوم جا فرد آهيون، جن کي ترڪي ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. دنيا ۾ ترڪي هڪ اهڙو ملڪ آهي، جتي پاڪستانين کي (Kardesh) ڪارديش يعني ”ڀاءُ“ سڏيو وڃي ٿو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون وڃن ٿيون. ڊاڪٽر شيخ صاحب جي سفرنامي ۾ به اهڙي محبت ۽ ورتاءُ جي جهلڪ نظر اچي ٿي. ”ترڪي ۾ چار مسافر“ هڪ معلوماتي سفرنامو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر شيخ صاحب پنهنجا مشاهدا بيان ڪيا آهن ۽ اتي جي تعليمي نظام جي باري ۾ لکيو آهي ۽ پنهنجي راءِ ڏني آهي.
    هتي آئون به ترڪي جي نظام تعليم جي باري مختصر طور ايترو عرض ڪندس ته ترڪي ۾ تعليم ترڪي ٻولي ۾ ڏني وڃي ٿي، پوءِ چاهي اها تعليم سائنس ۾ هجي يا ميڊيڪل جي مضمونن ۾. هر مضمون جا ڪتاب ترڪي ٻوليءَ ۾ دستياب آهن. ڪاپي ڪلچر جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. شاگردن سان لائبرريون ڀريون پيون هونديون آهن. رات جي ڏهين وڳي تائين شاگرد ويٺا پڙهندا آهن. اسڪولن ۾ شاگردن کي ٽن ڌارين ٻولين مان هڪ ٻولي پڙهڻ ضروري آهي. اهي ٻوليون آهن انگريزي، فرانسيسي ۽ جرمني ٻولي. اڪثر ائين هوندو آهي ته پيءُ فرانسيسي ٻولي پڙهيو، ماءُ جرمني ٻولي پڙهي ته سندن پٽ يا ڌيءُ وري انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪئي. يونيورسٽي ۾ داخلا جو امتحان، انٽري ٽيسٽ ميرٽ جي بنياد تي ٿيندو آهي، اتي ڪابه سفارش ڪونه هلندي آهي. ترڪي ۾ 96 سيڪڙو کان وڌيڪ پڙهيل لکيل ماڻهن جو ريٽ آهي. جڏهن آئون ترڪي ۾ هئس ته وزيراعظم سليمان ڊيميرل جي پٽ کي يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي سگهي، ڇاڪاڻ ته هن گهربل مارڪون ڪونه کنيون هيون، اُتي ائين نه ڪيو ويو جو وزيراعظم جي پٽ کي طاقت جي زور تي داخلا ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هجي. ترڪي ۾ قانون جي بالادستي آهي ۽ حڪمران ڪرپٽ يا رشوت خور هجن، مٿن ڪرپشن جا الزام لڳايا وڃن ۽ انهي جي باوجود اقتدار ڇڏڻ لاءِ تيار نه هجن- اهو ممڪن نه آهي. هتي دولت چند خاندانن جي قبضي ۾ ڪونهي. اليڪشن ۾ پروفيسر ۽ اعليٰ تعليم يافته دانشور به ڪامياب ٿي پارليامينٽ ۾ اچن ٿا. عام ماڻهو پڙهيل آهن ۽ اڪثريت اخبارن جو مطالعو ڪري ٿي. هرهڪ جو سياسي شعور آهي، اتا ترڪ باني ترڪيه جمهوريه جا شيدائي به ملندا ته پروفيسر نجم الدين ارباڪان جي اسلامي فلسفي ۽ اسلامي ذهن جا به نوجوان ملندا. ترڪي ۾ يا ته باعمل سچا مسلمان آهن يا آزاد ذهن رکندڙ منافق، رياڪار ۽ دوغلي قسم جا ماڻهو ورلي نظر ايندا. ماڻهن ۾ سياسي شعور سان گڏوگڏ ٽريفڪ جي قانون تي عمل ڪرڻ جو به شوق آهي. عدالتون آزاد آهن. پوليس عام ماڻهو جي تحفظ لاءِ آهي. واپاري هورڊنگ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ ڪونه ٿا ڪن. ڊرگ مافيا ۽ قبضا گروپ جو وجود ڪونه ملندو. هر ڪم وقت تي ٿئي ٿو. آئون ترڪي ۾ تقريباً 12 سال مختلف وقتاً ۾ رهيو آهيان. مون کي ياد ڪونه ٿو اچي ته ڪو 12 سالن ۾ 12 دفعا لوڊشيڊنگ ٿي هجي. شاندار روڊ ۽ شاندار بس سسٽم، انڊر گرائونڊ ٽرينون ۽ ريل گاڏيون جنهن ۾ سيٽ باءِ سيٽ مسافر ويٺل ملندا. بسن ۾ ڪنڊيڪٽر هوندا ئي ڪونهن، هر ڪو مسافر ڊرائيور جي ڀرسان رکيل دٻي ۾ ٽڪيٽ وجهندو ويندو آهي. بهرحال ترڪي هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ زندگي جو ڊسيپلين نظر ايندو، هر سياح ترڪي جو سير پنهنجي اينگل سان ڪري ٿو ۽ پنهنجا پنهنجا مشاهدا بيان ڪري ٿو. ڊاڪٽر محبوب شيخ به دلچسپ واقعا بيان ڪيا آهن ۽ قارئين لاءِ ڪافي معلومات مهيا ڪئي آهي.
    آئون ڊاڪٽر محبوب شيخ کي ترڪي جي سفرنامي لکڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. مون کي اميد آهي ته هن سفرنامي جو ٻيو ايڊيشن پهرين ايڊيشن کان به وڌيڪ دلچسپي سان پڙهيو ويندو، ڇاڪاڻ ته پاڪستاني، ترڪي ۽ ترڪ عوام جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ چاهيندا. جنهن لاءِ ڊاڪٽر محبوب شيخ صاحب جس لهڻي.

    بشڪريه روزانه عبرت
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ’ترڪيءَ ۾ چار مسافر‘

    برابر اڄ ڪل وري ترڪي ترقي جي شاراه تي آهي ۽ اسلام ڏانهن پڻ ٻيهر وڌي رهيو آهي۔ طيب ار دگان جا اسلام ڏانهن کيل اقدام ساراه ڄوگا آهن۔ الله تعالئ کان دعا آهي ته مسلمانن کي ترڪي ذريعي وري سلطنت عثمانيه جهڙي پليٽ فارم ميثر ڪري۔ آمين ادا ممتازاوهان جي مهرباني جو اهڙي ونڊ ڪئ۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ’ترڪيءَ ۾ چار مسافر‘

    جي ادا بلڪل توهان صحيع پيا چئو ....................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو