عظيم مدبر خاتون ۽ غريبن جي همدرد

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏5 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عظيم مدبر خاتون ۽ غريبن جي همدرد​

    [​IMG]
    ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
    اڄ محترمه بينظير ڀٽو، شهيدِ جهموريت جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي. ان موقعي تي سڄي قوم محترمه کي خراج تحسين پيش ڪري رهي آهي. دراصل زنده قومون پنهنجن محسنن کي نه وسارينديون آهن. پاڪستاني قوم به هڪ زنده قوم آهي ۽ اهو ڀٽو خاندان، جنهن پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ چئن عظيم فردن جي شهادت پيش ڪئي آهي، انهيءَ خاندان کي وسارڻ پاڪستان جي عوام لاءِ ممڪن نه آهي.
    محترمه بينظير ڀٽو ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو ساڻس والهانه پيار ڪندو هو. بينظير ڀٽو صاحبه ڏاڍي دانشمند هئي. هوءَ هڪ عالمي مدبر هئي ۽ دنيا جي چند مقبول ترين شخصيات ۾ سندس شمار ٿيندو هو.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص توجهه ڏني. پاڻ جڏهن ڏهن سالن جي هئي ته کيس ۽ صنم جا ستن سالن جي هئي، کي ڪوهه مري جي برطانوي بورڊنگ هائوس ۾ داخل ڪرايو ويو. ڀٽو صاحب چاهيو ٿي ته سندس نياڻين کي سخت زندگي گذارڻ جو تجربو حاصل ٿئي. بينظير ڀٽو پاڻ لکي ٿي ته: ”پهريون دفعو مون کي پنهنجو بسترو وڇائڻو پيو. بوٽ پالش ڪرڻا پيا ۽ ڏند صاف ڪرڻا پيا. انهيءَ کان علاوه بابا جي انسٽرڪشن مطابق اسان سان عام شاگردياڻين جيان سلوڪ ڪيو ويندو هو ۽ هاسٽل جي رولز جي خلاف ورزي جي صورت ۾ سزا به ڏني ويندي هئي“.
    پاڻ وڌيڪ لکي ٿي ته: ”والد محترم خط و ڪتابت ذريعي اسان جي سياسي تعليم به جاري رکي. جڪارته ۾ غير جانبدار ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس کان پوءِ بابا سائين اسان کي هڪ ڊگهو خط لکيو جنهن ۾ اقوام متحده ۾ سُپر پاورز جي خود غرضين ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جي لاتعلقي جي تفصيلات جو ذڪر ڪيل هو“.
    مطلب ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ننڍپڻ کان وٺي ڪاليج لائيف تائين محترمه بينظير جي سياسي تربيت ڪندا رهيا ۽ سياسي حالات ذهن نشين ڪرائيندا رهيا. محترم بينظير صاحبه پيپلز پارٽي جي بنياد رکڻ جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي بنيادي مقصد ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ تي به روشني وِڌي آهي.
    بينظير صاحبه جي سياسي تربيت جو اثر هو جو پاڻ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ تعليم دوران آڪسفورڊ يونيورسٽي ڊبيٽنگ سوسائٽي جي صدر منتخب ٿي. پاڻ ٽين خاتون صدر هئي ۽ برطانوي اخبارات سندس انهيءَ عهدي تي چونڊجڻ کي ڏاڍو ساراهيو. جلدي پنهنجي وسيع مطالعي ۽ قابليت سبب سندس شمار بهترين تقرير ڪندڙن ۾ شامل ٿي ويو. پاڻ صدر ٿيڻ کان اڳ يونيورسٽي جي خزانچي به رهي چُڪي هئي. هارورڊ يونيورسٽي جي گريجيوئيٽ هئي. اهو ئي سبب هو جو پاڻ جڏهن 35 سالن جي عمر ۾ 1988ع ۾ پهرين خاتون وزيراعظم بڻي ته ان وقت انهيءَ اعليٰ منصب جو پاڻ کي اهل ثابت ڪري ڏيکاريائين.
    محترمه بينظير ڀٽو نازو نعم ۾ پلجي وڏي ٿي ته وري ڀٽو صاحب کي جڏهن جيل ۾ وِڌو ويو ۽ سندس عدالتي قتل ڪيو ويو ۽ ڀٽو خاندان تي جيڪا آزمائش آئي انهيءَ جو به بهادري سان مقابلو ڪيائين.
    محترمه بينظير ڀٽو ٻه دفعا پاڪستان جي وزير اعظم رهي چُڪي هئي. ٻئي دفعا کيس مُدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو. کيس سياست جو وڏو تجربو ٿي چُڪو هو. اٺن سالن جي جلاوطني کان پوءِ پاڪستان اچڻ وقت کيس خبر هئي ته لِڪل هٿ سندس خون جا پياسا آهن. ليڪن هوءَ بيباڪ ۽ بهادر خاتون هئي. هن هر حالت ۾ عوام کان پري نه رهڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن دفعي هوءَ پُختي يقين سان آئي هئي ته عوام جي طاقت سان هوءَ نظام بدلائي پاڪستان کي ترقي يافته ملڪ بڻائيندي جيئن ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ جي نعري تي عمل ڪرائي سگهي. الله تعاليٰ کيس اعليٰ وصفن سان نوازيو هو ۽ ماڻهو سندس اشاري تي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ لاءِ تيار هئا. هوءَ عوام جي اميد ۽ آسرو هئي.
    18 آڪٽوبر 2007ع هوائي اڏي تي پهچي ۽ لکين ماڻهن کي ڏسي کيس يقين ٿي ويو هو ته هاڻي نظام بدلجڻ جو وقت قريب آهي. پاڻ غير جهموري قوتن جي سازشن کان به بي خبر نه هئي تنهنڪري اڳيئي وصيت لکي ڇڏي هئائين. ليڪن هو موت کان ڪڏهن به نه ڊني.
    فوجي حڪومت غير ملڪي سازش جي ڪري محترمه ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کي ختم ڪرڻ جو منصوبو بنايو هو. محترمه جي جلوس تي بم ڌماڪي سان حملو ڪيو ويو.
    جيتوڻيڪ محترمه ۽ پيپيلز پارٽي جي قيادت انهي بم ڌماڪي ۽ قاتلانه حملي مان بچي وئي. تنهن هوندي به 136 بيگناهه شهري جن مان اڪثريت پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي هئي شهيد ٿي ويا ۽ 450 ماڻهو زخمي ٿيا.
    اهو پهريون وارُ هو جيڪو بينظير صاحبه تي ڪيو ويو هو. غير جهموري طاقتن جو مقصد هو ته جيڪڏهن منصوبو ڪامياب ٿيو ته چونڊون ملتوي ڪيون وينديون ۽ جيڪڏهن محترمه هن خوني حملي مان بچي وئي ته ڊڄي ويندي ۽ اليڪشن مهم نه هلائيندي.
    آمريت جي علمبردارن لاءِ اهو قابل برداشت نه هو ته جهموري حڪومت چونڊجي اچي ۽ جنرل پرويز مشرف جي غير آئيني فيصلن
    کي رد ڪري.
    محترمه بينظير ڀٽو جي ڊڪشنري ۾ لفظ ’خوف‘ هوئي ڪونه. هو ڊڄي گهر ۾ نه ويٺي. هو حڪمرانن کي ٻڌائيندي رهي ته کيس ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت کي ختم ڪرڻ لاءِ 3 ڪروڙ روپيا طئه ٿيا هئا ۽ سخت سيڪيورٽي جو مطالبو ڪندي رهي. پنهنجي اليڪشن مهم جاري رکيائين. ٽن صوبن جا دورا ڪري اسلام آباد پهتي اُتان 27 ڊسمبر 2007ع تي لياقت باغ راولپنڊي جي عظيم جلسي ۾ اچي خطاب ڪيائين ۽ عوام کي اپيل ڪيائين ته هو قائدِ عوام جي ڌيءُ جو ساٿ ڏين ته جيئن پيپلز پارٽي جي منشور تي عمل ڪري غريب عوام جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ پاڪستان کي خوشحال بنايو وڃي.
    لياقت باغ وارو لکين ماڻهن جو جلسو ڏاڍو ڪامياب ٿيو ليڪن واپسي ۾ سنڌ جي نياڻي، پاڪستان ۽ اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيرِ اعظم ۽ پاڪستاني عوام جي محبوب ليڊر محترمه بينظير ڀٽو آپگهاتي حملي ۽ فائرنگ ۾ شهيد ڪئي وئي. ان بعد چند ڪلاڪن اندر جاءِ واردات کي پاڻي سان ڌوئي نشانات به مٽايا ويا. اهو ڪنهن جي حڪم سان ڪيو ويو، اڃا نه ٻڌايو ويو آهي. اهو سڀ ڪجهه هڪ راز آهي.
    شهيد راڻي جي شهادت کان فوري پوءِ سڄي ملڪ ۾ روڄ راڙو مچي ويو. لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا ۽ روئندا رهيا. هر صوبي جي هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر وسندي ۾ ماتم هو. پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، جيالا، ڪارڪن، ننڍا، وڏا، اهلِ علم، اهلِ قلم، صحافي، مختلف سياسي ليڊر، سِول سوسائٽي، دانشور ۽ لکين ماڻهن محترمه سان عقيدت رکندڙ جان نثار لڙڪ واهيندا رهيا ۽ پُڇندا رهيا ته آخر ڪهڙي ڏوهه جي ڪري هڪ عظيم عورت محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو. هيترو وقت گذرڻ کان پوءِ اڃا سوڌِي ڪا به خبر نه پئي سگهي آهي ته قاتل ڪير هئا. ملڪ ۾ 3 ڏينهن ڦر لُٽ ۽ انارڪي رهي. پوليس، فوج، ۽ رينجرس وارا نظر نه آيا سواءِ مخصوص جڳهين جي 100 ارب روپين کان وڌيڪ نقصان جو تخمينو لڳايو ويو آهي. ليڪن ائين ڇو ڪرڻ ڏنو ويو، انهيءَ جو جواب ڪير به نه ٿو ڏئي.
    18 فيبروري 2008ع تي عوام آمريت جو ساٿ ڏيندڙن کي شڪست ڏيئي پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ آمريت مخالف سياسي پارٽين کي کٽايو ۽ اهڙي طرح ’جهموريت ئي بهترين انتقام آهي‘ صحيح ثابت ٿيو. هاڻي نظام تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چونڊيل حڪومت تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه شهيدِ جهموريت جو ڇڏيل اڌورو مشن مڪمل ڪري ته جيئن عوام سُک جو ساهه کڻي سگهي ۽ هر ضرورت مند ’اٽو، لٽو ۽ اجهو‘ حاصل ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ڪردار ادا ڪري سگهي.
    دشمنن جا ناپاڪ منصوبا آهن، ملڪ مالي بحران ۾ مبتلا آهي، عوام مهنگائي ۽ بيروزگاري کان پريشان آهي. دهشت گرد اسلام جي نالي تي بيگناهه ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن ۽ پاڪستان دشمن قوتن جا آله ڪار آهن. سندن مِشن پاڪستان کي نقصان پهچائڻ آهي ۽ ملڪ ۾ فتنو ۽ فساد ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻو آهي. دهشت گرد پنهنجن منصوبن ۾ ڪامياب نه ٿيندا انشاالله. انهن سڀني خرابين جي هوندي به اسين نااميد ڪو نه آهيون. پاڪستاني قيادت خاص طرح محترم آصف علي زرداري ۽ پيپلر پارٽي جا ٻيا اڳواڻ ميان نواز شريف ۽ ٻيا وطن دوست ليڊر گڏجي ملڪي مسئلا حل ڪندا ته جيئن پاڪستان دشمنن جا ناپاڪ منصوبا خاڪ ۾ ملائي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهن ته جيئن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو غريب عوام جي خدمت ڪرڻ جو خواب پورو ٿئي

    بشڪريه روزانه عبرت
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عظيم مدبر خاتون ۽ غريبن جي همدرد

    اڙي موت ميار ايڏو ساڙ سڳنڌ سان

    هن عظيم شخصيت تي لکڻ لاء مون وٽ ته اهڙا لفظ ڪونهن جن سان کيس ڀيٽا ڏجي۔ سواء هيٺين سٽن جي:

    اسين جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ، ته ماڻيندا منزل سندا ڍول ڍاٽي
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو