عورت طبقي سان قهري ڏاڍ جو انت ڪڏهن ايندو؟ محمد بخش ڏاهري ايڪهين صدي ۾ پهچي ويل سنڌي سماج تيزيءَ سان ان اونداهي دور ڏانهن هليو ويو آهي، جنهن ۾ وحشت، جهالت، طاقت کي ئي سڀ ڪجهه سمجهيو ويندو هو. انساني قدر نه هئا، نه ماڻهپي جا ماپا هئا. جنهن کي جيئن وڻندو هو تيئن ڪندو هو. وقت جي سفر ۾ سنڌي قوم سائنس جي صدي ۾ داخل ته ٿي ويئي پر وٽس اهو وکر تي موجود ڪو نه هو، جيڪو سندس وقار وڌائڻ جو سبب بڻجي ها. ڪاريءَ جي اڏي تي قربان ٿيندڙ جانيون هجن، بدي جي رسمن ۾ قيد ڪيل وجود هجن يا مدي خارج رسمن ۾ وڪوڙيل حياتيون هجن. سڀ ڪجهه ته ساڳيو آهي، جيڪو اونداهي دور ۾ ٿيندو هو. انا پرستي جي آگ ۾ ڪيئن وجود ڀسم ٿي وڃن ٿا، پر مرداڻي معاشري جي فرسوده رسمن جو انت نه ٿو اچي. اسين دنيا لاءِ ڀلي ڪيڏا مهذب، عقلمند، تعليم يا فته بڻجي وڃون، پر جيڪڏهن اسان جي سماج جي عورت آزاد نه آهي ۽ ان کي انساني ۽ بنيادي حق حاصل نه آهن، ته اسان جي ترقيءَ ڏانهن کنيل هر وک بيڪار آهي. جيستائين اسان جي اندر جو انسان جهالت جي انڌيري مان نه ٿو نڪري، تيستائين اسان جو شعور ٻٽ اونداهه مان ڪڏهن به نڪري نه سگھندو، جنهن سوچ اسان کي زماني کان ڌار ڪري ڇڏيو آهي. دنيا جي انقلابن ۾ عورت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس ڪردار هراول دستي وارو نظر اچي ٿو. سنڌ ۾ ماضيءَ ۾ عورتن جي حڪمراني ديس لاءِ ڪيترين تبديلين جو سبب بڻي. دنيا ۾ توڙي مذهبن ۾ عورت کي مٿاهون مقام حاصل آهي. مذهب اسلام ۾ به عورت کي وڏو درجو عطا ڪيو ويو ۽ حديثن ۾ اهي حوالا به ڏنا ويا، ته جنهن گھر ۾ نياڻي پيدا ٿئي ٿي، ته ان جي والدين لاءِ جنت جا دروازا کلي وڃن ٿا، شرط اهو آهي ته والدين ان جي صحيح نموني تربيت ڪن. حضرت بي بي فاطمه عه کي جنت ۾ عورتن جي سردار جو خطاب عطا ٿيو. هوءَ جڏهن پنهنجي پيءُ جي گھر ايندي هئي ته نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن پيءُ ڏسو صفحو 7 هئڻ باوجود سندس احترام ۾ اٿي بيهندا هئا. قرآن جو وڌ کان وڌ احترام ڪندڙ سنڌي ماڻهن کي هٿ ٺوڪين ملن ڪڏهن به اهو نه ٻڌايو ته مذهب عورت کي ڪهڙو درجو عطا ڪيو آهي. ويتر کين جهالت ڏانهن ڌڪي اهو فرمان جاري ڪيو ته عورت گھر کان ٻاهر قطعي نه نڪري ان جي هر حق جو وارث مرد هجي. هوءَ جيڪڏهن اک کڻي ڪيڏاهن نهاري ته قيامت جي ڪاري ٿيندي، باقي مرد ڀلي گناهن ۾ غرق هجي ته به پرواهه ناهي. سنڌي سماج ۾ ست قرآن سمجهي ويندڙ عورت کي ڪڏهن رسمن جي انگاس تي ٽنگيو ويو آهي. سنڌ ۾ ڪو ڏينهن اهڙو نه ٿو گذري جنهن ۾ عورت جي معصوم وجودن مٿان قيامت نه ڪڙڪندي هجي. پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ روز ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿين ٿا. جيڪي سنڌي سماج جي مهذب پڻي تي دانگي مليندا رهن ٿا، پر اسان انهن واقعن پڙهڻ ۽ ٻڌڻ جا اهڙا عادي بڻجي ويا آهيون، جو اسان جي اندر جي ڪا به حس ان عورت جي درد کي سمجهڻ کان لاتعلق بنجي وڃي ٿي، جيڪا ظلم جي چڪي ۾ پيسجي فنا ٿي وڃي ٿي. صوفين بزرگن جي سنڌ ۾ ڪيئن اهڙا دل ڏاريندڙ واقعا اخبارن ۾ رپورٽ ٿين ٿا، پر اسانجون دليون قطعي نه ٿيون دهلجن. سنڌ ۾ ڪيترين جاين تي عورتن سان اهڙا ڪلور به ٿين ٿا، جيڪي جهالت واري دور کي به شرمائي ٿا ڇڏين. باڊهه لڳ کهڙي ڳوٺ جي ميربحر برادري سان تعلق رکندڙ (خ) ساڻ ٿيندڙ ظلم کي اخبار رپورٽ ڪيو آهي ته مڙس ٻي نياڻي ڄمڻ تي پنهنجي گھرواريءَ مٿان ايترو ته ڏمر جي پيو جو ان انسانيت جا ليڪا لتاڙي حيواني روپ اختيا ڪيو، ۽ ست قرآن سمجهي ويندڙ ان عورت تي گڏهه جا سنج رکي وات ۾ لغام هڻي جسم تي چهڪ ڏنا. پنهنجي ننگ جي تذليل ڪندي هي تر برابر به ڪونه لرزيو. اسان جي عظيم شاعرن ته اسان کي اهو پيغام ڏنو؛ هڪ جوءِ ٻي جوءِ، ڇڏين ڪين جوان اهڙا انسان، ننگن تان نثار ٿيا پر هيءَ اها سنڌ ته آهي، جنهنجو خاڪو اسان جي ذهن ۾ آهي. صوفين جي سنڌ وحشت جو ڏيهه بڻائي ويئي آهي. ان تي تاريخ تي سرهاڙيءَ ڀرسان ڳوٺ ستار بروهي ۾ 8 سال نينگري شهربانو ڀٽي جي زوري نڪاح جو واقعو به منظرعام تي آيو. پوليس والدين، گھوٽ ۽ سندس پيءَ کي گرفتار ڪيو ۽ سرهاڙي ٿاڻي تي کڻي آئي. مون ان نابالغ ناريءَ سان ملڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا ناڪام ٿي. پوليس هن دردناڪ واقعي مان پئسا ميڙي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئ. پر اسان جي ٿوري ڪوشش ان معاملي کي ڪورٽ تائين پهچائي ڇڏيو آهي. اسان ماڻهو ٿوري ڪوشش ڪريون ته پنهنجي سماج ۾ انسان نما بگھڙن جو مقابلو ڪري سگھون ٿا. ان ئي تاريخ تي اخبار جي فرنٽ پيج تي وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ عرفانه ملاح جو فوٽو به ڇپيو آهي. جنهن ۾ يونيورسٽي جي استادن پگھارن ۾ واڌ نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو آهي. فوٽو ۾ وومين ايڪشن فورم جون مک اڳواڻ موجود آهن، مون کي اها ڳالهه ان ڪري ياد آئي ته وومين ايڪشن فورم سنڌ ۾ عورت جي سجاڳي لاءِ اڳواڻي ڪئي آهي. ٻه مهينا اڳ ان فورم شهداد ڪوٽ ۾ عورتن جو وڏو جلسو ۽ ريلي ڪڍي هئي. اهو شهر توڙي باڊهه اتر سنڌ ۾ آهي، جتي مخصوص روايتون عورتن جي اڳڀري ٿيڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. سنڌ ۾ هونئن به طبقاتي سماج چڱي خاصي تباهي ڪئي آهي، ته اهڙي نظام۾ عورت ڪيئن اسري اڳتي وک وڌائي جڏهن وک وک تي ويٺل واسينگ کيس ڏنگڻ لاءِ تيار هجن. مون کي اها خبر ناهي ته وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻ عورتن جي نظرمان ان واقعي جي سرخي گذري يا نه، پر گھٽ ۾ گھٽ اهو ته فرض ۾ شمار ٿئي ٿو ته هو جيڪڏهن عورتن جي اڳواڻي جي دعوا ڪن ٿيون ته اهڙن اذيت ناڪ واقعن جا ڊاڪومينٽري پروف هٿ ڪري انهن کي عدالت ۾ کڻي اچن. ٿي سگھي ٿو عدالت ۾ ويٺل جج پنهنجو پاڻ کي مرداڻي معاشري کان الڳ ڪري عورت جي حق ۾ ڪو فيصلي ڏيئي وجهن. باقي عورت کي حق تيستائين ملڻ ناممڪن آهي، جيستائين هوءَ خود احتجاج لاءِ تيار نه ٿئي. سنڌ جي تعليم کان محروم عورت لاءِ به اها ڳالهه ناممڪن آهي ته هو ڪو احتجاج ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته سنڌي سماج جي ٻهراڙين ۾ جيڪا به عورت احتجاج ڪرڻ جو سوچي ٿي تنهن کي ڪاريءَ جي سوليءَ تي قربان ڪيو وڃي ٿو. اسان جي اکين جي آڏو روزانو ڪيترا اڇا اجرا وجود ان قهري رسم جو کاڄ بنجي وڃن ٿا، ۽ عورت کي سزا اهو مرد ڏيئي ٿو، جيڪو اندر ۾ انا پرستي جي نانگ کي نپائي ٿو، مرد ڀلي ڪجهه به ڪندو رهي پوکيس سزا ڏيڻ وارو ڪير به ناهي. اسين روزانو ٽرينن، بسن، سوزڪين ۾ اهڙا منظر ڏسندا آهيون، جنهن ۾ مردن جون عقابي نگاهون عورتن جو پيڇو ڪن ٿيون، کين تنگ ڪرڻ، اک ڀڃڻ، يا اڻ وڻندڙ جملا ڳالهائڻ معمول بنجي ويو آهي. ساڳئي ريت نوڪري ڪندڙ عورتون وڏي عذاب مان گذرن ٿيون. پنهنجي سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي جيترو بدنام ڪيو ويو آهي، جو هاڻي ماڻهن جو هن مقدس پيشي تان ارواهه کڄي ويو آهي، هن پيشي لاءِ بدناميءَ جو ڪارڻ بنجي ويل ايل ايڇ ويز مردن جي ڄار ۾ ڦاسي سندن حوس جو شڪار ٿين ٿيون. منهن تي مهذب پيشي جا ماسڪ سجائيندڙ مرد انهن بيوس عورتن سان ڪريل حرڪتون ڪن ٿا. ساڻن ريپ ڪري، وڊيو ڀري کين بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو. ظاهر آهي اهڙي صورتحال ۾ عورت لاءِ زندگي جهنم بنجي وڃي ٿي. ڪي عورتون خود اعتمادي جو مظاهرو ڪندي، اهڙن بليڪ ميلر درندن جي ڄار ۾ نه ٿيون ڦاسن ته سندن زندگي اذيتناڪ بنائي وڃي ٿي. عورتن سان ويڌن جون ڪيئن ڪٿائون رقم ته ٿينديون رهن ٿيون پر سندن ڀرپور آواز کي اڀرڻ نه ٿو ڏنو وڃي. ذڪر ڪيل واقعا هفتي ڏيڍ ۾ ماڻهن جي ذهن تان لهي ويندا ڇاڪان ته هاڻي سنڌ ۾ اهو دستور بنجي ويو آهي ته هر اڀرندڙ سج عورت لاءِ عذاب جو نئون اعلان ساڻ کڻي اچي ٿو. اسان جي سنڌ ۾ ويهه سيڪڙو به باشعور عورتون نه هونديون، جيڪي پنهنجن حقن کي سمجهنديون هجن ۽ مرداڻي معاشري جي فرسوده رسمن خلاف سراپا احتجاج هجن. سنڌ ۾ عورتن جي اڳتي وڌڻ ۾ خود اسين رڪاوٽ بڻيل آهيون. ڇاڪاڻ ته اسان نه فقط انائون پاليون ٿا، پر زميني حقيقن جا به انڪاري بنجي وڃون ٿا. ڪنهن به مذهب سان واسطو رکندڙ فرد انهن اصولن کي اپنائي ٿو جيڪي عورت کي رسمن ۾ سوگھو ڪرڻ جو سبب بنجن ٿا. هڪ ٻئي کان لاتعلق بنجي ويل اسان ماڻهو خيالي پُلائن جي دنيا ۾ رهون ٿا. اسان وٽ اصول قائدا رسمون رواج رهڻي ڪهڻي اها هجي ٿي، جيڪا عورت کي مڪمل غلام بنائي ڇڏي ٿي. اهڙين حالتن ۾ اسان کي ڪو حق نه ٿو پڄي ته اسين ترقي يا فته فرد سڏايون ڇاڪاڻ ته اسان جي عورت گھر جي چوديواري ۾ رسمن جي سنگھرن ۾ قيد آهي. اسان کائنس ڳالهائڻ ۽ احتجاج جو حق ڦري ڇڏيو آهي، پوءِ منجهائس ستر سلامت رکڻ جي اميد ڪريون ٿا. ظلم جنهن جاءِ تي ٿئي آواز اٿارڻ ۽ ان خلاف احتجاج ڪرڻ اسان جو بنيادي حق آهي. انڪري سنڌ ۾ طبقاتي سماج جي فرسوده روايتن جو عذاب ڀوڳيندڙ عورت جو اسان رستو روڪي ڇڏيو ۽ کيس بنيادي اخلاقي قانوني مذهبي ۽ انساني حق نه ڏنا ته هوءَ سڀاڻي هڪ شعلو بنجي اسان جي مدي خارج روايتن کي ڀسم ڪري سگھي ٿي. سنڌ اها ئي تقاضا ڪري ٿي ته سنڌ ۾ ان مرداڻي معاشري ۽ طبقاتي سماج جتي مڪمل خاتمي لاءِ اسان کي اڳڀرو ٿيڻ گھرجي. اهو به سوچڻ گھرجي جيڪڏهن اسان عورت کي برابري جو درجو نه ڏنو ته سڀاڻي اسان جي مهذب پڻي جو پردو لهي ويندو. بشڪريه عبرت